مست
سينيئر رڪن
هڪ ڏينهن هڪ شخص ٿڪيل ٽٽل پنهنجي ڊيوٽي تان واپس موٽيو۔ ڏٺائين ته گهر جي دروازي تي سندس ننڍڙو پُٽ اداس صورت ۾ ويٺل آهي۔۔ پيءَ کي ڏسي سندس چهري تي مُرڪ ڇانئجي وئي۔۔
پيءَ ٿڪيل هجڻ جي ڪري سرسري طور پُٽ کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ گهر ڏانهن اڳتي وڌيو۔۔
پُٽ چيو: ”بابا هڪ ڳالهه پُڇان... “
پيءُ: ” نه بابا هينئر مان ٿڪيل آهيان ڇڏ... آرام ڪرڻ ڏي، پوءِ ڳالهائينداسين..“
پُٽ: ”بابا بس هڪڙي ڳالهه.....!!!“
پيءُ: ”ٺيڪ آهي پُٽ پُڇ ڀلا...“
پُٽ: ” بابا توهان کي روزانه ڪمائڻ جي حساب سان ڪلاڪ ۾ ڪيتري آمدني ٿيندي آهي؟؟“
پيءُ: ”اهو ڪهڙو پڇڻ جو سوال آهي؟؟، توکي ان سان ڪهڙو ڪم؟“
پُٽ: ”بابا ! ايئن ئي پڇان پيو.. ٻڌايو نه..“
پيءُ: ”بابلا... تقريبن.. 100 رپيا ڪلاڪ جي ڪمائي..“
پُٽ: ”بابا مون کي توهان هينئر 50 رُپيا خرچي ڏئي سگهو ٿا..“
پيءُ اهو ٻڌي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ ڌڙڪا ڏئي پُٽ کي سندس ڪمري ۾ موڪليو ۽ پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو..
ٿوري دير بعد سندس ڪاوڙ جهڪي ٿي ته هن ڪجهه سوچيو ۽ پُٽ جي ڪمري ۾ داخل ٿي پيار سان کيس سڏيائين ۽ 50 رپين جو نوٽ ڪڍي سندس هٿن تي رکيائين... اهو ڏسي اداس نينگر جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي ۽ هُو پوئتي وڌي پنهنجي الماري جي خاني مان ڪجهه سڪا ڪڍي آيو.. اهي سڪا ۽ 50 جو نوٽ ڳڻي گڏائي پنهنجي پيءُ جي هٿ ۾ ڏنائين...
پيءُ سواليه نظرن سان پُٽ کي ڏسڻ لڳو..
پُٽ: ”بابا .. هي مون ڳڻيا آهن، هي سو رپيا بڻجن ٿا، اوهان مهرباني ڪري اهي سو رپيا وٺو ۽ مون کي پنهنجي مصروف زندگيءَ مان فقط هڪ ڪلاڪ ڏيندا ڪريو.....“