نيٺ بند يونيورسٽي جو ليبل ٻيهر لڳيو۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2012۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    اسان جي پياري مادرِ علمي ، اي شوخ چنچل هوائن جي مستين ۾ پنهنجي جوڀن سان جوانين کي مست ڪندڙ سنڌ ورسٽي، اسان تنهنجي حالت کان شرمنده آهيون، تو کي جن ظالمن مفلوج بڻائي مرڻ ڪنڌي پهچايو آهي، شايد انهن جو خواب اهو آهي ته اهي سنڌ جي حصن ۾ ورهائڻ جي سازش جي شروعات تنهنجي خاتمي سان ڪن۔ تنهنجي مامتا ڀريل پياري جهوليءَ مان هر ڇهين مهيني ڪي مائٽ پنهنجي پيارن جا لاش، بابر سنديلي، رميز سهاگ، بشير چنڙ جي روپ ۾ کڻڻ لڳا آهن۔۔ شايد هاڻي هو توکي مارڻ ٿا چاهين۔۔ يا تنهنجو سهارو وٺي هو سنڌ ۾ حيدرآباد کي هڪ ٻيو ڪراچي ٿا بڻائڻ چاهن، هڪ ٻي يونيورسٽي، جتي وري سنڌين جي داخلا ممنوع هوندي، جناح پور نه سهي پر جناح يونيورسٽي ئي سهي۔۔
    تنهنجي هي حالت ڏسي اسان جو ضمير پنهنجي موت پاڻ مرڻ چاهي ٿو۔۔۔
    [​IMG]
    [/JUSTIFY]
     
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: نيٺ بند يونيورسٽي جو ليبل ٻيهر لڳيو۔۔

    ادا توهان جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي۔۔
    ڇا توهان يونيورسٽي جي هن حالت جي ذميواري جو بار ٻين جي مٿي تي هڻڻ جي ڪوشش ڪيو پيا۔۔ سائين توهان پاڻ يونيورسٽي جي سياسي گروه بندين کان واقف آهيو، سچ ٻڌايو، اسان پاڻ ان جا ذميوار نه آهيون؟ اسان جي ڪامريڊن جون حرڪتون ڏسو، ڇا انهن ڪامريڊن تي توهان فخر ڪري سگهو ٿا، هر ٻئي مهيني ڪلاسن جو بائيڪاٽ، پنهنجي سنڌي شاگردن سان ڏاڍايون، خوامخواه جا داٻا ۽ دڙڪا۔۔ ڪامريڊن سان گڏ گڏ اسان جي استادن جون پاڻ ۾ تنظيمي صورت ۾ دشمنيون، سنئون سڌو اسان جي يونيورسٽي جي تعليمي فضا خراب ۡڪرڻ ۾ برابر جون ذميوار آهن۔۔
    ۽ هي ڪا نئين ڳالهه به ڪانهي، گذريل ڪافي ڏهاڪن کان هلندڙ هن شورشرابي تي بيشمار مضمون لکيا ويا، ڪانفرنسون ڪوٺايون ويو، بحث ٿي گذريا ۔۔ اسان جي هن فورم تي پڻ ڪافي ڳالهه ٻولهه ٿي۔۔ پر عملي طور تي ڪو به قدم نه کنيو ويو۔۔ ڪنهن به سنڌ دوست کي يونيورسٽي جي حالت تي ڪو به رحم نه آيو۔۔ سالن کان يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ خونريزي جا ذميوار سنڌي جيالا ئي رهيا آهن۔۔ پر پوء به ڪنهن هاء گهوڙا ڪو نه ڪئي؟۔۔ڪو سنڌ جو هڏڏوکي يونيورسٽي پهتو؟۔۔
    پر هاڻ اگر حيدرآباد ۾ يونيورسٽي کلڻ جي ڳالهه ٿي ته هر طرف هاء گهوڙا شروع ٿي وئي ته وڏو ظلم ٿي ويو۔۔ ڏسٍجي ته ڪو ظلم نه ٿيو پر ڪٿي ائين ته ناهي ته هي اندر جو خوف آهي ته پنهنجي سڌرڻ جي ڪا اميد ته آهي ئي ڪو نه ، ٿي سگهي ٿو نئين يونيورسٽي اسان کان گوء کڻي وڃي۔۔
    اڄ جو دور مقابلي جو دور آهي، جيڪڏهن پاڻ ۾ اصلاح ڪرڻ جي قوت هجي ته متحد ٿي اصولن ۽ قابليت جي بنياد تي پنهنجي يونيورسٽي جي حالت تمام سٺي بڻائي سگهجي ٿي ۔۔ پر سچ اهو آهي ته پاڻ کي پنهنجي پرڪارن جي سُڌ آهي، ان ڪري اسان کي سولو رستو آهي ئي سُجهي ٿو ته هاء گهوڙا ڪيون ۽ پنهنجي مظلوميت تي روڄ راڙون ڪيون نه ڪي پنهنجي حالت بدلائڻ جي ڪوشش۔۔

    مڃون ٿا ته اسان سان نا انصافيون ٿينديون رهيون آهن، پر جيڪڏهن هوش حواص کان ڪم وٺي سوچٍجي ته ان ۾ گهڻي ڀاڱي پاڻ به شريڪ رهيا آهيون۔۔ پنهنجي ڪمزورين تي نظر ڇو نه ٿي وڃي۔۔ پنهنجي اصلاح لاء حوصلو ڇو نه ٿو ملي۔۔ اسان جي نالي ماتر اڳواڻن مان ڪنهن يونيورسٽي انتظاميه سان تعاون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي۔۔ اسان جي يونيورسٽي جي پروفيسرن مان ڪنهن سياسي ۽ سماجي اڳواڻ کان مدد جي ڳالهه ڪئي۔۔ سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي دل آهي، ڪٿي آهن اسان جا مفڪر، اسان جا ڳواڻ، سنڌ جا والي ۔۔ هن دل جي زخمن تي مرهم رکڻ لاء۔۔۔

    خير ٻروچ جي ڳالهه دل ۾ نه ڪجو، بس ائين ڪجهه اندر جي باهه ڪڍي توهان تي نه پر پنهنجي حالتن تي، توهان جو ۽ منهنجو ڏک ساڳيو آهي، اظهار جو انداز ٿورو مختلف ٿي سگهي ٿو۔۔
    دعائون۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نيٺ بند يونيورسٽي جو ليبل ٻيهر لڳيو۔۔

    مان به ٻروچ جي ان ڳالهه سان 100 فيصد متفق آهيان ته اسان پاڻ پنهنجا ادارا برباد ڪيا آهن۔ ان ۾ استاد، شاگر، سياسي ڌريون، حڪومت ۽ انتظاميه سڀ ملوث رهيا آهن۔ مان گهڻو اڳ اوهان واري ڳالهه دوستن کي فيسبوڪ ۽ گڏجاڻين ۾ چئي هئي جيڪا اوهان مٿي ذڪر ڪئي آهي سنڌ جي ڏاهن ۽ مفڪرن جي جيڪي هن معاملي ۾ وچ وارو ڪردار ادا ڪري مسئلي کي سلجهائي ٿي سگهيا سي به سڀ خاموش رهيا۔

    باقي حيدرآباد يونيورسٽي تي اعتراض اجايو آهي۔ ان سان به حيدرآباد ۾ رهندڙ سنڌين جو ڀلو ٿيندو۔ مان ان يونيورسٽي جو مخالف ناهيان۔
     
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نيٺ بند يونيورسٽي جو ليبل ٻيهر لڳيو۔۔

    مفادپرستي جي ڦاٿل چنگل ۾ سنڌي دانشورن جي ڪير ٿو ٻڌي۔ اسين پنهنجن زخمن تي مرهم ملڻ بدران مرچ ۽لوڻ ملائي ٻرڪڻ کان سواءِ ٻيو ڪم نه ڄاڻون۔پوِءِ ويٺا روئون ۽رنگون۔ دشمنن تي ڪهڙي ميار ادا ! اسين پاڻ جو پنهنجا دشمن ٿياسين۔ شاگرد پڙهن ڪون ۽استاد پڙهائن ڪون ڪي ويل ويزائن تي، ڪي هڙتالن ڪرڻ ۾ پورا، اسان جا سڀ ادارا تباه ،اسان مان ڪي شيرشاه جا شڪرا ته، ڪي ڀنگ پيئڻ ۾ ڀڙ، پوءِ دشمنن کي ويهي منٿان ڪريون ته ٻيلي اسان تي رحم ڪريو ۽ اسان جا حق غضب نه ڪريو۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نيٺ بند يونيورسٽي جو ليبل ٻيهر لڳيو۔۔

    سڀني دوستن جا حال احوال ۽ لکيل سنڌ يونيورسٽيءَ جا مامرا پڙهي، منهنجي حالت ائين ٿي پئي آهي جيئن اسانجي پاڙِي جو مستانو ولڻ ۔۔۔ هميشه جڏهن ڪاوڙ ايندو هيس ته وڃي ڀتين ۾، وڻن ۾ ٽڪر هڻندو هو ۽ پاڻکي رت و رت ڪري وٺي ٽهڪ ڏيندو هو ۔۔۔

    سائين ڪريم! ويچاريءَ ڀنگ کي ڏوهه ڏنو آهي ۔۔۔ پڙهائن استاد نه، پڙهن شاگرد نه ۔۔۔ حڪومت جي مٿي تي جونءَ نه ٿي چري ۽ سياسي انقلابي تحريڪون آهن جو وتن سياري جي باهه پاڻ ڏي سورينديون ۽ ڏوهه وري ڀنگ ڪيو ۔۔۔!!!!! ۔۔۔ واه سائين واه تنهنجو انصاف ۔۔۔ پوري دنيا جون قومون نشا پتا ڪن ٿيون پر ائين قوم کي تباهه ته ڪون ٿيون ڪن ۔۔۔ جي هجي ها نشو شراب ۾ ته نچي ها بوتل ۔۔۔

    ڏسجي ته اڃان قوم جي حالت ڪيتري حد تائين ٿي تباهه ٿئي ۽ ان تباهيءَ کانپوءِ به قوم اٿندي يا سڌرندي الائجي نه ۔۔۔؟؟؟؟
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نيٺ بند يونيورسٽي جو ليبل ٻيهر لڳيو۔۔

    سائين هڪ سال اڳ ۾۔۔۔ مون سنڌ سلامت توڙي فيسبوڪ تي سنڌيونيورسٽي جي حالتن تي ڪيترائي ڪالم ۽ شعر لکي سنڌ يونيورسٽيءَ جي لاڳاپيل ماڻهن، شاگردن کي خبردار ڪيو هو۔۔۔ پر افسوس ٿيو اهو ئي جنهن جو ڊپ هو، 50 ڏينهن کان سنڌ يونيورسٽي بند آهي۔۔۔۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نيٺ بند يونيورسٽي جو ليبل ٻيهر لڳيو۔۔

    اسان پڻ هن پهرين سنڌي پليٽ فارم سنڌ سلامت تان سڀني وس وارن کي به اپيل ڪريون ٿا ته خدارا مادرِ علمي بچايو، سنڌ بچايو، سنڌي بچايو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو