سنڌي ٻوليءَ ۽ اسان جا ادارا

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ مادري ٻولين جو عالمي ڏهاڙو آهي، پوري دنيا جون قومون پنهنجي ماءُ ٻوليءَ سان پيار جو اظهار مختلف طريقن سان ڪنديون. اڄ سنڌي ٻوليءَ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ به پروگرام ڪيا ويندا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون. هر سال فيبروري مهيني ۾ ٻوليءَ جي مهم هلائڻ بعد وري پوري سال لاءِ خاموشي ٿي ويندي آهي. سنڌي ادبي سنگت جا دوست ”سنڌي ٻوليءَ قومي ٻولي“ مهم هيٺ مختلف شهرن ۾ چند ماڻهو گڏ ڪري ريلي ڪڍندا آهن. سرڪاري سطح تي ثقافت کاتو ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي ڪو مذاڪرو ۽ سيمينار ڪرائيندا ۽ بس...! سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جا خيال، خواب ۽ خوشيون هڪ ڀيرو ٻيهر سرد خاني حوالي ٿي وينديون. تمام ڏک جهڙي ڳالهه ته حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي جي 100 سيڪڙو سنڌي آبادي آهي پر چند اسڪولن کان سواءِ ڪٿي به سنڌي پڙهائي نٿي وڃي. ان ڏس ۾ ثقافت کاتي جي ماتحت اداري سنڌي ٻولي اٿارٽي جي سيڪريٽري جو موقف آهي ته اسان وٽ وسيلا ۽ اختيار نه آهن. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته ادارن سان خط وڪتابت ڪرڻ يا گڏجاڻي ڪرڻ ۾ڪهڙن وسيلن جي ضرورت آهي؟ جڏهن ته وزير ثقافت ڪافي ڀيرا دعويٰ ڪري چڪي آهي ته اداري جي گرانٽ 50 لکن مان وڌائي 3 ڪروڙ رپيا ڪئي ويئي آهي. ڇا ثقافت جي وزير جي اها دعويٰ غلط آهي يا اهي پئسا پنهنجن ماڻهن جي ڀرتي ۽ ذاتي خرچ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن؟ رڳو ورسيون ۽ پروگرام ڪرائڻ ۽ واسطي وارن ماڻهن جي ڪتابن جي ڇپائي سان ٻوليءَ کي جائز مقام ملي سگهڻ ناممڪن آهي. سنڌي ٻولي اٿارٽي جي انتظاميا جي اهڙي رويي مان خود ثقافت کاتي جي سچائي جو اندازو ٿئي ٿو. اهڙن ادارن ۾ رٽائر ڪامورن کي ايڊهاڪ تي رکي، مٿن احسان ڪرڻ سان اهڙائي نتيجا ملي سگهندا. سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته هن حڪومت جا 4 سال گذري ويا، جن کي سنڌي ماڻهن مينڊيٽ ڏيئي آندو، ان دور ۾ ٻوليءَ سان اهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي ته ٻين تي ڪهڙي ميار ۽ ڪهڙو آسرو....؟ اڄوڪي ڏينهن سنڌي قوم حڪمرانن ۽ ٻوليءَ لاءِ واويلا ڪندڙ ادارن کي اها گذارش ڪري ٿي ته خدارا ٻوليءَ جي آڙ ۾ صرف فيبروري مهيني ۾ پروگرام ڪرائي لکن جا بل کائڻ بند ڪيا وڃن. هاڻ سنڌي قوم سمجهي چڪي آهي ته واڳون وارا ڳوڙها ڇوٿا وهايا وڃن.

    محمد اقبال بلوچ/حيدرآباد

    ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل

    دوستن جي راين جو انتظار رهندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻوليءَ ۽ اسان جا ادارا

    بروبر ابا سليمان ۔۔۔۔ ڪاوش تان ورتل محمد اقبال بلوچ جي ڳالهه دل سان لڳي ۔۔۔ اسانجا حڪمران جي ساهه کڻن ته سمجهو کين ڪنهن شئي جي ضرورت آهي، اسانجا رشوتي ڪامورا جڏهن ڪنهن ڀلي ڪم ڏانهن به رخ ڪندا آهن ته انهن ۾ سندن پنهنجي ڀلائي وڌ ۽ رهيو سهيو ان ڪم جو نور به نچوڙي ڇڏيندا آهن ۔۔۔

    سنڌي ڪاموري، سنڌي سياستدان ۽ سنڌي عوام ۔۔۔۔۔ الامان الامان ۔۔۔ توبهه زاري ۔۔۔۔ هاڻ ته سنڌين تي روئڻ لاءِ اکين مان شايد ڳوڙها به سڪندا وڃن ۔۔۔ پر رڍ آڏو رباب واري مثال جيئان ۔۔۔ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه ۔۔۔

    رب ڪا سڻائي ڪري، باقي سنڌي ڪامورن مان ڪا اميد ناهي ۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٻوليءَ ۽ اسان جا ادارا

    سنڌ جي معاملن تي سنجيده مقال اهي، مهرباني ادا سليمان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو