نثارناز
سينيئر رڪن
بلوچستان جي شهر اُٿل ۾ سيد حُسين شاهه شهيد جي ميلي جي موقعي تي سنڌ جي روايتي راند ملاکڙو جو انعقاد ڪيو ويو جنهن جو مهمان خاص ضلع لسٻيلا بلوچستان جو ڊپٽي ڪمشنر محترم نوراحمد سمون جڏهن ته اعزازي مهمان سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز هو.
رپورٽ: نثاراحمدناز( شهر اُٿل ضلع لسٻيلو بلوچستان
تصويرون: محمد رفيق تبسم
تصويرون: محمد رفيق تبسم
سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ ، نمستي.
گُذريل اربع 22 فيبروري 2012 تي بلوچستان جي شهر اُٿل ۾ سيد حُسين شاهه شهيد جي عرس مُبارڪ جي موقعي تي سنڌ جي روايتي راند ملاکڙي جي انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ اُٿل شهر ، پوري لسٻيلا ضلع ۽ سنڌ مان آيل ملهه پهلوانن ڀرپور نموني حصو ورتو: دوستو بلوچستان جو ضلعو لسٻيلو سنڌ جي مختلف ضلعن ڪراچي ، دادو، ڄامشورو جي سرحدن کان پاڻ ۾ ملي ٿو، جنهن مان سڀ کان سئولي ۽ آسان سنڌ جي سرحد ڪراچي شهر کان وايا آر سي ڊي رستي بلوچستان جي شهر حب کان ضلع لسٻيلا سان ملي ٿي . ساٿيو ڪراچي جي علائقي مواڇ واري پاسي کان حب شهر ٻي صورت ۾ ضلع لسٻيلا جو حدو صرف 15 منٽن جي مفاصلي کان پوءِ شروع ٿي ٿيون وڃن. ضلع لسٻيلا صوبي بلوچستان جو واحد ضلعو آهي جيڪو زراعت ، معدني ، سامونڊي ۽ انڊسٽريز جي لحاظ کان اسان جي سموري سنڌ وانگر مالا مال آهي ۽مالي يا ريونيو جي لحاظ کان پوري صوبي بلوچستان جو جو سڀ کان وڌيڪ پيٽ پالي ٿو، ضلع لسٻيلا ۾ گڊاني شپ بريڪنگ(پاڻي جي پراڻن جهاز کي ٽوڙڻ ) جي دنيا جي ٽي نمبر وڏي ۾ وڏي انڊسٽري آهي ، زراعت ۾ هتي هر فصل ٿئي ٿو ، ميوي جات ۾ هتي تمام گهڻي تعداد ۾ ڪيلو پوکيو وڃي ان کان علاوه ضلع لسٻيلا ۾ وندر شهر جا چڪو(چيڪو) پنهنجي مٺاس ۽ ذائقي جي حساب سان پوري پاڪستان ۾ مشهور آهن ۽ زيتون ، انب ، کجور ، جا به وڏي تعداد ۾ هن ضلع ۾ باغ آهن سبزين ۾ هتي سائي ڀاڄي، ٽماٽا، واڱڻ، ڀينڊيون، بصر، ساوا ڌاڻا، ڀينڊيون، ڪڌو به پوکيا وڃن ٿا، ان کان علاوه هن ضلع جا ماڻهو سمنڊ ويجهو هُئڻ ڪري وڏي تعداد ۾ مڇي ماري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آهن، دوستو ضلع لسٻيلا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولي سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي ، هن ضلعي ۾ ڄام، سمان ، برفت، ڀوتاڻي ، خاصخيلي، ڄاموٽ ، شيدي ، ڪلمتي ، سومرا، ٻيون انيڪ سنڌي ذاتيون صدين کان هتي آباد آهن ، جن جون رهڻيون ڪهڻيون ، ريتون رسمون ، ثقافتون، اٿيون ويٺيون ، ميلا ملاکڙا، ڪچهريون بلڪل اسان جي سنڌ وانگر آهن . ضلع لسٻيلا کي تاريخي لحاظ کان اهو اعزاز حاصل آهي ته اسان جي سنڌ جي گهوٽ لاکيڻي لطيف پنهنجن ڇهن سُتن سُرن ۾ هن ضلعي جا ماڳن مڪانن جو ذڪرڪيو آهي ، مشهور عشقيه داستان سسئي پُنهون جي حوالي سان ، سرُ سسئي، سُر سسئي آبري، سُر ڪوهياري ، سُر حُسيني ، وري جوڳين ، ساڌوئن جي تيرٿ ياترا وارو سُر رامڪلي، جو شهر هنگلاچ به ضلع لسٻيلا سان آهن سُر بلاول جو لاجواب بيت

تون سپڙ آئون سيڪڙو ، تون ڏاتار آئون ڏوهه
تون پارس آئون لوهه سَڃين ته سُون ٿيان
تون پارس آئون لوهه سَڃين ته سُون ٿيان
۾ جنهن سپڙ بادشاهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهو به هن ضلع لسٻيلي جو حاڪم هو جيڪو سخاوت جي لحاظ کان مُلڪان مُلڪ مشهور هو. منهنجي هن ذاتي ڄاڻ مطابق انهي ڳالهه ۾ ڪنهن به ڳالهه جو شڪ ناهي ته اسان جي سنڌ جون سرحدون پهرين ڪافي وسيع هيون بلوچستان صوبي جي شهر مڪران تائين ڦهليل هيون. دوستو هن سموري ضلع ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي ته ويندي آهي پر انهن جو لازمي تعليمي نصاب اردو آهي ، ڪٿي به سنڌي پڙهي ۽ پڙهائي نٿي وڃي ايتري قدر جي سنڌي سليس جي حيثيت سان به ڪنهن به تعليمي اداري ۾ نٿي پڙهائي وڃي. ان ڪري جو صوبو بلوچستان آهي ۽ بلوچستان صوبي ۾ سنڌي ٻولي جو تعليمي لحاظ کان ڪهڙو ڪم......؟ ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ......!!جيڪڏهن ،سنڌي ادبي سنگت جي ديرينه مطالبي سنڌي ٻولي کي پاڪستان جي سموري ، پنجابي، بلوچي، پشتو، ٻولين سان گڏ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ته انهي ڳالهه ۾ ٿي سگهي ٿو ته اها مُنهنجي ذاتي سوچ آهي ته صوبي بلوچستان جي هن ضلع جي 90 سيڪڙو آبادي جيڪا سنڌي ڳالهائيندڙ آهي سان پنهنجي تعليمي نصاب ۾ سنڌي ٻولي ءَ کي لازمي قرار ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي
ساٿيوجيئن ته مُنهنجو ننڍو ڀاءُ نوراحمد سمون سي ايس ايس جي ڪامن 33 ۾ ڊي ايم جي گروپ ۾ آفيسر آهي ۽ خوشقسمتي سان بلوچستان جي هن اهم ترين ضلع لسٻيلا جو ڊپٽي ڪمشنر آهي ۽ توهان کي ته خبر آهي ته ڊپٽي ڪمشنر انتظامي حساب سان ساري ضلع جو سربراهه هوندو آهي، سو گُذريل ڏينهن پنهنجي ننڍڙي پُٽ جي سالگره جي سلسلي ۾ هڪ ڏينهن واسطي منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان آيل هو، سو منهنجي طبيعت جي ناسازي کي ڏسندي هُن چيو ته مان ان سان گڏ سندس ضلعي لسٻيلا ۾ هوا پاڻي تبديل ڪرڻ لاءِ هلان مون چيو ته ڀاءُ طبيعت جي ڪري آئون اهو سفر ڪري نٿو سگهان ليڪن ڀاءُ جي زور ڀرڻ تي کيس مان انڪار ڪري ڪونه سگهيس سو اڱاري ڏينهن بتاريخ 21 فيبروري 2011شام جو 5 وڳي کان ضلع لسٻيلا جي شهر اُٿل ۾ ڀاءُ سان گڏ اچي ويس بلوچستان جي شهر اُٿل جو مفاصلو ٽندو محمد خان شهر کان ڪراچي طرف کان صرف چارڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي ، دوستو توهان کي سُڌ هُجي ته ضلع لسٻيلا جي ضلعي آفيس ، جنهن کي ڊي سي آفيس چئي سگهون ٿا اها ضلع لسٻيلا جي تعلقي اُٿل جي شهر اٿل شهر ۾ واقع آهي مين آر سي ڊي شاهراهه تي. ۽ اُٿل شهر ۾ ئي منهنجي ڀاءُ نور احمد سمون جي رهائيش بحيثيت ڊپٽي ڪمشنر جي ڊي سي هائوس ۾ آهي. توهان حيران هوندا ته ذڪر سنڌ جي روايتي راند ملاکڙي جو هلي رهيو هو ته مون مختصر تاريخ ضلع لسٻيلا