ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ٻولين جي تاريخ تي مٿاڇري نظر وجهڻ سان معلوم پوندو ته ”فطرتي اصولن موجب هنن اندر زندگيءَ جي هر خاصيت سان گڏ موت جو پاڇو پڻ موجود رهي ٿو، هڪڙيون ٻوليون خد ٻين ٻولين مان ڦٽن ٿيون، ۽ وڌن ويجهن ٿيون، پنهنجو پاڻ اندر حالتن تحت مسلسل تبديليءَ جي عمل مان گذرندي جوڀن ۽ وڏي تعداد ۾ علمي طاقت ماڻين ٿيون، ٻين ٻولين کي ذخيرو ڏيڻ ۽ وٺڻ ٿيون، ڪڏهن ته ڄاول ٻوليون ٻين ٻولين کي جنم به ڏين ٿيون، پوء انهن ٻولين ۾ ڪي نيون ٻوليون آهن ته ڪي پراڻيون، ڪي ته وري انهن ۾ به قديم ٻوليون آهن ۽ انهن قديم ٻولين مان سنڌي ٻولي به هڪ قديم ٻولي آهي، سنڌي ٻوليءَ جو شمار پاڪستان جي وڏين ٻولين ۾ ٿئي ٿو، جيڪا پنج ڪروڙ کان مٿي ماڻهو ڳالهائي ۽ سمجھي سگھن ٿا، ان ۾ لکڻ وارن جي تعداد وڃي ٿيندو چار ڪروڙ ھي ھن خطي جي قديم ٻولي آھي، سنڌي ٻولي نه صرف پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ پر دنيا ٍي ٻين ملڪن ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي جنهن ۾ هندستان امريڪا ۽ برطانه به شامل آهن، سنڌي ٻولي کي پنھنجي شاھوڪار ثقافت جو وسيع پس منظر۽ لوڪ ادب آھي، هن ٻولي کي پنهنجورسم خط موجود آهي، ۽ هاڻ اسان لاء اهيو ضروري ٿئي پيو آهي ته سنڌي ٻولي کي ايڪيهين صدي جي سڀني کان اهم پليٽفارم يعني ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي ترقي وٺرايون جنهن لاء اسان سڀني کي ڪم ڪرڻو آهي، هون ته سنڌي ٻولي تي انٽر نيٽ تي تمام سٺو ڪم ٿئي رهيو آهي، جنهن لاء مون کي تمام گهڻي خوشي آهي، ۽ انٽرنيٽ تي تمام گهڻيون سنڌي سائيٽون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن( پوء انهن ۾ ڪي ننڍيون سائيٽون آهن ته ڪن وري پنهنجا بلاڪ ٺاهيه آهن ) جيڪي تقريبن چار سال پهرين نه هيون، مگر انهن تمام سائيٽن مان مون کي هي سائيٽ سنڌ سلامت تمام گهڻو پسند آهي، اهو ان لاء ته هي واحد سائيٽ آهي جنهن ۾ هر موضون تي ڪم پيو ٿئي،۔۔۔۔۔۔۔۔مذهب کان وٺي سنڌي ادب، تاريخ ٻولي، ۽ ڪمپيوٽر جي جديد معلومات تائين۔سائين جادوگر صاحب اوهان کي سلام آهي، بلڪِ مان ته چوندس ته اهو پروجيڪٽ ( آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر جو اضافو ڪري ) اوهان ٿوري وقت ۽ ڪافي محنت سان ڪري ساري سنڌ سلامت جي ٽيم ۽ سنڌي ٻوليءَ تي وڏو احسان ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔يقينن هاڻ اهي نوجوان جيڪي واقعي ڪجھ وقت اڳ بلاگز ٺاهي ماٺ ڪري ويهي رهندا هئا، يا جن کي ٽيڪنيڪل پرابلمس درپيش ٿيندا هئا انهن لا هي وِک انتهائي سٺو سوڻ ۽ وڌيڪ اڳتي اچڻ لا مڪمل رهنمائي ثابت ٿيندو۔۔۔
ان کان پوء هر روز هت ڪمپيوٽر ۽ سائنس جي جديد معلومات پڻ اسان جي پنهنجي ٻولي ۾ ڏني وڃي ٿي، جنهن جو سهرو يا مڃتا (ڪريڊٽ ) اسان جي دوست محترم رشيد سمون صاحب جن ڏانهن وڃي ٿو۔۔۔ رشيد صاحب هڪ اڻ ٿڪ محنت ڪندڙ سان گڏ هڪ جاکوڙي ۽ کوجي پڻ آهن ، ۽ کوج ڪندي هر روز اسان لاء جديد معلومات جو هڪ نئون خزانو اسان اڳيان پيش ڪن ٿا، رشيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ باوقار پر عتماد، سمجهدار، صبر ۽ برداشت ڪرڻ وارا گهري سوچ رکندڙ شخص آهن، مون کين ڪنهن به موضون تي ڳالهائيندي ڪڏهن به هچڪائيندي ناهي ڏٺو، پاڻ جڏهن به سنگت سان ملندا آهن ته محبت ۽ پاٻوهه سان ملندا آهن، مون پاڻ اهيو ڏٺو آهي ته پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌي ٻولي جي هن سنڌ سلامت جي فورم رستي خدمت ڪندا رهن ٿا، مان پنهنجن ڪجهه مجبورين جي ڪري ڪافي عرصو سنڌ سلامت جي فورم تي اچي نه سگهس جنهن جي ڪري سنڌ سلامت جي ڪافي دوستن سنڌ سلامت تي پنهنجون( مون لاء) محبتون ڏيکاريون جنهن جو ذڪر هيٺ ڏنل عنوان سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر محترم ممتاز وگهيو کي جنم ڏينهن جون واڌايون ۾ آهي ، مگر توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته منهنجي سنڌ سلامت جي فورم تي نه اچڻ جي ڪري پاڻ منهنجي غريب خاني تي پير ڀري آيا جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، جنهن لاء سندس ٿورا۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت کي سنوارڻ ۾ اسان جي ٻين سنڌ سلامت جي دوستن جو به ساٿ رهيو آهي، جن سنڌ سلامت جي مختلف عنوانن تي ڪم ڪري سنڌ سلامت کي معلومات جو هڪ وڏو ( ننڍي پيماني تي انسائيڪلوپيڊيا )خزانو بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ادب شاعري صلاح مشورو، کل ڀوڳ، مذهب، سائنس، ڪمپيوٽر تاريخ فلسفو، شاهه جي فڪر تي ڪم، سنڌي ڪتابن جو خزانو پڇڻا نه مجهڻا جهڙو صدقيه جاريه وارو ڪم، حالات حاضره جي معلومات شامل آهي۔۔۔۔نهن دوستن يا سنڌ سلامت جي ساٿين ۾ هي نالا سرفهرست آهن محترم سائين نثار ابڙو صاحب، محترم سائين نثار ناز صاحب، سائين محترم سليمان وساڻ صاحب ، محترم عاشق سولنگي صاحب، محترم طاهر سنڌي صاحب، محترم اسدالله ميرجت (مست صاحب ) ، محترم دل گهريو دوست ڏاڏل شينو صاحب، محترم ڦلپوٽو فقير صاحب، سائين محترم رحيم بخش صاحب،عرس پريو صاحب، عمران درويش صاحب شامل آهن،
ادا رشيد صاحب توهان سنڌ سلامت تي آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر جو اضافو ڪري اسان جهڙن نون سيکڙاٽ ماڻهن لاء هڪ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي، ادا منهنجي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ توهان کي اڃان به جديد معلومات سان پرُ ڪري جو توهان ان معلومات کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل سنڌين تائين پهچايو ٿا اها به بغير ڪنهن معاوضي جي جنهن لاء مان ته اهيو چوندس ته ادا توهان جو هي ڪم به صدقيه جاري آهي، دعا آهي ته رب پاڪ توهان جو هي صدقيه جاري قبول فرمائي ۽ توهان کي ان جو بهترين اجورو عطا ڪري دنيا و آخرت ۾ آمين۔۔ آخر ۾ مان توهان تمام سنڌ سلامت جي ساٿين جو شڪرگذار آهيان جن منهنجي غير موجودگي ۾ به مون محبتن ۾ ياد رکيو، سنڌ سلامت جا ساٿيو مان وري ٻيهر ڪوشش ڪندس ته سنڌ سلامت کي وقت ڏئي سگهان، ادا توهان ڏٺو هوندو ته نار ۾ هيٺان کان مٿي پاڻي ڪڍڻ لاء ان ۾ ڪجهه لوٽا يا دٻا لڳل هوندا آهن، ۽ انهن ۾ هڪ ڪو اهڙو به دٻو هوندو آهيجنهن جو ترو ڀڳل هوندو آهي ۽ اهو دٻو نه پاڻي هيٺان کان کڻي سگهندو آهي نه وري مٿي آڻي ڪري ڏيندو آهي مگر پوء به انهن سان گڏ پيو ڦيرا کائيندو آهي، جنهن منظر کي سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح پڻ ڳايو آهي مڪمل شعر ياد نه آهي مگر ڪجهه هيٺ مٿي سٽون آهن جيڪي هت پيش ڪيان ٿو،۔۔۔۔ تري ڀڳل ڪنگري ٺلها ڦيرا پائي، نه نئين نه آڻين تڏهن به سلهاڙيو وتي سڄڻين۔۔ سو ادا مان به آهيان تري ڀڳل ڪنگري( دٻو، ننڍِي لوٽِي ) مگر منهنجي به اهيا خواهش آهي ته مان به سلهاڙيو وتان سڄڻين ۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي ساٿين سان، سنڌي ٻولي لکڻ وارن سان سنڌي ڳالهائڻ وارن سان ۽ سنڌ سان محبت پيارُ، ڀاءُ ، پريت، حُبُ، پريم، دِل ، سَنِيههُ، قربُ، شؤق ، لنئون،نينهن، عشق ، پريتڻو، اُلفت، چاههُ، چاهَتَ، موهه، لگن، رغبت. سنگت، دوستي، ياري، ياراني، مِترتا، اخلاص، همدردي. سڄڻپائي، آسا ٻنڌ، آشنائِي. ڪرڻ وارن سان جيڪي دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ ويٺل آهن جن اسان کي ڪڏهن روبرو ڏٺو به نه آهي۔۔۔۔
سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر محترم ممتاز وگهيو کي جنم ڏينهن جون واڌايون