• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

نثارناز

سينيئر رڪن
عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي 82 هين سالگره لنڊن ٽائون سحرش نگر حيدرآباد ۾ ملهائي ويئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ پليجي صاحب جي پارٽي ورڪرن ، اديبن ، شاعرن ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي سنڌياڻين شرڪت ڪئي۔​

رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز​

سنڌ سلامت جا دوستو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ساٿيو السلام عليڪم، جيئي سنڌ نمستي۔ گُذريل 21 فيبروري تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره لنڊن ٽائون سحرش نگر حيدرآباد ۾ ملهائي وئي۔ جيئن ته انهي دعوت ۾ شرڪت جي دعوت سنڌ سلامت جي سينئر ميمبر محترم طاهر سنڌي باقائده موبائل فون ذريعي ڏني ۽ مونکي محبتن سان ان ۾ شرڪت جو سڏ ڏنائين ۽ سنڌ سلامت واسطي انهي سالگره واري تقريبن جي ڪوريج ڪرڻ جو چيائين۔ مان انڪار ڪري ڪونه سگهيس، سو طاهر سنڌي کي چيم ته شاباس ڪراچي وارن کي هُجي جو انهن مونکي پليجي صاحب جي سالگره ۾ ڪراچي کان دعوت ڏني آهي حالانڪه ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي تحريڪ جا کوڙ سارا دوست مُنهنجا دوست آهن خير مان گهران تيار ٿي صُبح جو 11 وڳي حيدرآباد لا نڪتس، عبدالغفور سمون کي فون ڪيم ۽ کيس چيم ته ادا طاهر سنڌي پنهنجي عزيز دوست محترم مصطفى مڱريو صاحب سان گڏجي 18 گاڏين جي قافلي سميت ڪراچي کان حيدرآباد اچي رهيو آهي سو انهي قافلي جي شرڪت کي ها لائٽ ڪري سنڌ سلامت لا ڪوريج ڪرڻي آهي، اڄ عبدالغفور سمون سان ويڌين اها ٿي آهي ته هو ڪنهن به اخبار ، ڪنهن به ميڊيا سان تعلق نه رکڻ جي باوجود تعليم واري وزير پير مظهر جي نادر شاهي حُڪمن تي بي گناه عتاب جو شڪار آهي ڳالهه اها آهي ته عبدالغفور سمون پيشي جي لحاظ کان استاد آهي شوقيه فوٽو گرافي ڪري سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندو آهي کي سسپينڊ ڪيو ويو آهي سو ان چيو ته سائين نثار آئون انهي سالگره واري تقريب کي ڪور ڪونه ڪندس، مون کيس چيو ته ادا ڳالهه تقريب کي ڪور ڪرڻ جي ڪانهي پر ڳالهه مونکي انهي تقريب واري هنڌ تي پهچائڻ جي آهي تو وٽ ڦٽ ڦٽي آهي تون رڳو مونکي انهي سالگره واري تقريب ۾ پهچائي باقي ڪوريج ڪرڻ منهنجو ڪم آهي انهي تي هو راضي ٿي ويو سو مون کيس سبزي منڊي حيدرآباد واري پهچڻ جو چيو مان جئين ئي اتي پهتس کيس موبائل ڪال ڪري چيم ته مان سبزي منڊي چوراهي حيدرآباد پهچي ويو آهيان هو ويچارو پنجن منٽن ۾ اتي پهچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته امين سمون به انهي سالگره واري تقريب کي ڏسڻ ٿو چاهي سو ان کي به وٺي ٿا هلون، انهي دوران محترم طاهر سنڌي جون موبائل ڪالون مسلسل اينديون رهيون ته سندن ڪراچي کان 18 بسن وارو قافلو واڌو واهه قاسم آباد حيدرآباد پهچي چُڪو آهي توهان ڪٿي آهيو ڳالهه محبتن جي هُئي طاهر سنڌي اسان جو پيارو سنڌ سلامت جو ساٿي آهي کيس چيم ته اسان امين سمون کي کڻي ڏينهن جي ماني کائي توهان وٽ پهچون ٿا، سو ماني کائي تقريبن 2 وڳي اسان محترم پليجو صاحب جي سالگره جي تقريب جنهن پارڪ ۾ ملهائي پئي ويئي واري پارڪ ۾ پهتاسين ، طاهر سنڌي لنڊن ٽائون بونڊ اسٽريٽ سحرش نگر حيدرآباد واري بلڊنگ جي سامهون مليو، طاهر سنڌي جڏهن اسان کي ڏٺو وڌي اچي اسان کي ڀليڪار چيائين ۽ اسان کي واري واري بلترتيب مونسان عبدالغفور سمون ۽ ادا امين سمون سان ٻکين پئجي اسان جي خوش خير عافيت ڪيائين ۽ پنهنجي دوست محترم مصطفى مڱريو جيڪو عوامي تحريڪ ڪراچي جو سرڪرده اڳواڻ پڻ آهي سان تعارف ڪرايائين۔ سالگره واري جا ۾ پهتاسين ته پورو پارڪ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن سان عورتن ۽ مردن سميت ڀريو پيو هو، مونکي انهي ڳالهه چوڻ ۾ وڌا ڪونه ٿيندو ٿيندو ته سموري سنڌ ۾ عوامي تحريڪ ۾ سنڌياڻي تحريڪ سنڌي نارين کي متحرڪ ڪرڻ ۾ سياسي، سماجي، لحاظ کان پهريون نمبر آهن هن سالگره جي تقريب جنهن ۾ هزارين ماڻهون موجود هُئا ۾ مردن جي نسبت نارين جي تعداد تمام گهڻي هُئي ۽ اها ڳالهه يقينن مونکي حيرت ۾ وجهي رهي هُئي سڀ کان وڏي ڳالهه ته هي سالگره جي تقريب مڪمل ڊسپيلين واري اصولن تحت هُئي ڪٿي به ڪا بد مزگي ڪانه هُئي سنڌياڻين ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پنهنجي ڊيوٽي انتهائي نظم ظبط سان سر انجام ڏني پئي دل گهڻي چاهيو پي ته اسٽيج تي وڃي عوامي تحريڪ جي سرڪرده اڳواڻن خاص ڪري محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سنڌ سلامت لاءِ تصويري ڪوريج ڪريان انهي سلسليءَ ۾ آئون اسٽيج جي بلڪل سامهون به پهچي ويو هُئس اسٽيج جيڪو اٺن کان ڏهن فٽن جي اونچائي ۽ چڱي خاصي ويڪر جي حساب سان ٺاهيو ويو هو مٿي چڙهي ڪونه سگهيس اهو صرف انهي ڪري ته جيڪي سڀ کان پهرين صحافي حضرات يا ميڊيا جا نمائندا آيل هُئا اهي پهرين ئي اسٽيج تي چڙهي چُڪا هُئا ۽ ڪافي ميڊيا جي نمائندن کي سامهون وڏا وڏا اسٽول ٽائپ جهڙا اسٽيج ٺاهي ڏنا ويا هُئا سي لائيو اتا ڪوريج ڪري رهيا هُئا سو مون جهڙي جهوني سنڌ سلامت جي رپورٽر جي لاءِ اسٽيج تي چڙهي ڪوريج ڪرڻ ممڪن ڪونه رهيو هو خير اسٽيج هيٺان سامهون جيڪي به تصويرون ڪڍيم سي توهان سان ضرور ونڊ ڪندس ادا طاهر سنڌي کي شاباسون هُجن جو هو سنڌ سلامت جي بهترين سوکڙي سنڌ سلامت جو سال 2012 وارا ٽي ڪيلينڊر کڻي آيو هو جيڪي هُن مونکي ، ادا عبدالغفور سمون کي ۽ ادا محمد امين سمون کي تحفي طور ڏنا، محترمصطفى مڱريو باقائده جيڪو 18 گاڏين جو قافلو ڪراچي کان وٺي آيو هو جنهن ۾ سنڌي ڀينرون ،۽ سنڌي ڀائر ڪافي تعداد ۾ آيا هُئا جي تصويري ڪوريج ڪرائي رهيو هو. اهڙي ريت ادا طاهر سنڌي جي دعوت تي محترم رسول بخش پليجو جي سالگره جي تقريب واري ڪوريج تقريبن شام جو چار وڳي تائين ڪندو رهيس ۽ چئين وڳي کان پوءِ طاهر سنڌي کان موڪلائي پنهنجي نئين ماڳ بلوچستان جي شهر اوٿل ڏانهن پنه.نجي ننڍي ڀاءُ نوراحمد سمون جيڪو بلوچستان ضلعي لسٻيلا جو ڊپٽي ڪمشنر آهي سان گڏجي روانو ٿي ويس​
 
جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

سائين توهان جي هن بهترين رپورٽ ۽ پوري تصويري ڪوريج جو مست بي قراري سان انتظار ڪندو۔۔
 
جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

سائين توهان جي هن بهترين رپورٽ ۽ پوري تصويري ڪوريج جو مست بي قراري سان انتظار ڪندو۔۔
ادا اسد مست توهان جي انتظار جون گهڙيون ختم ٿو ڪري ڇڏيان اجهو هي تصويرون لڳايان پيو سوير لڳائي ڇڏيان ها پر ڇا ڪريان جو هينئر مون وٽ ليپ ٽاپ وارو سسٽم آهي جنهن ۾ تصويري لنڪ مونکان صحيح ڪونه ٿو لڳي اجهو هينئر نئون مائوس وٺي آيو آهيان جيڪو ليپ ٽاپ ۾ لڳايواٿم سو کوڙ تصويرون محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره جون۔

420355_10150637682568216_794048215_9254622_933771914_n.jpg

اسٽيج جي هيٺين پاسي سالگره واڌائين جو بينر

424624_10150637681248216_794048215_9254618_1396828832_n.jpg

تمام گهڻي ڪوشش کانپو مرڪزي اسٽيج جي اجهو هينئن تصويري ڪوريج ڪري سگهيس

421155_10150637640208216_794048215_9254483_865125118_n.jpg

پليجي صاحب جي سالگره وارين تقريبن ۾ عورت ڪارڪنن جو وڏو تعداد شامل هو

399799_10150637674878216_794048215_9254603_839806046_n.jpg


402057_10150637664418216_794048215_9254573_1070350075_n.jpg


427428_10150637674168216_794048215_9254599_718067643_n.jpg


407214_10150638866643216_794048215_9257613_492107916_n.jpg


430313_10150637678178216_794048215_9254609_165520195_n.jpg


423161_10150638878968216_794048215_9257677_1608465138_n.jpg

عوامي تحريڪ جي مرد ۽ عورتن ڪارڪنن جو وڏو تعداد ان سالگره واري تقريب ۾ شريڪ ٿيو​
 
جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

396558_10150636822268216_794048215_9252338_2067394906_n.jpg

سنڌ سلامت جو سينئر ميمبر ادا طاهر سنڌي ، سنڌ سلامت جو ميمبر دوست ادا امين سمون ۽ عبدالغفور سمون محترم رسول بخش پليجي جي سالگره وارين تقريب ۾ شريڪ هُئا

394074_10150637645428216_794048215_9254507_380402583_n.jpg

محترم مصطفا مڱريو اڳواڻ عوامي تحريڪ پليجو گروپ ڪراچي ، سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز ۽ محترم طاهر سنڌي

430093_10150637672868216_794048215_9254596_438606200_n.jpg


423069_10150638867458216_794048215_9257618_1345525300_n.jpg


418016_10150638881883216_794048215_9257695_580880317_n.jpg
ڍڍ
سالگره ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪجهه وڌيڪ سنڌي سنڌياڻيون
429000_10150638879583216_794048215_9257680_211967664_n.jpg

محترم مصطفا مڱريو ۽ سندس دوست

421078_10150638879418216_794048215_9257679_1457018236_n.jpg

سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز ۽ مصطفا مڱريو سالگره جي تقريبن ۾ شريڪ

425264_10150638879943216_794048215_9257683_250851150_n.jpg

مصطفا مڱريو ۽ امين سمون

401141_10150637626138216_794048215_9254417_1391467270_n.jpg

سنڌياڻي تحريڪ جون سنڌياڻيون

417265_10150637647508216_794048215_9254523_459137479_n.jpg

محترم مصطفا مڱريو ۽ ان جا ساٿِي​
 
جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

ڪُجه وڌيڪ تصويرون
427068_10150637650978216_794048215_9254536_699280385_n.jpg

ادا طاهر سنڌي ادا امين سمون کي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 ع تحفي طور ڏيئي رهيو آهي

419766_10150637652883216_794048215_9254541_1100560120_n.jpg

عبدالغفور سمون کي ادا مصطفي مڱريو سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 تُحفي طور پيش ڪري رهيو آهي پاسي ۾ ادا طاهر سنڌي به بيٺو آهي

409383_10150637652318216_794048215_9254540_951949774_n.jpg

دير سوير آخر سنڌ سلامت جي جهوني نثارناز کي به سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 ملي ويو

420986_10150637658268216_794048215_9254554_640163696_n.jpg

ڀلو ڀلو طاهر سنڌي ڏاڍو پيو وڻي ڙي راڻا ڏاڍو پيو وڻي

431395_10150637656213216_794048215_9254549_392702719_n.jpg


421752_10150637776013216_794048215_9254857_1061531364_n.jpg


422226_10150637783403216_794048215_9254891_202069342_n.jpg

دنيا جي ڪا به تقريب ٻارڙن کان سوا ڪانه سجندي آهي محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره ۾ ٻارڙا به شريڪ ٿيا

421211_10150638867678216_794048215_9257620_117062791_n.jpg

وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته محترم رسول بخش پليجو سان ماڻهو پيار ٿا ڪن
 
جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

ڪُجه وڌيڪ تصويرون
427068_10150637650978216_794048215_9254536_699280385_n.jpg

ادا طاهر سنڌي ادا امين سمون کي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 ع تحفي طور ڏيئي رهيو آهي

419766_10150637652883216_794048215_9254541_1100560120_n.jpg

عبدالغفور سمون کي ادا مصطفي مڱريو سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 تُحفي طور پيش ڪري رهيو آهي پاسي ۾ ادا طاهر سنڌي به بيٺو آهي

409383_10150637652318216_794048215_9254540_951949774_n.jpg

دير سوير آخر سنڌ سلامت جي جهوني نثارناز کي به سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 ملي ويو

420986_10150637658268216_794048215_9254554_640163696_n.jpg

ڀلو ڀلو طاهر سنڌي ڏاڍو پيو وڻي ڙي راڻا ڏاڍو پيو وڻي

431395_10150637656213216_794048215_9254549_392702719_n.jpg


421752_10150637776013216_794048215_9254857_1061531364_n.jpg


422226_10150637783403216_794048215_9254891_202069342_n.jpg

دنيا جي ڪا به تقريب ٻارڙن کان سوا ڪانه سجندي آهي محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره ۾ ٻارڙا به شريڪ ٿيا

421211_10150638867678216_794048215_9257620_117062791_n.jpg

وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته محترم رسول بخش پليجو سان ماڻهو پيار ٿا ڪن

406478_10150638866883216_794048215_9257614_1220886143_n.jpg


423032_10150637777413216_794048215_9254863_454852223_n.jpg


اسٽيج تي شاندار ٽيبلو پيش ڪيو ويو​
 
جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

سائين رپورٽ ۽ تصويرن جي اختتام تي اوهان جي هن بهترين پوسٽ جو جواب ڏبو ان شاءَ الله
 
جواب: عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي سالگره

سنڌ جي برک ڏاهي، مفڪر ۽ سياستدان سائين رسول بخش پليجو صاحب کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون هجن۔ ان سان گڏ سائين نثار ناز ۽ سندس ٽيم کي به بهترين رپورٽنگ ڪرڻ تي جس هجي۔
 
سائين ناز صاحب توهان جي محنت کي سلام، جواب دير سان ڏيڻ تي معذرت، اصل ۾ انٽرنيٽ جي سهولت نه هئڻ ڪري سنڌ سلامت کان دوريون رهن ٿيون، پر هاڻ ادا طاهر سنڌي جي مهربانين سان اميد آهي ته اهي دوريون ختم ٿينديون۔
 
Back
Top