اڄ مادري ٻولين جو عالمي ڏهاڙو آهي، پوري دنيا جون قومون پنهنجي ماءُ ٻوليءَ سان پيار جو اظهار مختلف طريقن سان ڪنديون. اڄ سنڌي ٻوليءَ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ به پروگرام ڪيا ويندا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون. هر سال فيبروري مهيني ۾ ٻوليءَ جي مهم هلائڻ بعد وري پوري سال لاءِ خاموشي ٿي ويندي آهي. سنڌي ادبي سنگت جا دوست ”سنڌي ٻوليءَ قومي ٻولي“ مهم هيٺ مختلف شهرن ۾ چند ماڻهو گڏ ڪري ريلي ڪڍندا آهن. سرڪاري سطح تي ثقافت کاتو ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي ڪو مذاڪرو ۽ سيمينار ڪرائيندا ۽ بس...! سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جا خيال، خواب ۽ خوشيون هڪ ڀيرو ٻيهر سرد خاني حوالي ٿي وينديون. تمام ڏک جهڙي ڳالهه ته حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي جي 100 سيڪڙو سنڌي آبادي آهي پر چند اسڪولن کان سواءِ ڪٿي به سنڌي پڙهائي نٿي وڃي. ان ڏس ۾ ثقافت کاتي جي ماتحت اداري سنڌي ٻولي اٿارٽي جي سيڪريٽري جو موقف آهي ته اسان وٽ وسيلا ۽ اختيار نه آهن. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته ادارن سان خط وڪتابت ڪرڻ يا گڏجاڻي ڪرڻ ۾ڪهڙن وسيلن جي ضرورت آهي؟ جڏهن ته وزير ثقافت ڪافي ڀيرا دعويٰ ڪري چڪي آهي ته اداري جي گرانٽ 50 لکن مان وڌائي 3 ڪروڙ رپيا ڪئي ويئي آهي. ڇا ثقافت جي وزير جي اها دعويٰ غلط آهي يا اهي پئسا پنهنجن ماڻهن جي ڀرتي ۽ ذاتي خرچ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن؟ رڳو ورسيون ۽ پروگرام ڪرائڻ ۽ واسطي وارن ماڻهن جي ڪتابن جي ڇپائي سان ٻوليءَ کي جائز مقام ملي سگهڻ ناممڪن آهي. سنڌي ٻولي اٿارٽي جي انتظاميا جي اهڙي رويي مان خود ثقافت کاتي جي سچائي جو اندازو ٿئي ٿو. اهڙن ادارن ۾ رٽائر ڪامورن کي ايڊهاڪ تي رکي، مٿن احسان ڪرڻ سان اهڙائي نتيجا ملي سگهندا. سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته هن حڪومت جا 4 سال گذري ويا، جن کي سنڌي ماڻهن مينڊيٽ ڏيئي آندو، ان دور ۾ ٻوليءَ سان اهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي ته ٻين تي ڪهڙي ميار ۽ ڪهڙو آسرو....؟ اڄوڪي ڏينهن سنڌي قوم حڪمرانن ۽ ٻوليءَ لاءِ واويلا ڪندڙ ادارن کي اها گذارش ڪري ٿي ته خدارا ٻوليءَ جي آڙ ۾ صرف فيبروري مهيني ۾ پروگرام ڪرائي لکن جا بل کائڻ بند ڪيا وڃن. هاڻ سنڌي قوم سمجهي چڪي آهي ته واڳون وارا ڳوڙها ڇوٿا وهايا وڃن.
محمد اقبال بلوچ/حيدرآباد
ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل
دوستن جي راين جو انتظار رهندو
محمد اقبال بلوچ/حيدرآباد
ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل
دوستن جي راين جو انتظار رهندو