سائين طاهر صاحب ننڍا هوندا ها سين اسان جومامو هوندو هو الله ان مرحوم کي جنت نصيب ڪري اهو ڪئي ڳالهيون بُڌائيندو هو ان ۾ هڪ هي ڳالھ به ٻُڌائيندو هو ابا ڏاڏ هڪ همراه شادي ڪئي ستواڙي تي وڃي رهيو ته رستي تي کڏو هو ان نئين گهرواري کي هٿ مان وٺي وڌي پيار سان چيو او منهنجي جان خيال ڪجو آرام سان آرام سان کڏو آهي جان کي ڪو ٿاٻو نه اچي وڃي ۔ٻن سالن کان پوءِ ان همراه جو وري اتان گهرواري سان گڏ گُذَر ٿيو۔ همراه گهرواري کي چيو هتان خيال سان جان پر هٿ ۾ هٿ نه وڌائين جان متان ڪري پوين ) ڪالھ ٿاٻي جو به خيال هو سو به ويندورهيوڪجھ سالن کانپوءِ وري اتان گذر ٿيو ته چيائينس خيال ڪجان مري نه پوين وري ڪجھ سالن کانپوءِ گذرٿيو ته چيائينس مرين به نه ٿي جو جان ڇُٽي پوي ۔