ساڳي ئي مهيني ۾ عجيب مامرو ۔۔ انگلينڊ طرفان پاڪستان کي جوابي وائٽ واش

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڪرڪيٽ جي شوقينن کي اها توقع ئي ڪانه هئي ۽ نه وري سٽو کيڏندڙن کي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ٽيسٽ ميچ ۾ انگريزن کي شرمندو ڪندڙ پاڪستاني ٽيم ون ڊي ميچز ۾ ساڳي ئي شرمندي جو شڪار ٿيندي ۔۔۔
    انگلينڊ چئن ميچز واري ونڊي سيريز 4 - 0 تان کٽي پاڪستان جي 2010 کان شروع ڪيل ڪاميابن جي سلسلي کي پوري طرح روڪي ڇڏيو۔۔
    آخري ٻن ميچن ۾ سينچريون اسڪور ڪندڙ پيٽرسن کي آخري ميچ جو بهترين رانديگر چونڊيو ويو

    [​IMG]

    جڏهن ته پهرين ٻن ميچز ۾ سينچريون اسڪور ڪندڙ ڪوڪ کي سيريز جو بهترن رانديگر چونڊيو ويو۔۔

    [​IMG]
     
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ساڳي ئي مهيني ۾ عجيب مامرو ۔۔ انگلينڊ طرفان پاڪستان کي جوابي وائٽ واش

    توقع جي پري جي ڳالهه، پر يقين هيو ۽ دُعا به هئي ته پنجابين کي ذلت نصيب ٿئي۔۔ انشاءالله اهڙي ذلت هميشه سندن نصيب ۾ ايندي۔۔

    ڇا ڪنهن به سنڌي نوجوان کي ڪرڪيٽ جي سمجهه ڪانهي يا کين قابليت ئي ڪانهي جو اڄ تائين ڪنهن به سنڌي يا بلوچ نوجوان کي ٽيم ۾ جڳهه ئي نه ملي۔۔ پنجابين ۽ پٺاڻن جو ٺيڪو آهي ته اهي ئي سدائين ٽيم ۾ هجن۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ساڳي ئي مهيني ۾ عجيب مامرو ۔۔ انگلينڊ طرفان پاڪستان کي جوابي وائٽ واش

    انگلينڊ جي اپنرن پاران چئن ميچن ۾ 4 سينچريون ٺاهڻ ۔۔۔۔۔۔ ڪمال آهي۔

    ٽيسٽ ميچن جي ڪليپ سوئيپ جو جواب ون ڊي ۾ ڪلين سوئيپ ڪرڻ ڏاڍو وڻيو۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ساڳي ئي مهيني ۾ عجيب مامرو ۔۔ انگلينڊ طرفان پاڪستان کي جوابي وائٽ واش

    ادا ٻروچ سميت سمورن دوستن جون ڳالهيون درست آهن۔۔۔ ته ڪڏهن به ڪنهن سنڌي کي قابل هوندي به تسليم نه ڪيو ويو آهي۔۔ ڳالهه رڳو راند جي ناهي پر هنڌ سنڌين سان زيادتون آهن۔۔۔ ان جو مثال سائين نثار جي فيس بوڪ پروفائيل تي ٽنگيل هن تصوير نما لفظن سان به لڳائي سگهجي ٿو۔۔

    [​IMG]

    پر دوست ٻروچ هي تفريح جو سيڪشن آهي هتي صرف وندر جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ۔۔ ڪنهن جي حمايت يا مخالفت جي نه۔۔ اهڙين ڳالهين لاءِ ته ٻين مختلف سيڪشنن ۾ اسان به دانهين رهيا آهيون۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ساڳي ئي مهيني ۾ عجيب مامرو ۔۔ انگلينڊ طرفان پاڪستان کي جوابي وائٽ واش

    پاڪستان جي رانديگرن جي اهڙي پرفارمنس عجيب لڳي۔۔ ٽيسٽ کان پوءِ ون ڊي ۾ اهڙي بيڪار ڪارڪردگي سواليه نشان اٿاري ٿي؟؟
    هر ميچ ۾ رانديگرن جي مٽا سٽا، فاسٽ بالرن جي بيڪار پرفارمنس؟؟
    شايد محمد عامر جي لاءِ ميدان صاف ڪرڻ جون تياريون پيون ٿين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو