يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
لڪ ۾ قومي اسيمبلي جي 6 ۽ صوبائي اسيمبلين جي 4 تڪن تي ٿيل ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي 4 سيٽن تي ڪامياب ٿي وئي آهي، جڏهن ته نواز ليگ 3 سيٽون حاصل ڪيون آهن، انهن چونڊن ۾ وزيراعظم جو پٽ موسيٰ گيلاني ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو پٽ حسنين مرزا به وڏي اڪثريت سان سوڀارا ٿيا آهن، مردان، ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ پولنگ دوران جهيڙا ۽ هوائي فائرنگ ڪئي وئي، مردان ۽ ملتان ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا، رحيم يار خان ۾ فنڪشنل ليگ جو اميدوار کٽي ويو آهي، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب رحيم يار خان جي تڪ اين اي 195 تي مسلم ليگ (فنڪشنل) جو اميدوار ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ مخدوم احمد محمود جو پٽ مخدوم مصطفيٰ محمود ڪامياب ٿي ويو آهي، مخدوم مصطفيٰ 61 هزار 5 سئو ووٽ حاصل ڪيا آهن، سندس مقابلي ۾ آزاد اميدوار طارق چوهاڻ صرف 3 هزار ووٽ کڻي سگهيو آهي، اهو تڪ جهانگير ترين جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت ۽ تڪ تان استعيفا بعد خالي ٿيو هو، جڏهن ته ملتان ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي استعيفا سبب خالي ٿيل تڪ اين اي 148 تي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي پٽ ۽ پ پ اميدوار علي موسيٰ گيلاني ۽ مسلم ليگ (ن) جي عبدالغفار ڊوگر ۾ مقابلو هو، علي موسيٰ گيلاني 82 هزار 8 سئو 18 ووٽ حاصل ڪيا ۽ ڪامياب ٿي ويو، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) اميدوار عبدالغفار ڊوگر 39 هزار 7 سئو ووٽ حاصل ڪري سگهيو، ان کانسواءِ ملتان جي ئي تڪ اين اي 149 تي مسلم ليگ (ن) جو اميدوار طارق رشيد 27 هزار ووٽ حاصل ڪري پهرين نمبر تي هو، انهي تڪ تي پ پ جي لياقت ڊوگر 17 هزار 7 سئو ووٽ حاصل ڪيا هئا، ملتان جو اهو تڪ مخدوم جاويد هاشمي جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت ۽ تڪ تان استعيفا بعد خالي ٿيو هو، اهڙي طرح اين اي 140 قصور تي آزاد اميدوار ملڪ رشيد 45 هزار 9 سئو 74 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويو آهي، سندس مقابلي ۾ آزاد اميدوار عظيم الدين لکوي 45 هزار 6 سئو 72 ووٽ حاصل ڪيا هئا، سردار آصف احمد جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت ۽ تڪ تان استعيفا سبب خالي ’ٿيل هن تڪ تي پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جا اميدوار ووٽ کڻي نه سگهيا آهن، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ۽ پارلياماني سيڪريٽري عظيم دولتانه جي وفات سبب خالي ٿيل تڪ اين اي 168 وهاڙي تي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب عظيم دولتانه جي ڀيڻ ۽ پ پ اميدوار نتاشه دولتانه 70 هزار 3 سئو ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، وهاڙي ۾ مسلم ليگ (ن) جو اميدوار بلال اڪبر ڀٽي 44 هزار ووٽ کڻي سگهيو هو، ٻئي طرف اين اي 9 مردان تي اي اين پي ۽ پيپلز پارٽي جو گڏيل اميدوار حمايت الله مايار ڪاميابي ماڻي آهي ۽ هن 30 هزار ووٽ کنيا آهن، سندس مقابلي ۾ جي يو آءِ (ف) جو اميدوار شجاع الملوڪ 15 هزار 6 سئو 63 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي، اهو تڪ اي اين پي اڳواڻ خواجا محمد هوتي جي استعيفا ۽ تحريڪ انصاف ۾ شموليت سبب خالي ٿيو هو، پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي ميانوالي ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جو عادل عبدالله روڪڙي 45 هزار 3 سئو 66 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي هو، آزاد اميدوار ملڪ طارق مسعود 33 هزار 175 ووٽ کڻي سگهيو هو، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي ٻئي تڪ پي پي 18 اٽڪ تي به ضمني چونڊ ۾ مسلم ليگ (ن) جي ميجر (ر) ملڪ محمد اعظم 48 هزار 7 سئو ووٽ کنيا هئا، جڏهن ته آزاد اميدوار امانت خان 40 هزار ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو ۽ پ پ اميدوار ملڪ سمين 40 هزار ووٽ کنيا. هوڏانهن سنڌ جي ٻنهي صوبائي تڪن تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن. پي ايس 57 ٽنڊو باگو تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ڊاڪٽر فهميده مرزا جو پٽ ۽ پ پ اميدوار حسنين مرزا ڪامياب ٿي ويو آهي، جتي هن 115 پولنگن تان 41 هزار 570 ووٽ کنيا، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل اميدوار مسلم ليگ هم خيال جو سيد علي بخش عرف پپو شاهه 8221 ووٽ کڻي سگهيو، اهڙي طرح مير منظور ٽالپر 2700 ووٽ کنيا، پولنگ اسٽيشن عيسيٰ سومرو تي فائرنگ ۾ آدم سومرو زخمي ٿي پيو، ٽنڊو باگو ۾ هڪ پولنگ اسٽيشن تي پپو شاهه جي ايجنٽ فاطمه هاليپوٽو اعتراض واريو ته پولنگ 2 ڪلاڪ بند رهي، پولنگ اسٽيشن کاڏو تي به هڪ ڪلاڪ لاءِ ووٽنگ بند رهي، ٻئي طرف ڦوٽو ڀٽي پولنگ تي به پپو شاهه ۽ مرزا جي حامين ۾ جهيڙو ٿيو، پ پ ڪارڪن لطيف ۽ هم خيال جو در محمد جت زخمي ٿي پيا، کوسڪي ۾ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ٽنڊو محمد خان جي صوبائي تڪ 53 تي سرڪاري نتيجن ۾ پ پ جي اميدوار بيبي وحيده شاهه 30 هزار 190 ۽ آزاد اميدوار مير مشتاق ٽالپر 13 هزار 3 سئو ووٽ حاصل ڪيا، پ پ جي اميدوار 16 هزار 678 ووٽن جي برتري سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، پ پ طرفان بخاري هائوس تي ڪارڪن جشن ملهائي رهيا آهن، جنهن ۾ هوائي فائرنگ به ڪئي وئي آهي، مٺايون تقسيم ڪري ڪارڪنن جهمريون پاتيون،هوڏانهن مردان ۾ اين اي 9 تي اي اين پي جي اميدوار حمايت الله مايار جي امڪاني ڪاميابي جي خوشي ۾ اي اين پي ڪارڪنن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، فائرنگ سبب هڪ نوجوان مارجي ويو، ڳرن هٿيارن سان فائرنگ سبب سڄو علائقو گونجي ۽ جنگ جي ميدان جو ڏيک ڏئي رهيو هو، خيبر پختونخوا جي وڏي وزير امير حيدر هوتي جو اباڻو علائقو هجڻ باوجود سرعام فائرنگ ٿيندي رهي پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي، مردان جي سربند پولنگ اسٽيشن تي 2 گروپن ۾ ٽڪراءُ ٿي پيو، فائرنگ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اي اين پي ڪارڪنن جي ڇتي هوائي فائرنگ جو ڪيس اي اين پي جي 60 ڪارڪنن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ به وڏي پيماني تي فائرنگ ڪئي وئي. ملتان ۾ وزيراعظم جي پٽ جي ڪاميابي جي خوشي ۾ نڪتل ريلي ۾ فائرنگ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو.