جواب: تيستائين تون وڃي چڻا وڪڻ
سوٽا وارا ايم ڪيو ايم جي هٿان استعمال ٿي ويا ۽ ٿي رهيا آهن ۔ هي به اُن وقت روئيندا جڏهن هنن جي پيرن هيٺان زمين مڪمل طور کِسڪي چڪي هوندي ۔ ياد ڪريو ورجايان ٿو ياد ڪريو جڏهن ڪارو ڪاري جي موضوع تي سنڌ جي ناليوارن اديبن پي ٽي وي تي ڊرامه لکي سَستي مشهوري ماڻي رهيا هئا ( قادر جوڻيجو ۽ نورالهداي شاهه) سَرِ فهرست آهن اُن وقت جي ڪارندن جي هٿان استعمال ٿيا پئي ۔ ڏاڍيون رڙيون ۽ ڪوڪون ڪيون سين پر ڪنهن نه ٻُڌي ۔ اڄ به هڪ نام نهاد اڳواڻ ( خاص طور تي عرفانه ملاح ) ايم ڪيو ايم جي هٿان استعمال پئي ٿئي ۔ حيدر آباد ۽ ڄامشورو ۾ ڪيترو فاصلو آ ؟ جو اُتي هڪ ٻي يونيورسٽي جي ٺهڻ جا اعلان ٿيا آهن جيڪب آباد ۽ ٿر ڪنهن کي ياد نه ٿو اچي ڇو ؟ جي سنڌ يونيورسٽي جي حيثيت کي ڪو به ڇيهو رَسي ته اڄوڪي سوٽا جي قيادت تي ڪيس رکجو ۔