مصروف زندگي۔۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2012۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    هڪ ڏينهن هڪ شخص ٿڪيل ٽٽل پنهنجي ڊيوٽي تان واپس موٽيو۔ ڏٺائين ته گهر جي دروازي تي سندس ننڍڙو پُٽ اداس صورت ۾ ويٺل آهي۔۔ پيءَ کي ڏسي سندس چهري تي مُرڪ ڇانئجي وئي۔۔
    پيءَ ٿڪيل هجڻ جي ڪري سرسري طور پُٽ کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ گهر ڏانهن اڳتي وڌيو۔۔

    پُٽ چيو: ”بابا هڪ ڳالهه پُڇان... “
    پيءُ: ” نه بابا هينئر مان ٿڪيل آهيان ڇڏ... آرام ڪرڻ ڏي، پوءِ ڳالهائينداسين..“

    پُٽ: ”بابا بس هڪڙي ڳالهه.....!!!“
    پيءُ: ”ٺيڪ آهي پُٽ پُڇ ڀلا...“

    پُٽ: ” بابا توهان کي روزانه ڪمائڻ جي حساب سان ڪلاڪ ۾ ڪيتري آمدني ٿيندي آهي؟؟“
    پيءُ: ”اهو ڪهڙو پڇڻ جو سوال آهي؟؟، توکي ان سان ڪهڙو ڪم؟“
    پُٽ: ”بابا ! ايئن ئي پڇان پيو.. ٻڌايو نه..“
    پيءُ: ”بابلا... تقريبن.. 100 رپيا ڪلاڪ جي ڪمائي..“
    پُٽ: ”بابا مون کي توهان هينئر 50 رُپيا خرچي ڏئي سگهو ٿا..“

    پيءُ اهو ٻڌي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ ڌڙڪا ڏئي پُٽ کي سندس ڪمري ۾ موڪليو ۽ پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو..


    ٿوري دير بعد سندس ڪاوڙ جهڪي ٿي ته هن ڪجهه سوچيو ۽ پُٽ جي ڪمري ۾ داخل ٿي پيار سان کيس سڏيائين ۽ 50 رپين جو نوٽ ڪڍي سندس هٿن تي رکيائين... اهو ڏسي اداس نينگر جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي ۽ هُو پوئتي وڌي پنهنجي الماري جي خاني مان ڪجهه سڪا ڪڍي آيو.. اهي سڪا ۽ 50 جو نوٽ ڳڻي گڏائي پنهنجي پيءُ جي هٿ ۾ ڏنائين...

    پيءُ سواليه نظرن سان پُٽ کي ڏسڻ لڳو..
    پُٽ: ”بابا .. هي مون ڳڻيا آهن، هي سو رپيا بڻجن ٿا، اوهان مهرباني ڪري اهي سو رپيا وٺو ۽ مون کي پنهنجي مصروف زندگيءَ مان فقط هڪ ڪلاڪ ڏيندا ڪريو.....
    [/JUSTIFY]
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مصروف زندگي۔۔۔۔

    ساڳي قسم جو ليک ڪافي ڏينهن اڳ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو هو۔۔۔ پر توهان جي نئين انداز متاثر ڪيو۔۔۔
    اسان کي گهرجي ته پنهنجي پيارن لاءِ وقت ضرور ڪڍون جو زندگي ته وقت جي مصروفيت سان ڊوڙ ۾ آ رڪجڻ جو نالو تڏهن ٿي وٺي جڏهن وقت نه ٿو رهي۔۔
    لک لائق
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مصروف زندگي۔۔۔۔

    مختصر پر خوبصورت ۽ سبق ڀريو ليک آهي ۔۔۔۔۔۔

    پنهنجي پيارن کي انهن سان گڏ هجڻ جو احساس ضرور ڏياريو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهائي زندگي آهي۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مصروف زندگي۔۔۔۔

    هڪ دفعو پڙهڻ سان ته اکيون ڀرجي ويون ۔۔۔

    اولاد کي ڏنل وقت ۽ والدين جي ڏنل شفقت جيترا قيمتي هيرا نه ٻيا آهن نه ئي هن ڪائنات ۾ خلقيا ويا آهن ۔۔۔

    ڪجهه سال اڳ منهنجي هڪ نياڻي اڃان ڪافي ننڍڙي هئي، مونکي چيو، ” بابا اوهان سعوديءَ ڇوٿا وڃو؟“
    مون جواب ڏنو، ” ڌيءَ پئسا ڪمائڻ“
    ڌيءَ جواب ڏنو، ” بابا، آءُ اوهانکي پئسا ڏيان ته پوءِ نه ويندا“
    مون چيو، ” پٽ، اوهان وٽ پئسا ڪٿان آيا؟“
    چيائين ته“ ” بابا مون ڪجهه خرچي بچائي رکي آهي“

    بلڪل ان وقت به منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هيا ۔۔۔

    دل کي ڌڙڪائيندڙ ليک

    سلام دوست
     
  5. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: مصروف زندگي۔۔۔۔

    توهان تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي هڪ سٺو سبق آهي۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مصروف زندگي۔۔۔۔

    ادا ۔۔۔ توهان کي پاڻ کي خبر آهي ته سنڌ سلامت ۾ تحريرن تي مشتمل معلومات هاڻي هڪ لائبريري نه پر علم جي سمنڊ ۾ تبديل ٿي وئي آهي ان ڪري ڪيتريون تحريرون جيڪي اسان جي غير موجودگيءَ ۾ دوست ونڊ ڪن ٿا اسان جي اکين کان نه ٿيون گذرن۔۔ پر جيڪا معلومات اسان دوستن جي لائق سمجهون ٿا اها ونڊ ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهون ٿا۔۔۔ بهرحال هن تحرير کي هتي ترجمو ڪري لڳائڻ مهل منهنجي دل جي عجيب ڪيفيت هئي، جيڪا توهان، سائين نثار ابڙو ۽ ٻيا دوست پڻ سمجهيا هوندا۔۔۔​
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مصروف زندگي۔۔۔۔

    زندگي تڏهن زندگي بڻجي ٿي جڏهن ان ۾ پنهنجن پيارن جو ساٿ هجي، جيڪڏهن اهي گڏ نه آهن ته زندگيءَ ۾ ڪا رونق ناهي۔۔ بي مطلب زندگيءَ جو ڪو فائدو نه هوندو آهي۔۔ الله انسان جي لاءِ ايترا رشتا خلق ڪري ان تي احسان ڪيو آهي، انسان تي واجب آهي ته انهن رشتن جو قدر ڪري۔۔۔​
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مصروف زندگي۔۔۔۔


    منهنجا احساس اوهان کان مختلف نه هئا هن تحرير کي لکڻ مهل۔۔۔
    اهي سڳا رشتا احساس رکندڙن لاءِ سڀ کان قيمتي آهن۔۔
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مصروف زندگي۔۔۔۔

    بلڪل پنهنجي اولاد کي ضرور وقت ڏجي، ادا اسد بهترين ليک،،،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو