اسان حُبدار جا نوڪر آهيون

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
اسان يار جا نوڪر آهيون
اسان پيار جا نوڪر آهيون

هو اچي نه اچي ان جي مرضي
اسان انتظار جا نوڪر آهيون

هڪ گُل جي خاطر ڏسون
اسان خار جا نوڪر آهيون

زمانو ڀل ڇا به چوي
اسان دلدار جا نوڪر آهيون

مخالف ٿيا آهن هزارين
اسان حُبدار جا نوڪر آهيون

ڏاڏل محبوب جي ڪارڻ
اسان بيزار جا نوڪر آهيون

 
جواب: اسان حُبدار جا نوڪر آهيون

ڏاڏل سائين سلام

اڄ ته مجازي عشق جي گهوڙي تي سوار ٿا لڳو ۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب ونڊ
 
جواب: اسان حُبدار جا نوڪر آهيون

ڏاڏل سائين سلام

اڄ ته مجازي عشق جي گهوڙي تي سوار ٿا لڳو ۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب ونڊ

سائين گهوڙو ڇڏائي ويو آهي هاڻي اسٽاپ تي اڪيلا بيٺا آهيون ۔ گهوڙي جو انتظار ڪرڻ به اجايو ٿو لڳي باقي دانهون آهن سي ڪريون پيا۔
سائين مهرباني۔
وسلام
 
Back
Top