TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
هي هڪ مختصر پر سبق آموز ڪهاڻي آهي
ڇا اسان هڪ ٻئي سان ايڏو پيار ڪري سگهون ٿا جيئن اسان کي پنهنجن عيبن سان گڏ پيار ڪيو ٿو وڃي؟
آمريڪا جي ويٽنام سان جنگ دوران ڪيلرفورنيا جي هڪ پر سڪون گهر ۾ ٽيليفون جي رنگ وڳي.
هي گهر هڪ پوڙهي آمريڪي جوڙي جو هو، جن جو اڪيلو پٽ ان جنگ ۾ فوجي طور ويل هو.
هنن کي پنهنجي اڪيلي پٽ جي باري ۾ ڏاڍي ڳڻتي هوندي هئي، هر وقت الله کي ٻاڏائي هن جي سلامتي لاءِ دعائون گهرندا رهندا هئا، جيئن ئي فون جي گهنٽي وڳي ته ٻئي هڪ ٻئي کان سبقت وٺڻ جي ڪوشش ڪندي فون تائين پهتا، پٽ سان ڳالهائڻ جي چاهت ۾ پوڙهو ۽ پوڙهي چاهين پيا ته پهرين اهو ئي ساڻس ڳالهائي، ڏاڍي پريشاني جي عالم ۾ پيءُ فون اٽينڊ ڪئي.
پيءُ: هلو ... ڪير ٿو ڳالهائي؟
ٻئي پاسي کان آواز آيو: بابا مان آهيان اوهان جو پٽ ڪلارڪ پيارا بابا سائين اوهان ڪيئن آهيو؟
پيءُ: پُٽ .. ڪيئن آهين بابا تون؟ ڪڏهن واپس ايندي؟ اسان کي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آهي!
سندس والدھ: پُٽ توڏي خير ته آهي نه ابا؟
ڪلارڪ: جي امي جان مان خير عافيت سان آهيان، ٻن ڏينهن کان واپس اچي ويو آهيان.
پيءُ: واقعي؟!! گهر ڪڏهن ٿو اچين؟ مونکي ۽ تنهنجي امڙ کي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آهي.
ڪلارڪ: بابا في الحال ته مان ڪونه اچي سگهندس، مون سان گڏ هڪ منهنجو دوست آهي جنهن جون جنگ ۾ ٻئي ٻانهون ۽ سندس ساڄي ڄنگھ ضايع ٿي وئي آهي.
مشڪل سان ڳالهائيندي وڍيڪ چيائين: بابا مان ان دوست کي پاڻ سان گڏ وٺي اچان؟
پيءُ: پاڻ سان گڏ هيڏي آڻيندينس؟
ڪلارڪ: جي بابا مان هن کي اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهان، هُن کي به اهو ڊپ آهي جي ان حالت ۾ گهر ويندو ته متان هن جا گهر وارا هن حال ۾ هن کي قبول نه ڪن يا هو انهن جو سامهون نه ڪري سگهي.
هو پڇي ٿو ته متان هو گهر وارن مٿان بوجھ نه بڻجي پوي؟
پيءُ: پٽ! تنهنجو ڇا وڃي هن سان؟ کيس ان حالت ۾ ڇڏي ڏي، اسپتال وارا پاڻ سندس خيال ڪندا، پر تون هن کي گهر هرگز نه وٺي اچج، اهو هر گز نه ٿيندو.
ڪير هن جي خدمت ڪندو؟ تون پاڻ چوين ٿو ته سندس ٻئي ٻانهو ۽ ساڄو پير ضايع ٿي چڪو آهي، اسان تي بوجھ بڻجي ويندو بابا، هن سان گڏ ڪير رهي سگهندو؟
ڪلارڪ ... منهنجا پٽ ،،، تون ٻڌين ٿو نه؟ جواب ڇو نه ٿو ڏين؟
ڪلارڪ: مان ٻڌان ٿو بابا،،، ڇا هي اوهان جو آخري فيصلو آهي؟
پيءُ: جي ها... ان جي ڪنهن گهر واري کي فون ڪر ، تاڪ ان کي کڻي وڃن، باقي ڪم انهن تي ڇڏي ڏي...
ڪلارڪ: پر بابا اوهان ڇا ٿا سمجهو ته هن جا گهر وارا ان حالت ۾ ان کي قبول ڪندا؟
پيءُ: نه پُٽ مان نه ٿو سنجهان ته اهڙي بوجھ کي ڪير کڻي سگهندو.
ڪلارڪ: مونکي هاڻي وڃڻو آهي بابا ، خدا حافظ.
ان فون ڳالھ جي ٻن ڏينهن کان پوءِ آمريڪي نيوي ڪاليفورنيا جي سمنڊ منجهان ڪلارڪ جو لاش هٿ ڪيو جڏهن هو آمريڪي اسپتال مان ڀڄي وڃي هڪ برج مٿان وڃي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي.
هن پيءُ کي گهرايو ويو تاڪ پنهنجي پُٽ جو لاش وصول ڪري... ۽ هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته ان جي پُٽ جو لاش بغير ٻانهن ۽ ساڄي ڄنگھ جي کيس مليو..جيڪي جنگ ۾ ضايع ٿي ويون هيس، انهيءَ وقت ئي پڻس سمجهي ويو ته ڪلارڪ پنهنجي ڳالھ ڪري رهيو هو...
ڪلارڪ
جنهن پنهنجي والدين جو موقف پئي معلوم ڪرڻ چاهيو ته گهر وڃڻ کان اڳ هو انهن کي پنهنجو پاڻ هن حالت ۾ ڪيئن پيش ڪري انهن جو سامهون ڪري...
هن واقعي ۾ هي پيءُ اسان مان گهڻن جيان نظر اچي ٿو جتي اهو ته تمام آسان آهي ته اسان پنهنجي ارد گرد ڪنهن محدود گروپ سان محبت ڪريون، انهن کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان نه ڇوته هو اجنبي آهن!!
يا ان ڪري ته انهن جي شڪل ته سهڻي آهي پر هو (پُورا، ڪمپليٽ) نه آهن، چاهي اها اڻ پورائي انهن جي شڪل ۾ هجي يا انهن جي طبيعت ۾ هجي يا انهن جي اٿڻي ويهڻي ۾...

سبق:
ڪاش اسان هڪ ٻئي کي پنهنجي ڪنهن به اڻ پورائي جي حيثيت ۾ به قبول ڪريون، اهو ياد ڪندي ته ڪجھ اسان ۾ به نقص آهن، ڇو ته ڪير به انسان ڪامل، پورو، بغير نقص جي هر گز به نه آهي، چاهي ان جي برعڪس ڇو نه نظر اچي...