عرفان ديشي
سينيئر رڪن
انٽرنيٽ “فيسبوڪ، ٽوئيٽر، کان ويندي ڪيترائي اھڙا سوشل نيٽوورڪ آهن جن تي تمام گھڻا سنڌي سماج سڌارڪ، دانشور، اديب، ڊاڪٽر، وڪيل ۽ ٻيا گھڻا دوست سرگرم آهن. پر اتي به اھا ئي ساڳي جنگ جيڪا روايتي طور ڪيترن ئي ڏينهن کان هلندي اچي پئي، ٻاهر قومپرست تنظيمن جي ڌڙا بندي ته هتي وري، مذهب، انا پرستي، قومپرستي، اسلامي جنگ، ۽ ٻيا ڪيترائي اشو آهن، افسوس ان ڳالھ جو پيو ٿئي ته انٽرنيٽ فقط سنڌ ۾ يا صرف سنڌي استعمال نٿا ڪن بلڪه دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڇانيل هر اھو ماڻهون استعمال ڪري ٿو جيڪو پڙھيل لکيل ۽ ڄاڻ رکندڙ آھي. ان ۾ ڪيترائي سنڌي دوست شامل آهن جن ۾ مان به شمار آھيان، مان انهن دوستن کي هٿ ٻڌي اپيل ڪيان ٿو جيڪي به سنڌ ۽ سنڌيت سان چاھ رکن ٿا. ۽ آزادي پسند آهن ته مهرباني ڪري اھي ٻاهريون جنگيون ذات پرستي ٻاھر رکو ته سٺو ثابت ٿيندو، ڇو ته هاڻي وقت پري ناهي رهيو ته سنڌوديش جي آزادي جا اشُو به دنيا پنهنجن ڪانگريسن ۾ کڻندي، وقت ثابت ڪندو ته سنڌ جي آزادي ممڪن آهي ۽ سنڌ آزاد ٿيندي سيد جو خواب ساڀيان ٿيندو. باقي جيڪڏهن اوهان 3 سالن جي ٻار وانگر هتي به ساڳيا اختلاف رکي هڪ ٻئي سان ساڳيون جنگيون ڪندا رهيو ته عالمي ادارا توڙي غير ملڪي ڪانگريس اھو ئي سمجھندا ته جيڪڏهن هي پاڻ ۾ متحد ناهن ته پوء انهن کي اسان ڪھڙو ساٿ ڏيون. انڪري وڌ ۾ وڌ اھا ڪوشش ڪيو ته سنڌي جي دردن جي ڪٿا غير ملڪي، عالمي ادارن تائين پھچايو ته هاڻي اسان پاڪستان کي ملڪ نٿا سمجھون ان ۾ اسان رهڻ لاء تيار ناهيون. مهرباني
دعائن جو طلبغار: عرفان ديشي
دعائن جو طلبغار: عرفان ديشي