عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي 82 هين سالگره لنڊن ٽائون سحرش نگر حيدرآباد ۾ ملهائي ويئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ پليجي صاحب جي پارٽي ورڪرن ، اديبن ، شاعرن ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي سنڌياڻين شرڪت ڪئي۔​


    رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز​


    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا دوستو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ساٿيو السلام عليڪم، جيئي سنڌ نمستي۔ گُذريل 21 فيبروري تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره لنڊن ٽائون سحرش نگر حيدرآباد ۾ ملهائي وئي۔ جيئن ته انهي دعوت ۾ شرڪت جي دعوت سنڌ سلامت جي سينئر ميمبر محترم طاهر سنڌي باقائده موبائل فون ذريعي ڏني ۽ مونکي محبتن سان ان ۾ شرڪت جو سڏ ڏنائين ۽ سنڌ سلامت واسطي انهي سالگره واري تقريبن جي ڪوريج ڪرڻ جو چيائين۔ مان انڪار ڪري ڪونه سگهيس، سو طاهر سنڌي کي چيم ته شاباس ڪراچي وارن کي هُجي جو انهن مونکي پليجي صاحب جي سالگره ۾ ڪراچي کان دعوت ڏني آهي حالانڪه ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي تحريڪ جا کوڙ سارا دوست مُنهنجا دوست آهن خير مان گهران تيار ٿي صُبح جو 11 وڳي حيدرآباد لا نڪتس، عبدالغفور سمون کي فون ڪيم ۽ کيس چيم ته ادا طاهر سنڌي پنهنجي عزيز دوست محترم مصطفى مڱريو صاحب سان گڏجي 18 گاڏين جي قافلي سميت ڪراچي کان حيدرآباد اچي رهيو آهي سو انهي قافلي جي شرڪت کي ها لائٽ ڪري سنڌ سلامت لا ڪوريج ڪرڻي آهي، اڄ عبدالغفور سمون سان ويڌين اها ٿي آهي ته هو ڪنهن به اخبار ، ڪنهن به ميڊيا سان تعلق نه رکڻ جي باوجود تعليم واري وزير پير مظهر جي نادر شاهي حُڪمن تي بي گناه عتاب جو شڪار آهي ڳالهه اها آهي ته عبدالغفور سمون پيشي جي لحاظ کان استاد آهي شوقيه فوٽو گرافي ڪري سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندو آهي کي سسپينڊ ڪيو ويو آهي سو ان چيو ته سائين نثار آئون انهي سالگره واري تقريب کي ڪور ڪونه ڪندس، مون کيس چيو ته ادا ڳالهه تقريب کي ڪور ڪرڻ جي ڪانهي پر ڳالهه مونکي انهي تقريب واري هنڌ تي پهچائڻ جي آهي تو وٽ ڦٽ ڦٽي آهي تون رڳو مونکي انهي سالگره واري تقريب ۾ پهچائي باقي ڪوريج ڪرڻ منهنجو ڪم آهي انهي تي هو راضي ٿي ويو سو مون کيس سبزي منڊي حيدرآباد واري پهچڻ جو چيو مان جئين ئي اتي پهتس کيس موبائل ڪال ڪري چيم ته مان سبزي منڊي چوراهي حيدرآباد پهچي ويو آهيان هو ويچارو پنجن منٽن ۾ اتي پهچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته امين سمون به انهي سالگره واري تقريب کي ڏسڻ ٿو چاهي سو ان کي به وٺي ٿا هلون، انهي دوران محترم طاهر سنڌي جون موبائل ڪالون مسلسل اينديون رهيون ته سندن ڪراچي کان 18 بسن وارو قافلو واڌو واهه قاسم آباد حيدرآباد پهچي چُڪو آهي توهان ڪٿي آهيو ڳالهه محبتن جي هُئي طاهر سنڌي اسان جو پيارو سنڌ سلامت جو ساٿي آهي کيس چيم ته اسان امين سمون کي کڻي ڏينهن جي ماني کائي توهان وٽ پهچون ٿا، سو ماني کائي تقريبن 2 وڳي اسان محترم پليجو صاحب جي سالگره جي تقريب جنهن پارڪ ۾ ملهائي پئي ويئي واري پارڪ ۾ پهتاسين ، طاهر سنڌي لنڊن ٽائون بونڊ اسٽريٽ سحرش نگر حيدرآباد واري بلڊنگ جي سامهون مليو، طاهر سنڌي جڏهن اسان کي ڏٺو وڌي اچي اسان کي ڀليڪار چيائين ۽ اسان کي واري واري بلترتيب مونسان عبدالغفور سمون ۽ ادا امين سمون سان ٻکين پئجي اسان جي خوش خير عافيت ڪيائين ۽ پنهنجي دوست محترم مصطفى مڱريو جيڪو عوامي تحريڪ ڪراچي جو سرڪرده اڳواڻ پڻ آهي سان تعارف ڪرايائين۔ سالگره واري جا ۾ پهتاسين ته پورو پارڪ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن سان عورتن ۽ مردن سميت ڀريو پيو هو، مونکي انهي ڳالهه چوڻ ۾ وڌا ڪونه ٿيندو ٿيندو ته سموري سنڌ ۾ عوامي تحريڪ ۾ سنڌياڻي تحريڪ سنڌي نارين کي متحرڪ ڪرڻ ۾ سياسي، سماجي، لحاظ کان پهريون نمبر آهن هن سالگره جي تقريب جنهن ۾ هزارين ماڻهون موجود هُئا ۾ مردن جي نسبت نارين جي تعداد تمام گهڻي هُئي ۽ اها ڳالهه يقينن مونکي حيرت ۾ وجهي رهي هُئي سڀ کان وڏي ڳالهه ته هي سالگره جي تقريب مڪمل ڊسپيلين واري اصولن تحت هُئي ڪٿي به ڪا بد مزگي ڪانه هُئي سنڌياڻين ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پنهنجي ڊيوٽي انتهائي نظم ظبط سان سر انجام ڏني پئي دل گهڻي چاهيو پي ته اسٽيج تي وڃي عوامي تحريڪ جي سرڪرده اڳواڻن خاص ڪري محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سنڌ سلامت لاءِ تصويري ڪوريج ڪريان انهي سلسليءَ ۾ آئون اسٽيج جي بلڪل سامهون به پهچي ويو هُئس اسٽيج جيڪو اٺن کان ڏهن فٽن جي اونچائي ۽ چڱي خاصي ويڪر جي حساب سان ٺاهيو ويو هو مٿي چڙهي ڪونه سگهيس اهو صرف انهي ڪري ته جيڪي سڀ کان پهرين صحافي حضرات يا ميڊيا جا نمائندا آيل هُئا اهي پهرين ئي اسٽيج تي چڙهي چُڪا هُئا ۽ ڪافي ميڊيا جي نمائندن کي سامهون وڏا وڏا اسٽول ٽائپ جهڙا اسٽيج ٺاهي ڏنا ويا هُئا سي لائيو اتا ڪوريج ڪري رهيا هُئا سو مون جهڙي جهوني سنڌ سلامت جي رپورٽر جي لاءِ اسٽيج تي چڙهي ڪوريج ڪرڻ ممڪن ڪونه رهيو هو خير اسٽيج هيٺان سامهون جيڪي به تصويرون ڪڍيم سي توهان سان ضرور ونڊ ڪندس ادا طاهر سنڌي کي شاباسون هُجن جو هو سنڌ سلامت جي بهترين سوکڙي سنڌ سلامت جو سال 2012 وارا ٽي ڪيلينڊر کڻي آيو هو جيڪي هُن مونکي ، ادا عبدالغفور سمون کي ۽ ادا محمد امين سمون کي تحفي طور ڏنا، محترمصطفى مڱريو باقائده جيڪو 18 گاڏين جو قافلو ڪراچي کان وٺي آيو هو جنهن ۾ سنڌي ڀينرون ،۽ سنڌي ڀائر ڪافي تعداد ۾ آيا هُئا جي تصويري ڪوريج ڪرائي رهيو هو. اهڙي ريت ادا طاهر سنڌي جي دعوت تي محترم رسول بخش پليجو جي سالگره جي تقريب واري ڪوريج تقريبن شام جو چار وڳي تائين ڪندو رهيس ۽ چئين وڳي کان پوءِ طاهر سنڌي کان موڪلائي پنهنجي نئين ماڳ بلوچستان جي شهر اوٿل ڏانهن پنه.نجي ننڍي ڀاءُ نوراحمد سمون جيڪو بلوچستان ضلعي لسٻيلا جو ڊپٽي ڪمشنر آهي سان گڏجي روانو ٿي ويس[/JUSTIFY]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

    سائين توهان جي هن بهترين رپورٽ ۽ پوري تصويري ڪوريج جو مست بي قراري سان انتظار ڪندو۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

    ادا اسد مست توهان جي انتظار جون گهڙيون ختم ٿو ڪري ڇڏيان اجهو هي تصويرون لڳايان پيو سوير لڳائي ڇڏيان ها پر ڇا ڪريان جو هينئر مون وٽ ليپ ٽاپ وارو سسٽم آهي جنهن ۾ تصويري لنڪ مونکان صحيح ڪونه ٿو لڳي اجهو هينئر نئون مائوس وٺي آيو آهيان جيڪو ليپ ٽاپ ۾ لڳايواٿم سو کوڙ تصويرون محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره جون۔

    [​IMG]
    اسٽيج جي هيٺين پاسي سالگره واڌائين جو بينر

    [​IMG]
    تمام گهڻي ڪوشش کانپو مرڪزي اسٽيج جي اجهو هينئن تصويري ڪوريج ڪري سگهيس

    [​IMG]
    پليجي صاحب جي سالگره وارين تقريبن ۾ عورت ڪارڪنن جو وڏو تعداد شامل هو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    عوامي تحريڪ جي مرد ۽ عورتن ڪارڪنن جو وڏو تعداد ان سالگره واري تقريب ۾ شريڪ ٿيو​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو سينئر ميمبر ادا طاهر سنڌي ، سنڌ سلامت جو ميمبر دوست ادا امين سمون ۽ عبدالغفور سمون محترم رسول بخش پليجي جي سالگره وارين تقريب ۾ شريڪ هُئا

    [​IMG]
    محترم مصطفا مڱريو اڳواڻ عوامي تحريڪ پليجو گروپ ڪراچي ، سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز ۽ محترم طاهر سنڌي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]ڍڍ
    سالگره ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪجهه وڌيڪ سنڌي سنڌياڻيون
    [​IMG]
    محترم مصطفا مڱريو ۽ سندس دوست

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز ۽ مصطفا مڱريو سالگره جي تقريبن ۾ شريڪ

    [​IMG]
    مصطفا مڱريو ۽ امين سمون

    [​IMG]
    سنڌياڻي تحريڪ جون سنڌياڻيون

    [​IMG]
    محترم مصطفا مڱريو ۽ ان جا ساٿِي​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

    ڪُجه وڌيڪ تصويرون
    [​IMG]
    ادا طاهر سنڌي ادا امين سمون کي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 ع تحفي طور ڏيئي رهيو آهي

    [​IMG]
    عبدالغفور سمون کي ادا مصطفي مڱريو سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 تُحفي طور پيش ڪري رهيو آهي پاسي ۾ ادا طاهر سنڌي به بيٺو آهي

    [​IMG]
    دير سوير آخر سنڌ سلامت جي جهوني نثارناز کي به سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 ملي ويو

    [​IMG]
    ڀلو ڀلو طاهر سنڌي ڏاڍو پيو وڻي ڙي راڻا ڏاڍو پيو وڻي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    دنيا جي ڪا به تقريب ٻارڙن کان سوا ڪانه سجندي آهي محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره ۾ ٻارڙا به شريڪ ٿيا

    [​IMG]
    وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته محترم رسول بخش پليجو سان ماڻهو پيار ٿا ڪن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

    ڪُجه وڌيڪ تصويرون
    [​IMG]
    ادا طاهر سنڌي ادا امين سمون کي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 ع تحفي طور ڏيئي رهيو آهي

    [​IMG]
    عبدالغفور سمون کي ادا مصطفي مڱريو سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 تُحفي طور پيش ڪري رهيو آهي پاسي ۾ ادا طاهر سنڌي به بيٺو آهي

    [​IMG]
    دير سوير آخر سنڌ سلامت جي جهوني نثارناز کي به سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 ملي ويو

    [​IMG]
    ڀلو ڀلو طاهر سنڌي ڏاڍو پيو وڻي ڙي راڻا ڏاڍو پيو وڻي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    دنيا جي ڪا به تقريب ٻارڙن کان سوا ڪانه سجندي آهي محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره ۾ ٻارڙا به شريڪ ٿيا

    [​IMG]
    وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته محترم رسول بخش پليجو سان ماڻهو پيار ٿا ڪن

    [​IMG]

    [​IMG]

    اسٽيج تي شاندار ٽيبلو پيش ڪيو ويو​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

    سائين رپورٽ ۽ تصويرن جي اختتام تي اوهان جي هن بهترين پوسٽ جو جواب ڏبو ان شاءَ الله
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

    سنڌ جي برک ڏاهي، مفڪر ۽ سياستدان سائين رسول بخش پليجو صاحب کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون هجن۔ ان سان گڏ سائين نثار ناز ۽ سندس ٽيم کي به بهترين رپورٽنگ ڪرڻ تي جس هجي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Mustafa Mangrio

    Mustafa Mangrio
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 نومبر 2010
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين ناز صاحب توهان جي محنت کي سلام، جواب دير سان ڏيڻ تي معذرت، اصل ۾ انٽرنيٽ جي سهولت نه هئڻ ڪري سنڌ سلامت کان دوريون رهن ٿيون، پر هاڻ ادا طاهر سنڌي جي مهربانين سان اميد آهي ته اهي دوريون ختم ٿينديون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو