[JUSTIFY] وَرُ: آآآآآآآآآآ آخر خواب سچو ٿي ويو! وِني: تون چاهين ٿو ته توکان دور ٿي وڃان؟؟!! وَرُ: نه نه! ٻيهر ائين نه چئجان!! وِني: تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟؟! وَرُ: بلڪل!!!! وِني: تون ڇا ڀلا مونکان پري ٿيڻ جو سوچي سگهين ٿو؟؟!!! وَرُ: نه! بلڪل نه!! وِني: مون کي مُٺي ڏيندين؟! وَرُ: هائو بلڪل! اهو به تنهنجي ڳلن تي۔ وِني: ڀلا تون ڪڏهن به مونکي مار ڏيڻ جو سوچي سگهين ٿو؟؟!! وَرُ: نه! مان اهڙن مردن مان ناهيان!! وِني: ڇا مان توتي اعتبار ڪري سگهان ٿي؟!! وَرُ: ها ها ۔۔۔ وِني: اوووو منهنجا پيارا!!! شاديءَ جي هڪ سال کان پو سندن ٻئي ڪچهري هلي رهي هئي!! ڀلا ٻڌايو ته ڪهڙي؟[/JUSTIFY] هاڻ اوهان هيٺان کان مٿي پڙهي وڃو، ۽ پنهنجا خوبصورت رايا ضرور ڏجو۔۔۔ هاهاهاهاها
جواب: شاديءَ جي رات وَرَ ۽ وِنيءَ جي ڳالھ ٻولھ!! اڙي يار طاهر اهو ابتو پڙهائي مارائيندي ڇا ؟؟؟ لڳي ٿو سڀ دوست ڪجهه عجيب تجربن مان گذريا آهن ۔۔۔۔۔۔۔
جواب: شاديءَ جي رات وَرَ ۽ وِنيءَ جي ڳالھ ٻولھ!! ها ها ها ها ۔۔۔۔ مطلب هڪ سال ۾ ئي اهڙي حالت، شڪر آ پنهنجي اڃان اهڙي حالت ناهي ٿي ۔۔۔ ممڪن پري رهڻ ڪري ۔۔۔ پر مونکي کل ٿي اچي، جيڪي دوست مسلسل پنهنجن زالن سان گذارين ٿا ۔۔۔ وڏي دل اٿن ابا ۔۔؟؟؟؟ طاهر ادا ۔۔۔ سڪي جا ٻه رخ آهن جيئن اوهانجو ليک ۔۔۔ مٿان کان هيٺ ته هڪ جي هيٺ کان مٿي ته ٻيو ۔۔ الامان
جواب: شاديءَ جي رات وَرَ ۽ وِنيءَ جي ڳالھ ٻولھ!! اهڙي شئي گهرواريء ڏيکارجي ئي نه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جنهن مان گهر ۾ جهڙو ٿئي بهترين ونڊ
جواب: شاديءَ جي رات وَرَ ۽ وِنيءَ جي ڳالھ ٻولھ!! اهو ليک پڙهي ٽهڪ نڪري ويا ۽ مون واري زال پُڇي پئي ڇا ٿيو اٿئي ڙي؟ لڳي ٿو ڪل ٿڙي وئي!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!
جواب: شاديءَ جي رات وَرَ ۽ وِنيءَ جي ڳالھ ٻولھ!! سائين طاهر صاحب ننڍا هوندا ها سين اسان جومامو هوندو هو الله ان مرحوم کي جنت نصيب ڪري اهو ڪئي ڳالهيون بُڌائيندو هو ان ۾ هڪ هي ڳالھ به ٻُڌائيندو هو ابا ڏاڏ هڪ همراه شادي ڪئي ستواڙي تي وڃي رهيو ته رستي تي کڏو هو ان نئين گهرواري کي هٿ مان وٺي وڌي پيار سان چيو او منهنجي جان خيال ڪجو آرام سان آرام سان کڏو آهي جان کي ڪو ٿاٻو نه اچي وڃي ۔ٻن سالن کان پوءِ ان همراه جو وري اتان گهرواري سان گڏ گُذَر ٿيو۔ همراه گهرواري کي چيو هتان خيال سان جان پر هٿ ۾ هٿ نه وڌائين جان متان ڪري پوين ) ڪالھ ٿاٻي جو به خيال هو سو به ويندورهيوڪجھ سالن کانپوءِ وري اتان گذر ٿيو ته چيائينس خيال ڪجان مري نه پوين وري ڪجھ سالن کانپوءِ گذرٿيو ته چيائينس مرين به نه ٿي جو جان ڇُٽي پوي ۔
جواب: شاديءَ جي رات وَرَ ۽ وِنيءَ جي ڳالھ ٻولھ!! ادا طاهر۔۔۔ اوهان جو تجربو ڏاڍو مزيدار آهي۔۔۔ پاڻ کي 5 سال ٿيڻ وارا آهن پر اهڙي حالت نه ٿي آهي۔۔ هههههه
جواب: شاديءَ جي رات وَرَ ۽ وِنيءَ جي ڳالھ ٻولھ!! ادا طاهر ڳالھ سچي آهي۔ هڪ همراھ جا چپ سڙيل هئا ته۔ هڪ دوست پڇيس ته: ڪر خبر چپ ڪيئن سڙيا؟ همراھ جواب ڏنو ته: زال کي مائٽن ڏي موڪلڻ لا ريل گاڏي ۾ ويهاريم خوشيءَ ۾ ريل گاڏيءَ جي انجڻ کي چمي ڏئي ويٺس۔
جواب: شاديءَ جي رات وَرَ ۽ وِنيءَ جي ڳالھ ٻولھ!! ها ها ها لاجواب ونڊ آهي خاص طور تي ابتو پڙهي ڪري لطف اندوز ٿيس سدائين گڏ
جواب: شاديءَ جي رات وَرَ ۽ وِنيءَ جي ڳالھ ٻولھ!! مهرباني ادا معظم ، ڪجھ لکو ها ته اسان به کِلون ها سائين۔۔۔
جواب: شاديءَ جي رات وَرَ ۽ وِنيءَ جي ڳالھ ٻولھ!! هاهاهاهاها ادا عرس ڇا ٿيو؟ اوهان ڇو ڏسائيندءُ سائين ۔۔۔