ڪجهه تجاويزون

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ عدنان ڪٽپر طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2009۔

  1. عدنان ڪٽپر

    عدنان ڪٽپر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    107
    ورتل پسنديدگيون:
    40
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Larkana
    سڀني دوستن جي خدمت ۾ سلام،

    سڀ کان پهريائين ته مان انهن دوستن کي تمام گھڻيون مبارڪون ڏيڻ چاهيندم، ۽ انهن کي جَسُ هجي جن هن هڪ مڪمل ۽ پنهنجي نوعيت جي پهرين سنڌي فورم کي انٽرنيٽ جي دنيا تي نمودار ڪيو، ڇو جو اردو ٻوليءَ تي ڪمپيوٽنگ ۾ تمام گھڻو ڪم ٿيو آهي، ۽ ان جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ تي ڪجھه به ڪم نه ٿيو آهي، پر تنهن هوندي به منهنجي نظر آڏو اهڙي ڪا به اردو ويبسائٽ نه گذري آهي، جيڪا مڪمل اردو يونيڪوڊ بيسڊ هجي، پر سنڌ سلامت اهڙو ئي هن پوري خطي ۾ پهريون مڪمل سنڌي فورم آهي.
    هن سلسلي ۾ مان به پنهنجي گھٽ علمي مان ڪجھه تجاويزون پيش ڪرڻ ٿو چاهيان، ٿي سگھي ٿو ته توهان سڀ دوست ان سان مطفق نه به هجو، پر مان سمجھان ٿو ته گھڻا دوست مون سان مطفق ٿيندا.

    سڀ کا پهريون ته سنڌ سلامت مڪمل سنڌي فورم هجڻ جي ڪري ڪنهن به سرچ انجن ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ ۾ ناڪام ويو آهي، ڇو ته اگر ڪو به دوست ڪنهن ٽاپڪ جي لاءِ گوگلي ۾ سرچ ڪري ٿو ته يقينا اهو انگلش ٻولي ۾ لکي ڪندو جهڙي طرح MB Sindhi2007, وغيره، ۽ اهو ٽاپڪ سنڌ سلامت تي موجود هوندي به ان دوست جي پهچ ۾ نه اچي سگھندو ڇو ته هتي سنڌي استعمال ٿيندي آهي، ۽ ڪنهن به سرچ انجن کي هن وقت تائين اها طاقت ناهي جو ڪنهن به ٻولي ۾ لکيل لفظن کي ٻي ٻولي ۾ تبديل ڪري ان مطابق رزلٽ پيش ڪري.

    ان سلسلي ۾ عرض هي آهي ته سنڌ سلامت تي هڪ قانون ٺاهيو وڃي ته هر نئين پوسٽ جو ٽائٽل انگلش ٻولي ۾ لکيو وڄي، باقي ان پوسٽ جي اندر ڀلي سنڌي استعمال ڪري سگھجي، ته جيئن گھڻي کان گھڻن دوستن تائين ان پوسٽ جي رسائي کي ممڪن بڻائي سگھجي.

    ٻيو عرض تمام گھڻي نوڙت سان هي آهي ته ائين لڳي ٿو ته سنڌ سلامت جا موڊريٽر صاحب پنهنجي ذاتي زندگي ۾ مصروف آهن، جنهن جي ڪري هو هن فورم کي ان جي ضرورت مطابق ٽائيم نه ٿا ڏئي سگھن(ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته موجوده ٽيم به سٺو ڪم ڪري رهي آهي، پر اگر هن فورم کي زياده مقبول بڻائڻو آهي ته ان کان وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي)، ڇو جو گذريل هڪ هفتي کان منهنجي نظر ۾ اهڙي ڪا به پوسٽ نه گذري آهي، جنهن تي اعتماد ڪري سگھجي ته اها پوسٽ گھڻي کان گھڻان وزيٽر اٽريڪٽ ڪندي، قابل فخر هجي ۽ ٻئي ڪنهن به ويب سائٽ تي اها شي موجود نه هجي.
    هن سلسلي ۾ عرض هي آهي ته ڪجهه اهڙن ڪواليفائيڊ دوستن کي هن فورم تي آندو وڃي جيڪي ڊيڊيڪيٽ هن فورم تي ڪم ڪن ۽ ان کان علاوه فوٽوشاپ ۽ وڊيو ايڊيٽنگ ۾ مهارت رکندا هجن، ته جيئن سنڌ سلامت جي ميمبرن کي نئون ڪجهه سکڻ لاءِ ملي سگھي، ۽ سنڌ سلامت جو پيغام عام ڪن.

    ٽيون عرض ته جهڙي طرح توهان مختلف اردو ويبسائٽس تي ڏسندا ته اتي لوڪل لينگويجز لا هڪ سيڪشن هوندو آهي، جنهن ۾ اهي سڀ مختلف ٻولين جون سب ڪيتيگريون هونديون آهن، اهڙي طرح هتي به هڪسيڪشن ٺاهيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي زبان جي ڪري هتي اچن ۽ پو سنڌي رنگ ۾ رنگجي وڃن،

    چوٿون عرض هي آهي ته موسيقي واري سيڪشن ۾ سنڌ جي ليجنڊس جهڙوڪ سرمد سنڌي، شمن علي ميرالي، فوزيه سومرو، ممتاز لاشاري ۽ ٻين سڀني جي ڌار ڪيٽيگري هئڻ گھرجي جنهن ۾ صرف ان ئي ليجنڊ جي موسيقي پوسٽ ڪري سگھجي ته جيئن ميمبرن کي انهن جي موسيقي ڳولهڻ ۾ آساني ٿي، ۽ ان ليجنڊ جي به عزت افزائي ٿي سگھي.

    پنجون عرض هي ته سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ جي ڪا به ڊسلرپشن ناهي سيو ٿيل، اهو توهان گوگلي ۾ سنڌ سلامت انگريزي ۾ لکي سرچ ڪندا ته ملندڙ رزلٽ ۾ هن فورم جي پنهنجي ڪا به ڊسڪرپشن ناهي استعمال ٿيل ۽ با ڊفالٽ ڊسڪرپشن (This is a discussion forum powered by vBulletin. To find out about vBulletin, go to http://www.vbulletin.com) نطر ايندي مهرباني ڪري ان کي به ايڊٽ ڪيو وڄي۔

    ان کان علاوه هڪ “سکو ۽ سيکاريو” جو سيڪشن هجڻ گھرجي جتي ڪمپيوٽر ،سافٽويئر،هارڊويئر،مختلف ڪمپيوٽر لينگويجز ۽ عام لينگويجز خصوصا سنڌي ٻولي جي تعليم عام ڪئي وڃي.
    يقينا مٿيون سڀ تجاويزون پڙهڻ کانپو دوست چوندا ته چوڻ سولو آهي ۽ ڪرڻ ڏکيو، ته انهن دوستن جي خدمت ۾ اهو عرض آهي ته جهڙي طرح دوستن محنت ڪري هي سنڌي فورم ٺاهيو آهي ته مون کي انهن ئي نوجوانن تي پڪ آهي ته هو هي ناممڪن ڪم به ممڪن بڻائي سگھندا، ۽ ان سلسلي ۾ اسان کان به جيڪو ڪجهه پڄي سگھيو ته ضرور ڪنداسين.

    اگر مٿين تجاويزن سان ڪنهن به دوست جي دل آزاري ٿي هجي ته مان ان کان نهايت عاجزي سان معزرت ڪيان ٿو ۽ اها پڪ ڪيو ته منهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ بلڪل به نه هو.

    دعائن ۾ ياد، اﷲ وائي
     
  2. عدنان ڪٽپر

    عدنان ڪٽپر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    107
    ورتل پسنديدگيون:
    40
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Larkana
    افسوس آهي۔۔۔

    افسوس جي ڳالهه آهي ته ٻن هفتن کان وڌيڪ ٽائيم ٿي ويو آهي، هن سيڪشن ۾ مون هڪ ٿريڊ ڪجهه تجاويزون جي نالي سان لکيو، پر هيترن ڏينهن گذري وڃڻ کان پو به ڪنهن موڊريٽر يا ايڊمنسٽريٽر ڪو به جواب ناهي ڏنو۔ يقينا ان سان دل شڪني ٿئي ٿي۔۔۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا عدنان توهان جهڙن دوستن جون صلاحون اسان لاءِ سرمايو هونديون آهن....
    منهنجي هميشه ڪوشش رهندي آهي ته ڪنهن به صلاح تي سڀ کان پهريان ڪجهه وڌيڪ رايا اچن جيئن مشورو هڪ مڪمل صورت اختيار ڪري ته جيئن فورم تي بهتر طريقي سان لڳائي سگهجي.... توهان جي مشورن مطابق...

    سڀ کا پهريون ته سنڌ سلامت مڪمل سنڌي فورم هجڻ جي ڪري ڪنهن به سرچ انجن ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ ۾ ناڪام ويو آهي، ان سلسلي ۾ عرض هي آهي ته هر نئين پوسٽ جو ٽائٽل انگلش ٻولي ۾ لکيو وڄي، باقي ان پوسٽ جي اندر ڀلي سنڌي استعمال ڪري سگھجي، ته جيئن گھڻي کان گھڻن دوستن تائين ان پوسٽ جي رسائي کي ممڪن بڻائي سگھجي.

    ادا ان ڳالهه جو احساس آهي ته سرچ انجڻ ۾ فورم جي لکڻين کي ڪهڙي طرح لڳايو وڃي ... ان سلسلي ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته مختلف مشهور سرچ انجڻن ۾ عنوان سميت تحرير کي پڙهڻ جي لائق بڻايو وڃي... توهان مٿي گوگل ڪسٽم سرچ ۾ سنڌي ۾ ڪي ورڊ لکي سرچ ڪندو ته سنڌ سلامت جي مڪمل سرچ توهان جي اڳيان هوندي ... ها البته انگريزي ۾ ڳولا جي لاءِ ڪم هلي پيو فورم کي اپڊيٽ ڪري ٽيگ جو آپشن فعال ڪيو ويندو جيئن دوست تحرير کي لکي ان کي انگريزي ۾ ٽيگ لڳائين جيئن انگريزي ۾ ڳولا کي تڪڙو بڻائي سگهجي.... جلد ئي اهڙي تبديلي فورم تي توهان کي نظر ايندي...

    ٻيو عرض تمام گھڻي نوڙت سان هي آهي ته ائين لڳي ٿو ته سنڌ سلامت جا موڊريٽر صاحب پنهنجي ذاتي زندگي ۾ مصروف آهن، هن سلسلي ۾ عرض هي آهي ته ڪجهه اهڙن ڪواليفائيڊ دوستن کي هن فورم تي آندو وڃي جيڪي ڊيڊيڪيٽ هن فورم تي ڪم ڪن ۽ ان کان علاوه فوٽوشاپ ۽ وڊيو ايڊيٽنگ ۾ مهارت رکندا هجن، ته جيئن سنڌ سلامت جي ميمبرن کي نئون ڪجهه سکڻ لاءِ ملي سگھي، ۽ سنڌ سلامت جو پيغام عام ڪن.

    ادا اردو جو هڪ مشهور شعر آهي ته ” زندگي مين اور بهي غم هين محبت ڪي سوا“ سو ادا هر دوست پنهنجي گهريلو ۽ پروفيشنل زندگي ۾ مصروف آهي انهن تي سنڌ سلامت فورم جو اضافي وزن رکيو ويو آهي اها ته انهن جي مهرباني آهي جو هو وقت ڪڍي ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪن پيا.... باقي جيتري قدر گرافڪ ۾ ماهر دوستن جي ڳالهه آهي ته انهن کي ڳولي فورم تي آڻڻ اسان سڀني جي ذميداري آهي ... توهان پڻ اهو ڪم بهترين ڪري رهيا آهيو ... دعا ڪريو ته سنگت ۾ اضافو ٿئي .....

    ٽيون عرض ته جهڙي طرح توهان مختلف اردو ويبسائٽس تي ڏسندا ته اتي لوڪل لينگويجز لا هڪ سيڪشن هوندو آهي، جنهن ۾ اهي سڀ مختلف ٻولين جون سب ڪيتيگريون هونديون آهن، اهڙي طرح هتي به هڪسيڪشن ٺاهيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي زبان جي ڪري هتي اچن ۽ پو سنڌي رنگ ۾ رنگجي وڃن،

    مون کي ٻڌايو ته سنڌي زبان جي اندر ڪهڙي لوڪل ٻولي آهي ؟.... جيڪڏهن توهان جو خيال اردو جو آهي ته سنگت کان صلاح وٺجي پر هڪ ڳالهه ته اردو مواد وڌيڪ هجڻ ڪري امڪان آهي ته فورم تي سنڌي گهٽ اردو وڌي ويندي جنهن ڪري في الحال اهڙو سيڪشن ٺاهڻ سنڌي زبان سان غلط سلوڪ سمجهيو ويندو...

    چوٿون عرض هي آهي ته موسيقي واري سيڪشن ۾ سنڌ جي ليجنڊس جهڙوڪ سرمد سنڌي، شمن علي ميرالي، فوزيه سومرو، ممتاز لاشاري ۽ ٻين سڀني جي ڌار ڪيٽيگري هئڻ گھرجي جنهن ۾ صرف ان ئي ليجنڊ جي موسيقي پوسٽ ڪري سگھجي ته جيئن ميمبرن کي انهن جي موسيقي ڳولهڻ ۾ آساني ٿي، ۽ ان ليجنڊ جي به عزت افزائي ٿي سگھي.

    توهان جي صلاح نوٽ ڪئي وئي آهي جلد ان تي عمل ڪيو ويندو....

    پنجون عرض هي ته سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ جي ڪا به ڊسلرپشن ناهي سيو ٿيل، اهو توهان گوگلي ۾ سنڌ سلامت انگريزي ۾ لکي سرچ ڪندا ته ملندڙ رزلٽ ۾ هن فورم جي پنهنجي ڪا به ڊسڪرپشن ناهي استعمال ٿيل ۽ با ڊفالٽ ڊسڪرپشن (This is a discussion forum powered by vBulletin. To find out about vBulletin, go to http://www.vbulletin.com) نطر ايندي مهرباني ڪري ان کي به ايڊٽ ڪيو وڄي۔

    توهان جي صلاح نوٽ ڪئي وئي آهي جلد ان تي عمل ڪيو ويندو....

    ان کان علاوه هڪ “سکو ۽ سيکاريو” جو سيڪشن هجڻ گھرجي جتي ڪمپيوٽر ،سافٽويئر،هارڊويئر،مختلف ڪمپيوٽر لينگويجز ۽ عام لينگويجز خصوصا سنڌي ٻولي جي تعليم عام ڪئي وڃي.

    اهڙو سيڪشن اڳي سنڌ سلامت فورم تي ”سنڌي سکيا“ جي نالي سان موجود آهي ....

    ۽ ان سلسلي ۾ اسان کان به جيڪو ڪجهه پڄي سگھيو ته ضرور ڪنداسين.
    اگر مٿين تجاويزن سان ڪنهن به دوست جي دل آزاري ٿي هجي ته مان ان کان نهايت عاجزي سان معزرت ڪيان ٿو ۽ اها پڪ ڪيو ته منهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ بلڪل به نه هو.


    توهان جهڙن ساٿين جي سنڌ سلامت فورم کي هر وقت ضرورت رهندي آهي...
    پنهنجي خوبصورت لکڻين سميت مشورن کي لکندا رهجو...
    سٺي صلاح سان ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿيندي آهي....
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    عدنان سائين مان اوهان جي تمام ڳالهين سان متفق آهي، باقي ادا جيڪڏهن گرافڪ جي ڳالهه آهي ته ڪورل ڊرا ۾ مان خدمتون ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    اسلا عليڪم،
    ادا عدنان ڪٽپر اُميد ته توهان ادي رشيد جي جوابن مان مطمئن ٿي ويا هوندا۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو