بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا ۾ سنڌ جي روايتي راند ملاکڙو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    بلوچستان جي شهر اُٿل ۾ سيد حُسين شاهه شهيد جي ميلي جي موقعي تي سنڌ جي روايتي راند ملاکڙو جو انعقاد ڪيو ويو جنهن جو مهمان خاص ضلع لسٻيلا بلوچستان جو ڊپٽي ڪمشنر محترم نوراحمد سمون جڏهن ته اعزازي مهمان سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز هو.​


    رپورٽ: نثاراحمدناز( شهر اُٿل ضلع لسٻيلو بلوچستان
    تصويرون: محمد رفيق تبسم​


    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ ، نمستي.
    گُذريل اربع 22 فيبروري 2012 تي بلوچستان جي شهر اُٿل ۾ سيد حُسين شاهه شهيد جي عرس مُبارڪ جي موقعي تي سنڌ جي روايتي راند ملاکڙي جي انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ اُٿل شهر ، پوري لسٻيلا ضلع ۽ سنڌ مان آيل ملهه پهلوانن ڀرپور نموني حصو ورتو: دوستو بلوچستان جو ضلعو لسٻيلو سنڌ جي مختلف ضلعن ڪراچي ، دادو، ڄامشورو جي سرحدن کان پاڻ ۾ ملي ٿو، جنهن مان سڀ کان سئولي ۽ آسان سنڌ جي سرحد ڪراچي شهر کان وايا آر سي ڊي رستي بلوچستان جي شهر حب کان ضلع لسٻيلا سان ملي ٿي . ساٿيو ڪراچي جي علائقي مواڇ واري پاسي کان حب شهر ٻي صورت ۾ ضلع لسٻيلا جو حدو صرف 15 منٽن جي مفاصلي کان پوءِ شروع ٿي ٿيون وڃن. ضلع لسٻيلا صوبي بلوچستان جو واحد ضلعو آهي جيڪو زراعت ، معدني ، سامونڊي ۽ انڊسٽريز جي لحاظ کان اسان جي سموري سنڌ وانگر مالا مال آهي ۽مالي يا ريونيو جي لحاظ کان پوري صوبي بلوچستان جو جو سڀ کان وڌيڪ پيٽ پالي ٿو، ضلع لسٻيلا ۾ گڊاني شپ بريڪنگ(پاڻي جي پراڻن جهاز کي ٽوڙڻ ) جي دنيا جي ٽي نمبر وڏي ۾ وڏي انڊسٽري آهي ، زراعت ۾ هتي هر فصل ٿئي ٿو ، ميوي جات ۾ هتي تمام گهڻي تعداد ۾ ڪيلو پوکيو وڃي ان کان علاوه ضلع لسٻيلا ۾ وندر شهر جا چڪو(چيڪو) پنهنجي مٺاس ۽ ذائقي جي حساب سان پوري پاڪستان ۾ مشهور آهن ۽ زيتون ، انب ، کجور ، جا به وڏي تعداد ۾ هن ضلع ۾ باغ آهن سبزين ۾ هتي سائي ڀاڄي، ٽماٽا، واڱڻ، ڀينڊيون، بصر، ساوا ڌاڻا، ڀينڊيون، ڪڌو به پوکيا وڃن ٿا، ان کان علاوه هن ضلع جا ماڻهو سمنڊ ويجهو هُئڻ ڪري وڏي تعداد ۾ مڇي ماري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آهن، دوستو ضلع لسٻيلا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولي سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي ، هن ضلعي ۾ ڄام، سمان ، برفت، ڀوتاڻي ، خاصخيلي، ڄاموٽ ، شيدي ، ڪلمتي ، سومرا، ٻيون انيڪ سنڌي ذاتيون صدين کان هتي آباد آهن ، جن جون رهڻيون ڪهڻيون ، ريتون رسمون ، ثقافتون، اٿيون ويٺيون ، ميلا ملاکڙا، ڪچهريون بلڪل اسان جي سنڌ وانگر آهن . ضلع لسٻيلا کي تاريخي لحاظ کان اهو اعزاز حاصل آهي ته اسان جي سنڌ جي گهوٽ لاکيڻي لطيف پنهنجن ڇهن سُتن سُرن ۾ هن ضلعي جا ماڳن مڪانن جو ذڪرڪيو آهي ، مشهور عشقيه داستان سسئي پُنهون جي حوالي سان ، سرُ سسئي، سُر سسئي آبري، سُر ڪوهياري ، سُر حُسيني ، وري جوڳين ، ساڌوئن جي تيرٿ ياترا وارو سُر رامڪلي، جو شهر هنگلاچ به ضلع لسٻيلا سان آهن سُر بلاول جو لاجواب بيت [/JUSTIFY]

    تون سپڙ آئون سيڪڙو ، تون ڏاتار آئون ڏوهه
    تون پارس آئون لوهه سَڃين ته سُون ٿيان​

    [JUSTIFY]
    ۾ جنهن سپڙ بادشاهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهو به هن ضلع لسٻيلي جو حاڪم هو جيڪو سخاوت جي لحاظ کان مُلڪان مُلڪ مشهور هو. منهنجي هن ذاتي ڄاڻ مطابق انهي ڳالهه ۾ ڪنهن به ڳالهه جو شڪ ناهي ته اسان جي سنڌ جون سرحدون پهرين ڪافي وسيع هيون بلوچستان صوبي جي شهر مڪران تائين ڦهليل هيون. دوستو هن سموري ضلع ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي ته ويندي آهي پر انهن جو لازمي تعليمي نصاب اردو آهي ، ڪٿي به سنڌي پڙهي ۽ پڙهائي نٿي وڃي ايتري قدر جي سنڌي سليس جي حيثيت سان به ڪنهن به تعليمي اداري ۾ نٿي پڙهائي وڃي. ان ڪري جو صوبو بلوچستان آهي ۽ بلوچستان صوبي ۾ سنڌي ٻولي جو تعليمي لحاظ کان ڪهڙو ڪم......؟ ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ......!!جيڪڏهن ،سنڌي ادبي سنگت جي ديرينه مطالبي سنڌي ٻولي کي پاڪستان جي سموري ، پنجابي، بلوچي، پشتو، ٻولين سان گڏ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ته انهي ڳالهه ۾ ٿي سگهي ٿو ته اها مُنهنجي ذاتي سوچ آهي ته صوبي بلوچستان جي هن ضلع جي 90 سيڪڙو آبادي جيڪا سنڌي ڳالهائيندڙ آهي سان پنهنجي تعليمي نصاب ۾ سنڌي ٻولي ءَ کي لازمي قرار ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي
    ساٿيوجيئن ته مُنهنجو ننڍو ڀاءُ نوراحمد سمون سي ايس ايس جي ڪامن 33 ۾ ڊي ايم جي گروپ ۾ آفيسر آهي ۽ خوشقسمتي سان بلوچستان جي هن اهم ترين ضلع لسٻيلا جو ڊپٽي ڪمشنر آهي ۽ توهان کي ته خبر آهي ته ڊپٽي ڪمشنر انتظامي حساب سان ساري ضلع جو سربراهه هوندو آهي، سو گُذريل ڏينهن پنهنجي ننڍڙي پُٽ جي سالگره جي سلسلي ۾ هڪ ڏينهن واسطي منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان آيل هو، سو منهنجي طبيعت جي ناسازي کي ڏسندي هُن چيو ته مان ان سان گڏ سندس ضلعي لسٻيلا ۾ هوا پاڻي تبديل ڪرڻ لاءِ هلان مون چيو ته ڀاءُ طبيعت جي ڪري آئون اهو سفر ڪري نٿو سگهان ليڪن ڀاءُ جي زور ڀرڻ تي کيس مان انڪار ڪري ڪونه سگهيس سو اڱاري ڏينهن بتاريخ 21 فيبروري 2011شام جو 5 وڳي کان ضلع لسٻيلا جي شهر اُٿل ۾ ڀاءُ سان گڏ اچي ويس بلوچستان جي شهر اُٿل جو مفاصلو ٽندو محمد خان شهر کان ڪراچي طرف کان صرف چارڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي ، دوستو توهان کي سُڌ هُجي ته ضلع لسٻيلا جي ضلعي آفيس ، جنهن کي ڊي سي آفيس چئي سگهون ٿا اها ضلع لسٻيلا جي تعلقي اُٿل جي شهر اٿل شهر ۾ واقع آهي مين آر سي ڊي شاهراهه تي. ۽ اُٿل شهر ۾ ئي منهنجي ڀاءُ نور احمد سمون جي رهائيش بحيثيت ڊپٽي ڪمشنر جي ڊي سي هائوس ۾ آهي. توهان حيران هوندا ته ذڪر سنڌ جي روايتي راند ملاکڙي جو هلي رهيو هو ته مون مختصر تاريخ ضلع لسٻيلا جي لکي ڇڏي، دوستو ملاکڙي راند جي خبر ته توهان ملاکڙي جي راند جي هتي ونڊ ڪيل تصويرن مان لڳائي سگهو ٿا پر ضلع لسٻيلي جي زميني ۽ تاريخ حوالن سان مختصر پر جامع ڄاڻ منهنجي مٿي لکيل رپورٽ مان ضرور حاصل ڪري وٺندا ڄاڻ جي ڄاڻ ۽ سنڌي راند ملاکڙي جو تصويري احوال: جيئن ته ڀاءُ نوراحمد سمون جي پروگرام ۾ حضرت حسُين شاهه شهيد جي ميلي ۾ ملاکڙي واري راند ۾ چيف گيسٽ جي حيثيت سان ضلعي جي وڏي انتظامي عملدار جي حيثيت سان اڳواٽ درج هو سو ڀاءَ نوراحمد سمون مونکي به سنڌ جي روايتي راند ملاکڙي ۾ وٺي آيو ، ميلي جي منتظمين بار بار ڀاء نوراحمد سمون سميت مونکي به ڀليڪار چئي پئي ۽ مونکي به خاص مهمان جي حيثيت وارو اعزار ڏيندي اهو چيو پي ته اسان ڊي سي صاحب جي وڏي ڀاءُ نثاراحمدناز سمون جا به ٿورائتا آهيون جو هو سنڌ کان اسان جي هن ميلي ۾ شرڪت ڪري هن سنڌ جي روايتي راند ملاکڙي کي چار چنڊ لڳايا آهن.
    دوستو هتي آئون شهر اوٿل جي نوجوان دوست محترم رفيق تبسم جو ذڪر ضرور ڪندس جيڪو هتي جي سڀ کان وڏي اردو اخبار انتخاب جو نمائندو آهي جنهن سنڌ سلامت جي ڪئميرا ذريعي ، پنهنجا اخباري فرائض منسبي سنڀالڻ جي ساٿ ساٿ ملاکڙي جون تصويرون ڪڍي سنڌ سلامت جي اعزازي ڪوريج ڪئي پئي . سندس ٿورا [/JUSTIFY]
    هاڻي پيش آهن ملاکڙي واري راند جون ناياب تصويرون​


    [​IMG]

    درگاهه حضرت حُسين شاهه شهيد جي ميلي جي موقعي تي منعقد ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملاکڙي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ضلع لسٻيلا ڀا نوراحمد سمون ۽ سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز مهمان خاص جي حيثيت سان نمايان آهن

    [​IMG]

    محتر سردار غلام فاروق شيخ ، سيد منو شاهه ولد بابا جمن شاهه گرناڙي، نوراحمد سمون (ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا) نثاراحمدناز(سنڌ سلامت جو جهونو) بلوچستان جي شهر اوٿل ۾ سيد حسين شاهه شهيد جي سالياني عرس جي موقعي تي منعقد ڪرايل ملاکڙي جي موقعي تي

    [​IMG]
    بلوچستان جي شهر اُٿل ۾ باقائده سنڌ وانگر هر خوشي جي تقريب ۾ سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ تحفي طور اوڍائڻ جو رواج سنڌ جيان صدين کان آهي انهي سلسلي کي برقرار رکندي هن ميلي جا منتظمين ڊپٽي ڪمشنر ڀا نوراحمد سمون کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو پڻ پهرايو

    [​IMG]
    بلوچستان جي شهر اوٿل م ٿيل سيد حسين شاهه شهيد جي سالياني عرس مُبارڪ جي موقعي تي ٿيل ملاکڙي ۾ ڊاڪٽر حڪيم خاصخيلي آف اوٿل سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز کي سنڌ جوخوبصورت تحفو اجرڪ اوڍائي رهيو آهي

    [​IMG]
    هن ملاکڙي راند کي سنڌ سلامت واسطي ڪوريج ڪرڻ واري نوجوان دوست رفيق تبسم کي به ميلي جي منتظمين پاران اجرڪ جو تحفو اوڍايو ويو۔

    [​IMG]

    [​IMG]
    ملاکڙي جو سڀ کان پهريون اصول باقائده پهلوانن طرفا سنڌرا ڪسيا پيا وڃن

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ملاکڙي جي راند جا مختلف منظر جنهن ۾ ٻکين پئجڻ، واري وٺڻ ۽ ڦيري ڏيڻ وارا دا پيچ نمايان آهن​
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا ۾ سنڌ جي روايتي راند ملاکڙو

    سائين اسان سنڌ سلامت جي تمام ميمبرن کي ڏاڍي خوشي ٿي اوهان کي هن پروگرام ۾ خصوصي مهمان جي حيثيت سان ڏسي۔۔۔
    لسٻيلو ضلعي جي جاگرافيائي ۽ تاريخي معلومات ساڻ رچيل ۽ هن پروگرام جي تصويرن سان سجيل هن ليک کي پڙهي اسان کي تمام گهڻي معلومات حاصل ٿي۔۔ مست دعاڳو آهي ته سنڌ پنهنجي تاريخي اوج کي ٻيهر حاصل ڪري ۽ دور حاضر جي حڪومت کان اسان جو اهو مطالبو پڻ آهي ته سنڌي ٻولي سميت علاقائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي انهن کي ملڪي توڙي انٽرنيشنل ليول تي هٿ وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن۔۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا ۾ سنڌ جي روايتي راند ملاکڙو

    سائين نثار ناز صاحب اوهان جي محنت کي سلام آهي.
    الله اوهان کي وڏي ڄمار ۽ صحتيابي نصيب ڪري.
    اوهان جي رپورٽ ڪامل معني ۾ هڪ ڪامل رپورٽ آهي، جنهن مان اسان سيکڙاٽن کي گهڻو فائدو ملي ٿو.
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا ۾ سنڌ جي روايتي راند ملاکڙو

    QUOTE=مست;97401]
    سائين اسان سنڌ سلامت جي تمام ميمبرن کي ڏاڍي خوشي ٿي اوهان کي هن پروگرام ۾ خصوصي مهمان جي حيثيت سان ڏسي۔۔۔
    لسٻيلو ضلعي جي جاگرافيائي ۽ تاريخي معلومات ساڻ رچيل ۽ هن پروگرام جي تصويرن سان سجيل هن ليک کي پڙهي اسان کي تمام گهڻي معلومات حاصل ٿي۔۔ مست دعاڳو آهي ته سنڌ پنهنجي تاريخي اوج کي ٻيهر حاصل ڪري ۽ دور حاضر جي حڪومت کان اسان جو اهو مطالبو پڻ آهي ته سنڌي ٻولي سميت علاقائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي انهن کي ملڪي توڙي انٽرنيشنل ليول تي هٿ وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن۔۔۔
    [/QUOTE]

    ادا اسد مست جون مهربانيون هتي لسٻيلا جي شهر اُٿل ۾ تمام سُٺو وقت پيو گُذري هتي جا ماڻهو تمام سادا ، هنن جي دل ۾ مير نالي ڪا شي ڪانهي ٿوري گهڻي تي رب جي رضا تي راضي رهڻ وارا، لاکيڻي لطيف جي ٻولي جا صحيح معنا ۾ رکوالا، محبتون ورهائڻ وارا هتي جا ماڻهو ڪنهن کي ايذا رسائڻ سکيا ئي ڪونه آهن ۔ مست جاني هي ڪجهه وڌيڪ تصويرون آهن هن ملاکڙي جون۔ حقيقت ۾ اسان هن راندين جي شعبي ۾ صرف سنڌي راندين جي ونڊ اماڻڻ کپي، پر ڇا ڪجي اسان جي ناقدري جي اسان جون سنڌي رانديون، ونجهه وٽي، ٻيلاڙو، ڀيچي ڙي ڀيچي، لڪ لڪوٽي ۽ اسان جي هي عظيم راند ملاکڙو تقريبن ختم ٿي چُڪي آهي ۽ اهي رانديون اسان شوق سان ڏسندا آهيون جن راندين جو واسطو اسان جي سنڌ ۽ اسان جي سنڌي معاشري سان پري پري تائين ڪونه آهي۔ توهان هنن تصويرن ۾ اسان جي سنڌي ملهه پهلوانن کي ڏسو ڪيئن نه گهوٽ اڻموٽ سُهڻا پيا لڳن، سندرا ڪسيندي ، ٻکين پئجندي ۽ وارا وٺندي منهنجي سوڍا پُٽ سنڌ جا ٿا لڳن۔ شال منهنجي سنڌ جا هي جوان پُٽ پهلوان پُٽ سدائين آباد هجن اهي ميلا ملاکڙا اسان جي سنڌ جي سونهن آهن، اسان جي ثقافتن جا اهڃاڻ شل سدائين اهي ڪچهري قائم هُجن۔ هي ڪُجهه وڌيڪ تصويرون آهن ملهه پهلوانن جون

    [​IMG]

    [​IMG]

    ملهه پهلوان اجتمائي طور تي سندار ڪشڻ جي تيارين ۾

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ملاکڙو راند پوري عروج تي آهي ملاکڙي راند ۾ ملهه پهلوان پنهنجا دا پيچ آزمائي رهيا آهن​
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا ۾ سنڌ جي روايتي راند ملاکڙو

    محترم ڀا طاهر سنڌي جون مهربانيون جنهن منهنجي هي غريباڻي ونڊ کي دل سان پڙهيو ۽ ڏٺو ۽ هن رپورٽ کي پسند ڪرڻ فرمايو ادا آئون هميشهه اها ڪوشش ڪندو آهيان ته سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي ڪجهه مختلف ڏجي مون سدائين لڪير جي فقير ٿيڻ کان پاسو ڪيو آهي، منهنجي هر ونڊ ونڊڻ ويلي صرف نالي جي اعتبار سان ته منهنجي هوندي آهي پر ونڊڻ کان پو اها ونڊ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي تاريخ تاڃي پيٽي ٿي ويندي آهي، ائين سمجهو ته سنڌ سلامت جي تاريخ جو حصو سنڌ سلامت جي ملڪ ٿي ويندي آهي۔ الله تعالي جو شڪر آهي ته مون ڪٽ پيسٽ واري عام مُدي خارج روايتن کي به سنڌ سلامت جي اڱڻ کان پاسيرو ڪيو ۽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويس انهي جا بهترين نقاد توهان سڀ سنڌ سلامت جا دوست آهيو ، مان پنهنجي هن ملاکڙي واري پوسٽ جي فائنل طرف وڃي رهيو آهيان ۽ چند ٻيون تصويرون توهان سان شيئر پيو ڪريان اميد ته پسند اينديون

    [​IMG]

    [​IMG]
    ضلع لسٻيلا بلوچستان جو ڊپٽي ڪمشنر محترم نوراحمد سمون کٽي آيل ملهه پهلوانن کي نقد انعام ڏيئي رهيو آهي

    [​IMG]
    سيد منو شاهه آف اوٿل ملاکڙو کٽي آيل ملهه پهلوان کي ڪيش انعام ڏيئي رهيو آهي سيد منو شاهه جي پاسي ۾ سردار فاروق شيخ آف لسٻيلا ويٺو آهي
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    هن ملاکڙي ۾ وڏي تعداد ۾ اُٿل شهر ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺ جي ماڻهن شرڪت ڪئي
    [​IMG]
    ڊپٽي ڪمشنر ضلع لسٻيلا بلوچستان محترم نوراحمد سمون ملاکڙي جي رننگ ڪامينٽري ڪندڙ کي ڪيش انعام ڏنو لفافو همراهه جي هٿ ۾ آهي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ملهه پهلوانن سان گروپ فوٽوز ڀلا ڀائي سنڌ سلامت جو جهونو ڇو نه مُرڪي​
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا ۾ سنڌ جي روايتي راند ملاکڙو

    سائين نثار ناز لک مهربانيون جو اوهان سنڌ جي قومي راند کي بلوچستان مان رپورٽ ڪري رهيا آهيو۔

    اوهان جي ملهه راند سان شوق ۽ سنڌ سلامت جي دوستن سان شيئرنگ ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون۔ شال سدا خوش رهو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو