عدنان ڪٽپر
سينيئر رڪن
سڀني دوستن جي خدمت ۾ سلام،
سڀ کان پهريائين ته مان انهن دوستن کي تمام گھڻيون مبارڪون ڏيڻ چاهيندم، ۽ انهن کي جَسُ هجي جن هن هڪ مڪمل ۽ پنهنجي نوعيت جي پهرين سنڌي فورم کي انٽرنيٽ جي دنيا تي نمودار ڪيو، ڇو جو اردو ٻوليءَ تي ڪمپيوٽنگ ۾ تمام گھڻو ڪم ٿيو آهي، ۽ ان جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ تي ڪجھه به ڪم نه ٿيو آهي، پر تنهن هوندي به منهنجي نظر آڏو اهڙي ڪا به اردو ويبسائٽ نه گذري آهي، جيڪا مڪمل اردو يونيڪوڊ بيسڊ هجي، پر سنڌ سلامت اهڙو ئي هن پوري خطي ۾ پهريون مڪمل سنڌي فورم آهي.
هن سلسلي ۾ مان به پنهنجي گھٽ علمي مان ڪجھه تجاويزون پيش ڪرڻ ٿو چاهيان، ٿي سگھي ٿو ته توهان سڀ دوست ان سان مطفق نه به هجو، پر مان سمجھان ٿو ته گھڻا دوست مون سان مطفق ٿيندا.
سڀ کا پهريون ته سنڌ سلامت مڪمل سنڌي فورم هجڻ جي ڪري ڪنهن به سرچ انجن ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ ۾ ناڪام ويو آهي، ڇو ته اگر ڪو به دوست ڪنهن ٽاپڪ جي لاءِ گوگلي ۾ سرچ ڪري ٿو ته يقينا اهو انگلش ٻولي ۾ لکي ڪندو جهڙي طرح MB Sindhi2007, وغيره، ۽ اهو ٽاپڪ سنڌ سلامت تي موجود هوندي به ان دوست جي پهچ ۾ نه اچي سگھندو ڇو ته هتي سنڌي استعمال ٿيندي آهي، ۽ ڪنهن به سرچ انجن کي هن وقت تائين اها طاقت ناهي جو ڪنهن به ٻولي ۾ لکيل لفظن کي ٻي ٻولي ۾ تبديل ڪري ان مطابق رزلٽ پيش ڪري.
ان سلسلي ۾ عرض هي آهي ته سنڌ سلامت تي هڪ قانون ٺاهيو وڃي ته هر نئين پوسٽ جو ٽائٽل انگلش ٻولي ۾ لکيو وڄي، باقي ان پوسٽ جي اندر ڀلي سنڌي استعمال ڪري سگھجي، ته جيئن گھڻي کان گھڻن دوستن تائين ان پوسٽ جي رسائي کي ممڪن بڻائي سگھجي.
ٻيو عرض تمام گھڻي نوڙت سان هي آهي ته ائين لڳي ٿو ته سنڌ سلامت جا موڊريٽر صاحب پنهنجي ذاتي زندگي ۾ مصروف آهن، جنهن جي ڪري هو هن فورم کي ان جي ضرورت مطابق ٽائيم نه ٿا ڏئي سگھن(ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته موجوده ٽيم به سٺو ڪم ڪري رهي آهي، پر اگر هن فورم کي زياده مقبول بڻائڻو آهي ته ان کان وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي)، ڇو جو گذريل هڪ هفتي کان منهنجي نظر ۾ اهڙي ڪا به پوسٽ نه گذري آهي، جنهن تي اعتماد ڪري سگھجي ته اها پوسٽ گھڻي کان گھڻان وزيٽر اٽريڪٽ ڪندي، قابل فخر هجي ۽ ٻئي ڪنهن به ويب سائٽ تي اها شي موجود نه هجي.
هن سلسلي ۾ عرض هي آهي ته ڪجهه اهڙن ڪواليفائيڊ دوستن کي هن فورم تي آندو وڃي جيڪي ڊيڊيڪيٽ هن فورم تي ڪم ڪن ۽ ان کان علاوه فوٽوشاپ ۽ وڊيو ايڊيٽنگ ۾ مهارت رکندا هجن، ته جيئن سنڌ سلامت جي ميمبرن کي نئون ڪجهه سکڻ لاءِ ملي سگھي، ۽ سنڌ سلامت جو پيغام عام ڪن.
ٽيون عرض ته جهڙي طرح توهان مختلف اردو ويبسائٽس تي ڏسندا ته اتي لوڪل لينگويجز لا هڪ سيڪشن هوندو آهي، جنهن ۾ اهي سڀ مختلف ٻولين جون سب ڪيتيگريون هونديون آهن، اهڙي طرح هتي به هڪسيڪشن ٺاهيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي زبان جي ڪري هتي اچن ۽ پو سنڌي رنگ ۾ رنگجي وڃن،
چوٿون عرض هي آهي ته موسيقي واري سيڪشن ۾ سنڌ جي ليجنڊس جهڙوڪ سرمد سنڌي، شمن علي ميرالي، فوزيه سومرو، ممتاز لاشاري ۽ ٻين سڀني جي ڌار ڪيٽيگري هئڻ گھرجي جنهن ۾ صرف ان ئي ليجنڊ جي موسيقي پوسٽ ڪري سگھجي ته جيئن ميمبرن کي انهن جي موسيقي ڳولهڻ ۾ آساني ٿي، ۽ ان ليجنڊ جي به عزت افزائي ٿي سگھي.
پنجون عرض هي ته سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ جي ڪا به ڊسلرپشن ناهي سيو ٿيل، اهو توهان گوگلي ۾ سنڌ سلامت انگريزي ۾ لکي سرچ ڪندا ته ملندڙ رزلٽ ۾ هن فورم جي پنهنجي ڪا به ڊسڪرپشن ناهي استعمال ٿيل ۽ با ڊفالٽ ڊسڪرپشن (This is a discussion forum powered by vBulletin. To find out about vBulletin, go to http://www.vbulletin.com) نطر ايندي مهرباني ڪري ان کي به ايڊٽ ڪيو وڄي۔
ان کان علاوه هڪ “سکو ۽ سيکاريو” جو سيڪشن هجڻ گھرجي جتي ڪمپيوٽر ،سافٽويئر،هارڊويئر،مختلف ڪمپيوٽر لينگويجز ۽ عام لينگويجز خصوصا سنڌي ٻولي جي تعليم عام ڪئي وڃي.
يقينا مٿيون سڀ تجاويزون پڙهڻ کانپو دوست چوندا ته چوڻ سولو آهي ۽ ڪرڻ ڏکيو، ته انهن دوستن جي خدمت ۾ اهو عرض آهي ته جهڙي طرح دوستن محنت ڪري هي سنڌي فورم ٺاهيو آهي ته مون کي انهن ئي نوجوانن تي پڪ آهي ته هو هي ناممڪن ڪم به ممڪن بڻائي سگھندا، ۽ ان سلسلي ۾ اسان کان به جيڪو ڪجهه پڄي سگھيو ته ضرور ڪنداسين.
اگر مٿين تجاويزن سان ڪنهن به دوست جي دل آزاري ٿي هجي ته مان ان کان نهايت عاجزي سان معزرت ڪيان ٿو ۽ اها پڪ ڪيو ته منهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ بلڪل به نه هو.
دعائن ۾ ياد، اﷲ وائي