انٽرنيٽ “فيسبوڪ، ٽوئيٽر، کان ويندي ڪيترائي اھڙا سوشل نيٽوورڪ آهن جن تي تمام گھڻا سنڌي سماج سڌارڪ، دانشور، اديب، ڊاڪٽر، وڪيل ۽ ٻيا گھڻا دوست سرگرم آهن. پر اتي به اھا ئي ساڳي جنگ جيڪا روايتي طور ڪيترن ئي ڏينهن کان هلندي اچي پئي، ٻاهر قومپرست تنظيمن جي ڌڙا بندي ته هتي وري، مذهب، انا پرستي، قومپرستي، اسلامي جنگ، ۽ ٻيا ڪيترائي اشو آهن، افسوس ان ڳالھ جو پيو ٿئي ته انٽرنيٽ فقط سنڌ ۾ يا صرف سنڌي استعمال نٿا ڪن بلڪه دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڇانيل هر اھو ماڻهون استعمال ڪري ٿو جيڪو پڙھيل لکيل ۽ ڄاڻ رکندڙ آھي. ان ۾ ڪيترائي سنڌي دوست شامل آهن جن ۾ مان به شمار آھيان، مان انهن دوستن کي هٿ ٻڌي اپيل ڪيان ٿو جيڪي به سنڌ ۽ سنڌيت سان چاھ رکن ٿا. ۽ آزادي پسند آهن ته مهرباني ڪري اھي ٻاهريون جنگيون ذات پرستي ٻاھر رکو ته سٺو ثابت ٿيندو، ڇو ته هاڻي وقت پري ناهي رهيو ته سنڌوديش جي آزادي جا اشُو به دنيا پنهنجن ڪانگريسن ۾ کڻندي، وقت ثابت ڪندو ته سنڌ جي آزادي ممڪن آهي ۽ سنڌ آزاد ٿيندي سيد جو خواب ساڀيان ٿيندو. باقي جيڪڏهن اوهان 3 سالن جي ٻار وانگر هتي به ساڳيا اختلاف رکي هڪ ٻئي سان ساڳيون جنگيون ڪندا رهيو ته عالمي ادارا توڙي غير ملڪي ڪانگريس اھو ئي سمجھندا ته جيڪڏهن هي پاڻ ۾ متحد ناهن ته پوء انهن کي اسان ڪھڙو ساٿ ڏيون. انڪري وڌ ۾ وڌ اھا ڪوشش ڪيو ته سنڌي جي دردن جي ڪٿا غير ملڪي، عالمي ادارن تائين پھچايو ته هاڻي اسان پاڪستان کي ملڪ نٿا سمجھون ان ۾ اسان رهڻ لاء تيار ناهيون. مهرباني دعائن جو طلبغار: عرفان ديشي
جواب: اچو ته ويڇا وساريون دوست عرفان ديشي اوهان جهڙي نوجوان دوستن جي اهڙي کليل ذهن جي خيالن کي پڙهي خوشي ٿيندي آهي ۔۔۔۔ اسان سنڌين پاڻ ۾ اختلاف رکي، هڪ ٻئي جون ٽنگون ڪڍڻ جي چڪر ۾ پئي پاڻ کي تباهي جي ڪناري تي اچي پهچايو آهي۔ حد ته اها آهي ته دوست اهي اختلاف ۽ تکا مٺا جملا فيسبوڪ تي به لکي پاڻ ۾ اختلاف پيدا ڪري سٺي ماحول کي ڏکائتو بڻائي ٿا ڇڏين۔ سچ پڇو ته مان اهڙن موقعن تي گهڻو ڏکائتو رهندو آهيان پر نا اميد ٿي خاموش ٿي ناهيان ويهندو ۽ پنهنجو ڪم جاري رکندو آهيان۔ دوستن کي هٿ ادب جا ٻڌي اهو عرض ڪندس ته مهربانو سنڌ ۽ سنڌيت لاء فيسبوڪ ۽ سوشل نيٽورڪس تي اختلافن کان پري ٿي صرف ۽ صرف سنڌ ۽ سنڌيت جي ڳالهه ڪيو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اچو ته ويڇا وساريون بس سائين سليمان ڇا ڪجي،،،، چوندا آهن ميرن کي به پنهنجن مان لڳي هئي، ڪلھ مان اھو اسٽيٽس اپڊيٽ ڪيو بجا جو ان تي عمل ڪن۔ اتي به ان ااسٽيٽس تي اختلاف شروع انتهائي دل تڏهن ڏُکندي آهي جڏهن ڪنهن نوجوان جي ڏنل تاثر جي تعريف ڪرڻ بجا ان تي بحث ڪري ان کي غلط ثابت ڪيو ويندو آھي۔ بس اوهان جهڙا پيارا تمام گهٽ آهن جيڪي اسان جي ڏنل هر شي کي پيا ساراهيندا آهن سدا خوش ھجو۔ مهربانيون لک لائيڪ