جي لکي ڇڏي، دوستو ملاکڙي راند جي خبر ته توهان ملاکڙي جي راند جي هتي ونڊ ڪيل تصويرن مان لڳائي سگهو ٿا پر ضلع لسٻيلي جي زميني ۽ تاريخ حوالن سان مختصر پر جامع ڄاڻ منهنجي مٿي لکيل رپورٽ مان ضرور حاصل ڪري وٺندا ڄاڻ جي ڄاڻ ۽ سنڌي راند ملاکڙي جو تصويري احوال: جيئن ته ڀاءُ نوراحمد سمون جي پروگرام ۾ حضرت حسُين شاهه شهيد جي ميلي ۾ ملاکڙي واري راند ۾ چيف گيسٽ جي حيثيت سان ضلعي جي وڏي انتظامي عملدار جي حيثيت سان اڳواٽ درج هو سو ڀاءَ نوراحمد سمون مونکي به سنڌ جي روايتي راند ملاکڙي ۾ وٺي آيو ، ميلي جي منتظمين بار بار ڀاء نوراحمد سمون سميت مونکي به ڀليڪار چئي پئي ۽ مونکي به خاص مهمان جي حيثيت وارو اعزار ڏيندي اهو چيو پي ته اسان ڊي سي صاحب جي وڏي ڀاءُ نثاراحمدناز سمون جا به ٿورائتا آهيون جو هو سنڌ کان اسان جي هن ميلي ۾ شرڪت ڪري هن سنڌ جي روايتي راند ملاکڙي کي چار چنڊ لڳايا آهن.
دوستو هتي آئون شهر اوٿل جي نوجوان دوست محترم رفيق تبسم جو ذڪر ضرور ڪندس جيڪو هتي جي سڀ کان وڏي اردو اخبار انتخاب جو نمائندو آهي جنهن سنڌ سلامت جي ڪئميرا ذريعي ، پنهنجا اخباري فرائض منسبي سنڀالڻ جي ساٿ ساٿ ملاکڙي جون تصويرون ڪڍي سنڌ سلامت جي اعزازي ڪوريج ڪئي پئي . سندس ٿورا
هاڻي پيش آهن ملاکڙي واري راند جون ناياب تصويرون
درگاهه حضرت حُسين شاهه شهيد جي ميلي جي موقعي تي منعقد ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملاکڙي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ضلع لسٻيلا ڀا نوراحمد سمون ۽ سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز مهمان خاص جي حيثيت سان نمايان آهن
محتر سردار غلام فاروق شيخ ، سيد منو شاهه ولد بابا جمن شاهه گرناڙي، نوراحمد سمون (ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا) نثاراحمدناز(سنڌ سلامت جو جهونو) بلوچستان جي شهر اوٿل ۾ سيد حسين شاهه شهيد جي سالياني عرس جي موقعي تي منعقد ڪرايل ملاکڙي جي موقعي تي
بلوچستان جي شهر اُٿل ۾ باقائده سنڌ وانگر هر خوشي جي تقريب ۾ سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ تحفي طور اوڍائڻ جو رواج سنڌ جيان صدين کان آهي انهي سلسلي کي برقرار رکندي هن ميلي جا منتظمين ڊپٽي ڪمشنر ڀا نوراحمد سمون کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو پڻ پهرايو
بلوچستان جي شهر اوٿل م ٿيل سيد حسين شاهه شهيد جي سالياني عرس مُبارڪ جي موقعي تي ٿيل ملاکڙي ۾ ڊاڪٽر حڪيم خاصخيلي آف اوٿل سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز کي سنڌ جوخوبصورت تحفو اجرڪ اوڍائي رهيو آهي
هن ملاکڙي راند کي سنڌ سلامت واسطي ڪوريج ڪرڻ واري نوجوان دوست رفيق تبسم کي به ميلي جي منتظمين پاران اجرڪ جو تحفو اوڍايو ويو۔
ملاکڙي جو سڀ کان پهريون اصول باقائده پهلوانن طرفا سنڌرا ڪسيا پيا وڃن
ملاکڙي جي راند جا مختلف منظر جنهن ۾ ٻکين پئجڻ، واري وٺڻ ۽ ڦيري ڏيڻ وارا دا پيچ نمايان آهن