تيستائين تون وڃي چڻا وڪڻ

'مزاحيه ۽ مرڪائيندڙ' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2012۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    پٽ! جيستائين تهنجو ماستر پهنجا مطالبا مڃرائي واپس اچي تيستائين تون وڃي چڻا وڪڻ ..

    :chilli::chilli:
    [​IMG]
    :bounce-grn::bounce-grn:
     
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: تيستائين تون وڃي چڻا وڪڻ

    سوٽا وارا ايم ڪيو ايم جي هٿان استعمال ٿي ويا ۽ ٿي رهيا آهن ۔ هي به اُن وقت روئيندا جڏهن هنن جي پيرن هيٺان زمين مڪمل طور کِسڪي چڪي هوندي ۔ ياد ڪريو ورجايان ٿو ياد ڪريو جڏهن ڪارو ڪاري جي موضوع تي سنڌ جي ناليوارن اديبن پي ٽي وي تي ڊرامه لکي سَستي مشهوري ماڻي رهيا هئا ( قادر جوڻيجو ۽ نورالهداي شاهه) سَرِ فهرست آهن اُن وقت جي ڪارندن جي هٿان استعمال ٿيا پئي ۔ ڏاڍيون رڙيون ۽ ڪوڪون ڪيون سين پر ڪنهن نه ٻُڌي ۔ اڄ به هڪ نام نهاد اڳواڻ ( خاص طور تي عرفانه ملاح ) ايم ڪيو ايم جي هٿان استعمال پئي ٿئي ۔ حيدر آباد ۽ ڄامشورو ۾ ڪيترو فاصلو آ ؟ جو اُتي هڪ ٻي يونيورسٽي جي ٺهڻ جا اعلان ٿيا آهن جيڪب آباد ۽ ٿر ڪنهن کي ياد نه ٿو اچي ڇو ؟ جي سنڌ يونيورسٽي جي حيثيت کي ڪو به ڇيهو رَسي ته اڄوڪي سوٽا جي قيادت تي ڪيس رکجو ۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: تيستائين تون وڃي چڻا وڪڻ

    هاهاهاهاها ادا واه جو هينس بلڪل اڄڪله ماسترن جو اهو ڪم آهي مطالبا ء مطالبا

    بهترين
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تيستائين تون وڃي چڻا وڪڻ

    الائجي ڇو اسانجا ماڻهون ايترا جاهل ۽ ويڪائو ٿي پيا آهن جو ڌارين جي سازشن ۾ اچي پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙا ٿا هڻن ۔۔ ادي جمالي جي ڳالهه جيئان ته اسانجا پنهنجا ئي سازشن ۾ شريڪ ٿين ٿا ۽ ڌارين کي سنڌ ورهائڻ جو رستو آسان ڪري ڏين ٿا ۔۔۔۔

    ڪي سال اڳ پنجابين سنڌ ۾ انويسٽمنٽ ڪمپنيون کوليون هيون جن ۾ هزارين سنڌين پئسا رکيا هيا ۔۔۔ هڪ ڪمپني جي ڀڄڻ جو سبب ان جي آفيس ۾ سنڌي نوجوانن جو ڌاڙو هيو ۔۔۔ پنجابي سرمائيدار، سنڌين جا ڪروڙين روپيا کڻي ويو ۽ انهن سنڌي نوجوانن کي صرف ٻه لک ڏيڻا ڪيا هيا ته سندس آفيس ۾ ڌاڙو هڻن ۔۔۔ ۽ ان مان به هڪ لک سنڌي نوجوانن کي مليو ۽ باقي هڪ لک به کين نه ڏنائين ۔۔۔ سنڌي نوجوانن هڪ لک روپيا ڪمائڻ لا سنڌين جا ڪروڙين روپيا ضايع ڪرايا هيا ۔۔۔ اهو هڪڙو مثال مون انڪري ڏنو ته سنڌي پاڻ ڌارين جي هٿ ۾ رنديڪا ٿي ڪم ڪنٿا ۔۔۔۔

    سنڌين ۾ شايد فڪري صلاحيتون ختم ٿينديون وڃن ۽ اڳواڻي وارا جراثيم مري ختم ٿيندا وڃن ۔۔۔

    هن وقت سنڌين کي جيڪا انڌي منڊي تعليم ملي رهي آهي انجو به خانو خراب ڪرائي، ڌارين کي يونيورسٽي گهرن جي ڀر ۾ ملي ويندي ۔۔۔ کين حيدرآباد مان ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي ۔۔۔ ڀلي ان يونيورسٽي ۾ سنڌين کي به داخلا ملندي پر سنڌين کي سنڌ يونيورسٽي ۾ به ڪا تڪليف ناهي ۔۔۔ ها جيڪڏهن ڪا تڪليف آهي ته ڌارين کي ۔۔۔

    ڪو چوي ڪيئن ڪو چوي ڪيئن سچ جي ڪا خبر ناهي ۔۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تيستائين تون وڃي چڻا وڪڻ

    سنڌ ورسٽيءَ جي سڀني استادن کي مون جهڙي نالائق سنڌين جي هڪ گذارش آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪلاس ٻيهر شروع ڪن، ضروري ناهي ته اهي ڪلاس، ڪنهن ڪلاس روم ۾ ورتا وڃن، جيڪڏهن اهي ڪلاس يونيورسٽيءَ جي روڊن، پارڪن ۽ نيشنل هاءِ وي تي ورتا وڃن ته استادن جو احتجاج مڃتا به ماڻيندو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو نقصان به نه ٿيندو۔۔۔ هيءَ هڪ مودبانه گذارش آهي۔۔۔۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تيستائين تون وڃي چڻا وڪڻ

    اسان پڻ هن پهرين سنڌي پليٽ فارم سنڌ سلامت تان سڀني وس وارن کي به اپيل ڪريون ٿا ته خدارا مادرِ علمي بچايو، سنڌ بچايو، سنڌي بچايو۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تيستائين تون وڃي چڻا وڪڻ

    ڪارٽون ۾ سڀ ڪجهه سمايل آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنجيدگي به ته رنجيدگي به ، مزاح به ته تنقيد به ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سمجهڻ وارن لاء سڀ ڪجهه آهي پر تبديلي پسندن جي سوچ الائي ڪهڙي تبديلي جي خواهان آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو