• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

درد سان مُرڪي مقابلو ڪندڙ ڊاڪٽر اسلم آزاد سان اڄوڪو ڏينهن ڊاڪٽر اسلم آزاد جي نان

نثارناز

سينيئر رڪن
درد سان مُرڪي مقابلو ڪندڙ ليکڪ ، شاعر، صحافي، ڊاڪٽر اسلم آزاد سان اڄوڪو ڏينهن ڊاڪٽر اسلم آزاد جي نان ملهايو ويو۔​

رپورٽ ۽ تصويرون: نثاراحمدناز​

سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم، جيئي سنڌ نمستي

دوستو ڊاڪٽر اسلم ازاد سان ملهايل هن ڏينهن جي مونکي سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان دعوت ملي جنهن جي ڪوريج ڪري مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي۔جيئن ته انهي بهترين تقريب جي دعوت سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي رهنما محترم ڊاڪٽر احمد نوناري، سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ جي محترما ثمينه خاصخيلي ۽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن ٽنڊو محمدخان جو رهنما ۽ سماجي شخصيت ڊاڪٽر جي ايم گل کي به هُئي سو اسان سڀئي گڏجي ڪالهه صُبح جو 10 وڳي پنهنجي شهر ٽنڊومحمد خان کان نڪتاسين ۔ دوستو جتي اسان هٿ پير سلامت هوندي، ڪم ڪار کان عار محسوس ڪندا آهيو الله سائين جي ناشڪري ڪندا آهيون لاکيڻي لطيف جي لازوال بيت:​

ٿڪيائي ٿر ٿيلهه چڙهه چُڪيائي چوٽين
هلندي هوت پنهون ڏي ڀئو مڙئي ڀيل،
اُٿي رائو ريل ، ويٺن تان واري وري(شاهه سائين)​

کان پُٺي ورائي ننڍي ننڍي ڳالهين تي ها گهوڙا ڪندا آهيون، وڏيون ڳالهيون ڪري پنهنجي شيخي بڳاڙيندا آهيون اتي ڪالهه حيدرآباد سنڌ جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ هڪ اهڙي سنڌ جي جاکوڙي ، حوصلي مند شخصيت سان ڏينهن ملهايو ويو جيڪو پنهنجي ليکي هڪ عظيم شخصيت آهي، پنهنجي ليکي هڪ شاعر، پنهنجي ليکي هڪ صحافي، پنهنجي ليکي هڪ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي، دوستو توهان سوچيندا هوندا ته اهڙا ڪافي ماڻهو هوندا آهن ها مونکي خبر آهي ته اهڙا ڪافي ماڻهو هوندا پر جنهن شخصيت جو آئون ذڪر پيو ڪريان ان جهڙا لکن ۾ ڪي هڪ هوندا۔ ته دوستو اڄ آئون اسلم آزاد جو ذڪر پيو ڪريان ، جنهن سان ”سوسائٽي فار هيلٿ ايجوڪيشن آرگنائزيشن ويلفيئر ، پارن هڪ عظيم الشان ڏينهن حيدرآباد جي مشهور ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ملهايو ويو، دوستو اسلم آزاد ڪيترو نه گهڻ رُخي شخصيت آهي پر قسمت جي ستم ظريفي سان سندس هٿن پيرن ۾ ايتري به طاقت ڪانهي جو پاڻ پنهنجي بدن تان هڪ مک به هٽائي سگهي ڇو ته سندس هٿ ۽ پير انهي قابل ئي ڪونهن سندس هٿ پير پيرالائز آهن، انهن ۾ جهلڻ ۽ هلڻ جي ڪا سگهه ڪانهي ان هوندي به هن حوصلي واري سنڌي انسان شاعري تخليق ڪئي، صحافي آهي، ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي، پنهنجي هڪڙي آتم ڪٿا لکي پيو ۔دوستو اسلم آزاد پنهنجي باري ۾ ٻُڌايو ته سندس معذوري سندس بلند ترين حوصلي جي سامهون ڪا شي ڪانهي ، ريوالونگ چيئر سندس ارڏن ۽ اٽل ارادن اڳيا ڪا معنا نٿي رکي هو حوصلي ، سان صبر سان شڪر سان پنهنجون منزلون ماڻيندو وتي، دوستن سدائين کيس سان محبتون ڪيون آهن دوستن ساٿين جون محبتون ۽ پيار آهن جو هميشه اڳيان وڌڻ جي سوچيندو آهيان، ڇو ته منهنجي اٽل همتن اڳيان منهنجي معذوري انڌيرن جي صورت ۾ منهنجي رستا روڪ نٿي ڪري سگهي۔ اسلم آزاد جي سان ملهايل ڏينهن ۾ ضلعي ٺٽو مان چونڊيل ايم اين عبدالواحد سومرو، ميمبر نيشنل اسيمبلي لال چند، سنڌ جوناميارو شاعر آڪاش انصاري، ناميارو ليکڪ جي اين مغل، محمد علي مانجهي، قومپرست رهنما پُنهل ساريو، ڊاڪٽر احمد نوناري ش سول سوسائٽي جي ماڻهن خواتين حضرات شريڪ ٿي پنهنجي محبتن جا خلوص جا گُل محفل جي مور ڊاڪٽراسلم آزاد جي مٿان نڇاور ڪيا ان کان علاوه اسلم آزاد سان ملهايل هن اهم ڏينهن ۾ راڳ رنگ جي محفل به منعقد ڪرائي وئي محترم اسلم آزاد جو مختصر تعارف سنڌ جي بهترين ناول نگار محترم حيدر دريا زئور جي مهربانين سان جيڪو هن تقريب ۾ پڻ شامل هو۔​

ڊاڪٽر اسلم آزاد جو تعارف
نالو _ ڊاڪٽر اسلم خواجا
تخلص _ آزاد
جنم جي تاريخ_ 12 آڪٽوبر 1965
موجوده رهائش _ شهر سجاول، ضلع ٺٽو
تعليم _ ايم ،بي .بي.ايس
ادبي حوالو_ سنڌي ادبي سنگت جاتي جا سابق سيڪريٽري ۽ڪائونسلر
سياسي وابستگي هن وقت قومپرست
موبائل نمبر _ 03322372038
ادبي پورهيو _ پاڻ شاعر آهن ۽ هن وقت پنهنجي آتم ڪهاڻي پيا لکن جنهن جو پهريون حصو عنقريب مڪمل ٿيئڻ وارو آهي​

418110_10150630343873216_794048215_9231598_364806072_n.jpg


ممتاز مرزا آڊييٽوريم جي اسٽيج تي لڳايل بينر

429713_10150630335508216_794048215_9231565_944143040_n.jpg

ٻه جاکوڙي ڪردار هڪ ڀا ڊاڪٽر اسلم آزاد ۽ ٻي پنهنجي ڀا لا پنهنجو پاڻ تياڳيندڙ سندس سڳي ڀيڻ

418658_10150630341323216_794048215_9231590_134076132_n.jpg

جاکوڙي سنڌي شاعر ڊاڪٽر اسلم آزاد سان سندس گهر ڀاتي پيار ونڊي رهيا آهن جڏهن ته ڀر ۾ ويٺل چشمي واري مشهور سنڌي ليکڪه آپا سحر قريشي

430663_10150630174013216_794048215_9230859_20647353_n.jpg

سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمد ناز لا اهو اعزاز هو جو ڊاڪٽر اسلم آزاد پاڻ سڏ ڪري مونکي پنهنجي پاسي ۾ بيهاري تصوير ڪڍائي۔

420187_10150630005503216_794048215_9230126_1588618426_n.jpg

ڪافي سنڌي نياڻين به شرڪت ڪئي هن تقريب ۾

421906_10150630338723216_794048215_9231580_1947096969_n.jpg

آپا سحر رضوي هيڊي وڳي ۾ ۽ ٻه ٻيون سنڌياڻيون

408165_10150631327163216_794048215_9235381_203952352_n.jpg

سنڌ جو ڀلوڙ ناول نگار سنڌ سلامت ۽ فيس بڪ جي ڄاتل سُڃاتل شخصيت محترم حيدردريا زئور سنڌي ٽوپي وارو ۽ سندس دوست جيڪي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ هن محفل ۾ تقريب واسطي ضلعي ٺٽي جي شهر ميرپور بٺوري مان ڪهي آيا هُئا۔

427341_10150630169113216_794048215_9230834_1497344922_n.jpg

محفل جي مور محترم اسلم آزاد کي هن تقريب جو ميزبان محترم جماڻي صاحب سنڌ جي روايتي ٿر واري کٿِي  جو تحفو اوڍائڻ کان پو

431362_10150630159333216_794048215_9230772_306856047_n.jpg


396433_10150630131278216_794048215_9230649_1378309557_n.jpg

سنڌ جي لاڙ پٽ جي شاعر اسلم آزاد سان ملهايل ڏينهن ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي نارين ۽ سنڌي مردن شرڪت ڪئي​
 
جواب: درد سان مُرڪي مقابلو ڪندڙ ڊاڪٽر اسلم آزاد سان اڄوڪو ڏينهن ڊاڪٽر اسلم آزاد جي نا

دردن سان مُرڪي مقابلو ڪندڙ ڊاڪٽر اسلم آزاد سان ملهايل تقريب جون ڪجهه وڌيڪ تصويرون

426356_10150629973543216_794048215_9229945_290025091_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊومحمد خان جي صدر محترما ثمينه خليل خاصخيلي ۽ هڪ ٻي سنڌي ناري

417469_10150630000898216_794048215_9230085_1881213537_n.jpg

هڪ معصوم سنڌي نياڻي به شريڪ هُئي هن تقريب ۾

430872_10150629978093216_794048215_9229966_9830521_n.jpg

ڊاڪٽر اسلم آزاد آف سجاول سنڌ

419212_10150630157313216_794048215_9230763_1829147299_n.jpg

ڊاڪٽراسلم آزاد ضلعي ٺٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالواحد سومرو سان گڏ

431602_10150630205588216_794048215_9231056_1746554052_n.jpg

ڊاڪٽر اسلم آزاد سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري سان گڏ

422327_10150630270888216_794048215_9231276_2095297713_n.jpg

ڊاڪٽر اسلم آزاد سان ملهايل هن تقريب ۾ شريڪ ٿيل ٻه سنڌي نياڻيون نمايان آهن

424362_10150630337848216_794048215_9231577_1814100447_n.jpg

هڪ سنڌياڻي ما ۽ ٻه سندس معصوم ٻارڙا۔

406450_10150630219698216_794048215_9231114_1298428104_n.jpg

اسان جو پيارو دوست ايڊوڪيٽ رميش ڪمار گپتا ۽ ايم اين اي لال چند (سنڌي ٽوپي وارو)

401364_10150630253288216_794048215_9231239_863766436_n.jpg

هي ٻه معصوم سنڌي ٻارڙا به هن تقريب جي نگاهن جا محور هئا۔​
 
جواب: درد سان مُرڪي مقابلو ڪندڙ ڊاڪٽر اسلم آزاد سان اڄوڪو ڏينهن ڊاڪٽر اسلم آزاد جي نا

ڊاڪٽر اسلم آزاد صاحب لاءِ سائين لطيف جون ٻه مختلف

ڏونگر ڏورينديون سي اَندر جنين جا اَڌ

پاڻ ئي ملندو هوت پنهون ڪجهه آءُ به اڳڀري ٿيان
 
جواب: درد سان مُرڪي مقابلو ڪندڙ ڊاڪٽر اسلم آزاد سان اڄوڪو ڏينهن ڊاڪٽر اسلم آزاد جي نا

سلام اهڙن سڄڻن کي جن معذوري کي به مجبوري ناهي بڻايو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سائين نثار لک ٿورا جو اوهان هن پروگرام جي ڪوريج ڪري اسان کي به اهڙي اهم ڄاڻ سان روشناس ڪرايو۔
 
Back
Top