مست
سينيئر رڪن
اسان جي پياري مادرِ علمي ، اي شوخ چنچل هوائن جي مستين ۾ پنهنجي جوڀن سان جوانين کي مست ڪندڙ سنڌ ورسٽي، اسان تنهنجي حالت کان شرمنده آهيون، تو کي جن ظالمن مفلوج بڻائي مرڻ ڪنڌي پهچايو آهي، شايد انهن جو خواب اهو آهي ته اهي سنڌ جي حصن ۾ ورهائڻ جي سازش جي شروعات تنهنجي خاتمي سان ڪن۔ تنهنجي مامتا ڀريل پياري جهوليءَ مان هر ڇهين مهيني ڪي مائٽ پنهنجي پيارن جا لاش، بابر سنديلي، رميز سهاگ، بشير چنڙ جي روپ ۾ کڻڻ لڳا آهن۔۔ شايد هاڻي هو توکي مارڻ ٿا چاهين۔۔ يا تنهنجو سهارو وٺي هو سنڌ ۾ حيدرآباد کي هڪ ٻيو ڪراچي ٿا بڻائڻ چاهن، هڪ ٻي يونيورسٽي، جتي وري سنڌين جي داخلا ممنوع هوندي، جناح پور نه سهي پر جناح يونيورسٽي ئي سهي۔۔
تنهنجي هي حالت ڏسي اسان جو ضمير پنهنجي موت پاڻ مرڻ چاهي ٿو۔۔۔
تنهنجي هي حالت ڏسي اسان جو ضمير پنهنجي موت پاڻ مرڻ چاهي ٿو۔۔۔
