محبوب جي آمد بهار جي نويد آ

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
آس آ نه ڪا اميد آ
توکي ڏسڻ ئي عيد آ

پنهنجن پراون گڏجي
ڪئي مخالفت شديد آ

تصويرون ته آهن هزار
هڪ صورت تي ٽڪي ديد آ

ٻي ڳالھ وڻي نه ٿي مور
تنهنجو ذڪر،ذڪرِ سعيد آ

هڪ پَل جدائي ماري، سڀاڻي
جي منزل قيامت کان بعيد آ

ڏاڏل ڏسجي ڏيھ ۾ نه ڪو
محبوب جي آمد بهار جي نويد آ
 
جواب: محبوب جي آمد بهار جي نويد آ

سائين سليمان و سائين عاشق صاحب اوهان جي پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
وسلام
 
جواب: محبوب جي آمد بهار جي نويد آ

سائين طاهر صاحب اوهان جي همت افزائي جي مهرباني ۔
وسلام

ادا ڏاڏل ڏکن ۾ ايترا ته چُور ٿي ويا آهيو جو اها به خبر نه ٿي پوي ته اوهان اقتباس سائين زاهد صاحب جو کنيو آهي ۽ جواب وري طاهر کي!!!
ادا مون ته اڃان اوهان جي هي شاعري هاڻ ئي ڏٺي آهي.
ٻيلي ايڏا درد به سٺا ناهن، پنهنجي زندگي جي ننڍين ننڍين خوشين کي فراموش نه ڪريو.

پنهنجن پراون گڏجي
ڪئي مخالفت شديد آ
 
جواب: محبوب جي آمد بهار جي نويد آ

ادا ڏاڏل ڏکن ۾ ايترا ته چُور ٿي ويا آهيو جو اها به خبر نه ٿي پوي ته اوهان اقتباس سائين زاهد صاحب جو کنيو آهي ۽ جواب وري طاهر کي!!!
ادا مون ته اڃان اوهان جي هي شاعري هاڻ ئي ڏٺي آهي.
ٻيلي ايڏا درد به سٺا ناهن، پنهنجي زندگي جي ننڍين ننڍين خوشين کي فراموش نه ڪريو.

پنهنجن پراون گڏجي
ڪئي مخالفت شديد آ



ها سائين واقعي غلطي ٿي وئي معاف ڪندا ۔
باقي ڳالھ رهي دردن جي ڳالھ سي سائين اهڙا سهڻا آهن جو انهن کي ڇڏڻ تي تڪليف ٿي ٿئي ئ
وسلام
 
Back
Top