زندگي

جاويد نواز

سينيئر رڪن
زندگي مفلوج ٿي رهجي وئي
هر خوشي مفلوج ٿي رهجي وئي

ڪيم گهڻي ڪوشش ٿيان عاشق مگر
عاشقي مفلوج ٿي رهجي وئي

ڪئين ڏيان هُن جي هٿن تي مان چُمي
هر چُمي مفلوج ٿي رهجي وئي

هُن جي نينن ۾ هُئي اهڙي مئڪشي
مئڪشي مفلوج ٿي رهجي وئي

جئين کئيان هُن نيڻ پنهنجا اوچتو
آرسي مفلوج ٿي رهجي وئي

سُرڪ جي ڀي آڇ هُن مان ڪون ٿي
تشنگي مفلوج ٿي رهجي وئي

جاويد نواز

دعائن ۾ ياد
 
جواب: زندگي

ادا جاويد نواز مهربانيون پنهنجا ويچار شاعري جي انداز ۾ ونڊ ڪرڻ لاء

زندگي مفلوج ٿي رهجي وئي
هر خوشي مفلوج ٿي رهجي وئي


تمام سهڻو اظهار
 
Back
Top