عالمي مداري جا رانديگر ڀولڙا

'مقالا' فورم ۾ سارنگ طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2012۔

  1. سارنگ

    سارنگ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2012
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر ( مهاوار ڪنڌي ميگزين)
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    عالمي مداريءَ جا رانديگر ڀولڙا

    سارنگ مصطفى

    سرمائيدار سماجن ۾ موجود بهرانن جي عڪاسي حڪمران طبقي جي باهمي تضاد جي شدت اختيار ڪرڻ ۽انهن جي ٽٽڻ جي صورت ۾ظاهر ٿيندي آهي
    انهن جي باهمي جهيڙن جا” اشوز“ هن نظام اندر ئي موجود هوندا آهن
    ۽ ذرائع ابلاغ محنت ڪش طبقي کي حڪمرانن جي ڌڙن ۾الجهائي انهن جو حصو بڻائي اصل ۾ طبقاتي ايشوز جي جدوجهد کي زاياڪرائڻ لاءِ مسلسل ڪردار ادا ڪندو رهندو آهي .
    مجوده سياسي انتشار ان مهلڪ بيماري جو ئي نتيجو آهي جنهن ۾ هي معاشرو شدت سان مبتلا ٿي چڪو آهي پاڪستان جي سرمايا داري اڄ تاريخ جي بدترين بهران جو شڪار آهي جنهن مان نڪرڻ لاءِ هن نظام وٽ شايد هاڻ ڪوبه رستو ناهي بچيو
    18 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ تحريڪ ۽ 27 ڊسمبر تي آتش فشان بڻجي محنت ڪش طبقي روڊن رستن تي نڪري ٽي ڏينهن سموري ملڪ جي هر سسٽم کي جام ڪري هن نظام کان بيزاري جو اعلان ڪيو جنهن کي ذرائع ابلاغ جيترو به سماجي افق تان اوجهل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اوتروئي سامراج ۽ حڪمران طبقو پريشانيءَ پڻ ۾ مبتلا ٿي ويو ، انهيءِ خوف جي ڪري ئي انهن 18 فبروري جا نتيجا هڪ سوچيل سمجهل منصوبي تحت ظاهر ڪرايا ۽ متضاد طبقن جي نمائندگي ڪندڙن سياسي پارٽين جي ليڊرن جي هڪ ”مخلوط“ حڪومت جي تشڪيل ڏني ،پر جلد ئي اها وفاق ۾ ٽٽي وئي پنجاب ۽ ٻيئن صوبن ۾ تضاد جاري رهيو آخر ڪار پنجاب مان ڦاٽي ٻاهر نروار ٿيو .
    جنهن تيزي سان سماج ۾ بدحالي ،غربت،مهنگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي ايترو تيزيءَ سان هن ملڪ جي تاريخ ۾ پهرين ڪڏهن ناهي ٿي.
    الميو اهيو به آهي ته هن سموري صورت حال ۾ عوام جا سوال حڪمرانن جي سوالن کان مختلف آهن
    ماضيءَ کان سواءِ حال کي پرکي نٿو سگهجي ۽ مستقبل جو تعين نٿو ڪري سگهجي نواز ليگ، جماعت اسلامي ۽ ٻيون ساڄي ڌر جون سياسي پارٽيون هن ملڪ جي بدترين آمريت جون پيداوار ۽ تسلسل آهن ، اهي چاهي ڪيترا به روپ تبديل ڪن پر انهن جو ڪردار نٿو بدلجي سگهي ،اهي جمهوريت ،عدليه ۽ انصاف جي ڳالهه ٿا ڪن پر انهن اشوز جي ساڄي ڌر جي اتحادين وٽ نه ڪڏهن ڪو حل هو ۽ نه وري اڄ به انهن وٽ ڪو پروگرام آهي،
    اهي صرف اقتدار ۾حصيدار ي لاءِ سرگرم آهن۽ وري مارشالا لاءِ به مصحلت ڪري سگهن ٿا ۽ ٻئي پاسي وري پيپلز پارٽي آهي جيڪا ”اٽو ، لٽو ۽ اجهي“ جو نعرو ڏئي اقتدار ۾ آئي آهي پر ان به اها ئي پاليسي اختيار ڪئي جيڪا مشرف حڪومت جي هئي ،اهيوئي ڪارڻ آهي جو 63 سال گذرڻ جي باوجود نسل در نسل محنت ڪش عوام رڙيون ڪري رهي آهي آخر وڃجي ته ڪڏهان وڃجي !
    عوام جي پريشاني ۽ هن ملڪ جي راڄڌاني سنڀالڻ جي خواهش رکندڙن جا اشوز الڳ الڳ آهن ڪڏهن عدليه جي آزادي ، ڪڏهن مشرف کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جي خواهش ته وري هاڻ NRO جو اشو،
    ها مشرف تي مقدمو هلڻ گهرجي ان کي ان جي ڪيئي جي سزا به ملڻ گهرجي نه صرف ان جي سياسي جرم جي بلڪِ ان جي معاشي جرم جي پڻ ، پر ان جي جرمن کي لاڳو ڪرڻ ۾ ان جي ٻانهه ٻيلي رهڻ وارن کي به ملڻ گھرجي ،
    پر عوام مٿان ٿندڙ ظلمن ۾ مشرف ڪو پهريون ۽ آخري حڪمران ته نه هو ، ضياءالحق جي آمريت ته ان کان به وڌيڪ وحشت ناڪ ۽ حيوانگي جو مثال بڻي هئي ۽ ان جا ٻانهه ٻيلي نواز شريف ۽ جماعت اسلامي ئي هئي ، جڏهن پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن ضياء آمريت جي عَذيت گاهن ۾ تشدد جو شڪار ٿي رهيا هئا ڦاهيون ،جلاوطنيو ۽ ڪَوڙن جون سختيون برداشت ڪري به پارٽيءَ کي زنده رکي رهيا هئا تڏهن ساڄي ڌر جا مڙئي ليڊر ۽ هن وقت موجود پيپلز پارٽيءَ جا ڪجه ليڊر ضياءالحق جي خوش نودي ۾ عياشيءَ جي زندگي گذاري رهيا هئا ڇا انهن کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري سزائون نه ڏيئڻ گهرجن ؟
    پر عوام مٿان ٿيندڙ ظلمن جي داستان ته ان کان به پراڻي آهي نسل در نسل جنهن حڪمران طبقي ۽ انهن جي رياست هي ظلم ڪيو آهي تن کي نه ڪڏهن تاريخ معاف ڪندي ۽ نه ئي محنت ڪش طبقو
    انهن 63 سالن ۾اهو هڪ هڪ ٻار جيڪو غربت،گندي پاڻي ، ۽ بک ڪارڻ موت جي هنج ۾ سمهي پيو ، اها هڪ هڪ عورت جيڪا خوراڪ جي قلت ۽ دورانِ حمل علاج جي محرومي خاطر زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي ۽ اهي تمام بزرگ جيڪي ڪابلِ علاج بيمارين جون دوائون خريد نه ڪري سگهڻ جي ڪري وقت کان پهرين موت جو کاڄ بڻيا،اهي بيروزگار جن خودڪشيون ڪيون ۽ اهي ماءُ جن بازار ۾ پنهنجن اولاد کي وڪرو ڪري زنده لاش بڻجي ويون انهن سمورن ظلمن جو ذميوار ڪير آهي ؟
    اهو 5 فيصد کان به گهٽ حڪمران طبقو جن نسل در نسل هتي جي عوام جي اڪثريت کي آڙاه ۾ ڦٽو ڪيو آهي ،انهن ڪروڙين انسانن لاءِ قيامت کان پهرين ئي هي حڪمران قيامت کڻي آيا آهن جنهن ۾ محنت ڪش جي موت کان پهرين واري زندگي موت بڻجي چڪي آهي .
    مسئلو هڪ ڪمزور فوجي آمر کي سزا ڏيئڻ جو ناهي بلڪِ هي نظام ئي تاريخ ۾ وڏي سزا جو مستحق آهي ، اها سزا هن سرمائي ۽ هن لالچي نظام جي پاسدارن کي ضرور ملندي .
    محنت ڪش عوام ۾ انهيءَ انتقام جو لاوء ڀڙڪي رهيو آهي ،انهن کي هن حڪمران طبقي کان ڪئين نسلن جو انتقام وٺڻو آهي ،
    هنن اُنهن جي آمريت کي به برداشت ڪيو آهي ،اُنهن جي جمهوريت ۾ به ذليل ۽ رسوا ٿيا آهن ، محنت ڪش مُلن کي به مذهب کي جنس جيان نيلام ڪري ان جو ڪاروبار ڪندي ڏٺو آهي ،
    انهن جمهوريت ،آئين ۽ قانون ۾ تعليم کي واپار ٿيندي به ڏٺو آهي ،انهن جي غربت ٻارن کي علم جي روشنيءَ کان پَري ڪري ڇڏيو، انهن جا زخم ۽ بيماريون سَرمائي جي مَنڊيءَ ۾ وڪامنديون رهيون،علاج ڪَرائڻ جي بجاءِ اهي دوائن جي ڀَريل دڪانن ۽ فائيواسٽار اسپتالن اڳيان دَم ٽوڙيندا رهيا ڇو ته هن نظام ۾ انسانن جي ڏکن، دَردَن ،زَخمَن ۽ بِيمارين جو علاج ناهي ٿيندو پر انهن جو ڪاروبار ڪيو ويندو آهي .
    بجلي ،پاڻي ۽ ٻِيئَن سَهُوليتن کان مِحرومي انهن جي پَهرِين کان ئي تَلخ زندگيءَ کي عذابِ مُسَلسَل بڻائي ڇڏيو آهي
    عوام هر هڪ کي ڏسي رهيو آهي . سمجهي رهيو آهي ،پاڻ مرادو دانشور ن جي دانش ۽ ماضيءَ ۾ انقلابي صِفن ۾ بيٺل صحافت کي به عوام هن نظام جي بازار ۾ رکيل ڪنهن رانديڪي جيان وڪامندو ڏسي رهي آهي .
    ڪامريڊ لنن مطابق محنت ڪش پنهنجي تجربي مان سکندو آهي ۽ هڪ ڏينهن فيصلو ڪندو آهي تڏهن هن ڌرتيءَ تي ڦيهليل غِلاظَت خَتم ٿي ويندي ۽ هڪ نئو سماج هن بربادين جي سماج مان نروار ٿيندو جتي ماڻهو کي پهريون ڀيرو انسان ٿيئڻ نَصيب ٿيندو

    هَرڪو پِنهجي اَگهه اَگهاڻون
    جِيڪو ماڻهون ڪِي نَه وَڪاڻو
    سَوئِي ماڻهون مَوتيءَ دَاڻو
    (منشي)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عالمي مداري جا رانديگر ڀولڙا

    محترم سارنگ۔ ڏاهي لينن جي ڳالهه ته روس ۾ ثابت ٿي ۽ ختم به ٿي ۔۔ چين ۾ به اهو ڪم ٿيو ۽ ختم به ٿي ويو ۽ باقي ملڪن ۾ به پورهيتن جو نظام نه آهي نه وري شايد ايندو ۔۔۔ ها ترقي يافته قومن پنهنجن پورهيتن جي زندگي سکي رکي آهي، بنسبت پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي مزدور جي حالت تمام خراب آهي ۔۔۔

    پاڪستان اصل ۾ سازش جي تحت ٺهيل هڪ ملڪ آهي، جنهن ۾ قومي ڦرلٽ زور شور سان جاري ساري آهي ۔۔۔ پاڪستان ۾ جيستائين قومي مسئلو حل ڪون ٿيندو تيستائين ڪا تبديلي ڪون ايندي ۽ هڪ قوم جو مزدور ٻي قوم جي مزدور جو استحصال ڪندو رهندو ۔۔۔

    سنڌ جي مزدور جي حالت پنجاب جي مزدور کان الڳ آهي ۔۔۔ ڪراچيءَ ۾ ڪمائيندڙ مزدور ۽ ڳوٺن ۾ ٻنين تي ڪمائيندڙ مزدور جي حالت مختلف آهي ۔۔۔ سنڌ جي ڪارخانن ۾، سنڌ جي ڪمائو ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور پنجاب مان اچي ٿو ۽ ناڻو پنجاب موڪلي ٿو ۔۔۔ پر سنڌ جو مزدور ۔۔۔ صرف ڪاغذ چٽڻ ۾ پورو آهي

    پاڪستان جي ٺهڻ جي ڪجهه سالن کانپوءِ جينوا امن ڪانفرنس ۾ جي ايم سيد جو لکيل مقالو ئي هن ملڪ کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي جنهن ۾ هن دنيا کي اهو ٻڌايو هو ته پاڪستان جون سرشتو جنهن رستي تي هلي رهيو آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان دنيا جي امن لاءِ خطرو پئدا ڪندو ۔۔۔ هن وقت دنيا جي هر ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۾ پاڪستان جي مٿئين ڀاڱي جا ماڻهون ملوث آهن ۽ سزا اسان سڀني کي ملي رهي آهي ۔۔۔

    بلوچ هن وقت پاڪستان جي غلاميءَ کان آمريڪا جي غلام بهتر سمجهن ٿا، سندن چوڻ آهي ته غلامن جي غلامي ڪرڻ کان بهتر آهي ته آمريڪا سان دوستي ڪري پنهنجو ملڪ آزاد ڪرائجي۔

    سندن چوڻ آهي ته آمريڪا صرف اسانجي آزادي وڃايندو جيڪا ڪڏهن به موٽائي سگهبي پر پنجاب سندن شناخت ختم ڪري رهيو آهي ۽ هڪ دفعو شناخت ختم ٿي وئي ته وري موٽي ڪون ايندي ۔۔۔

    مطلب ته سنڌ کي پنهنجي خودمختياري ۽ وسيلا پاڻ وٽ آڻي قومي ڀلائي ۽ خوشحاليءَ جو ڪم ڪرڻو پوندو ،،، ٻي صورت ۾ اوهان به اتي آءُ به ۔۔۔ ڪڏهن به ڪجهه به نه ٿيندو ۔۔۔ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه ۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔ اوهان سٺو ليک لکيو آهي

    هر حال ۾ سامراج مرده آباد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عالمي مداري جا رانديگر ڀولڙا

    سارنگ سائين مهربانيون

    سنڌ ۾ خبر ناهي ڇو هڪ اهڙي سوچ جنم ورتو آهي جنهن ۾ ماڻهن مان برداشت نڪرندي وڃي۔ هوڏانهن اقتدار پرست ۽ سياست پرست پارٽيون ڪنهن به تنظيم ڪاري کانسواء ۽ ڪنهن پلاننگ کانسواء ڪم ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي رهيون آهن۔ گذريل 5 ڏينهن کان سنڌ جي دوري تي ويل هيس ۽ ماڻهن جون حالتون، انهن جي سوچ ۽ رويا ڏسي خبر ناهي ڇو من ۾ مايوسي ڇانئجي وئي آهي۔

    اهڙِ حالتن ۾ اسان سياسي ۽ سماجي طور بيوس ۽ لاچار ٿيندا پيا وڃون ۽ ماڻهو اسان جو ساٿ ڇڏيندا پيا وڃن۔ ان جو هڪ سبب ماڻهن خاص ڪري هيٺين درجي ۽ وچين درجي کي اگنور ڪرڻ آهي۔

    اوهان جو سهڻو مضمون ۽ سٺو تبصرو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو