دوستو! اڄ مونکي اهڙو ته صدمو رسيو، جو بيان ڪندي سچ پڇو ته اکين ۾ آلاڻ محسوس ٿي، ڳوڙها پنهنجي قوم ۽ پنهنجن ماروئڙن جا آهن، جن لئه اسين پنهنجي عمر ساري سنڌي سنڌي ڪندي گذاري آهي، اڄ انهن جي هار ڏسي، سچ پڇو وڻ ئي وڄي ويا .... سوچيم ڇا سنڌي قوم هارائڻ شروع ڪيو آهي .... ٿيو ڇا ته هن دفعي جڏهن موڪل تي آيو هيس ته هڪ جڳهه جي قرض لاهڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي آفيس ۾ ويس، منهنجي عادت آهي ته آءُ سنڌ جي ڪهڙي به آفيس ۾ ويندو آهيان ته ڪوشش ڪري سنڌي ڳالهائيندو آهيان ... سو مون استقبالي جڳهه تي وڃي سنڌي ڳالهائي ته ات هڪ سنڌي مليو، ذات جو جوڻيجو هو ... جنهن سان اليڪ سليڪ ٿي، همراه اخلاق جو تمام ڀلو ۽ مونکي هڪ سنڌيءَ جي حيثيت سان سڪائتو لڳو ... منهنجي ڪم ۾ منهنجي رهنمائي ڪيائين ۽ منهنجو ڪم ٿيڻو هو سو ٿي ويو ... مون کيس پنهنجو ڪاروباري پاٺو به ڏنو... جنهن ۾ ٽيليفون نمبر ۽ پتو درج هو ... منهنجي موڪل پوري ٿي ۽ آءُ موٽي اچي مڪي شريف پهتس، ڪالهه ان همراهه جي فون آئي، ۽ ٻڌايائين ته سندس پٽ مڪي پاڪ ۾ آيو آهي، آءُ کيس فون ڪري خئيريت معلوم ڪريان ۽ ڪا ڏکيائي هجيس ته سندس مدد ڪريان ...” مون ائين ڪيو ۽ کيس فون ڪئي. ڇوڪرو مئٽرڪ جو شاگرد ۽ قرآن جو حافظ پڻ، آءُ ساڻس ٽي چار جملا سنڌيءَ ۾ ڳالهايا، پر پريان جواب آيو ته ” اردو ، اردو”، مونکي حيرت ٿي مون کائنس وري پڇيو ته تون جوڻيجو آهين، چيائين “ ها ” فلاڻي جو پٽ آهين، چيائين “ ها” ، مون کائنس پڇيو ته پوءِ اردو ڇو، سنڌي ڇو نه؟ جواب ڏنائين ته، سمورو ڪٽنب آهي ته سنڌي پر ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڪري سنڌي نه ڳالهائين نه سمجهن، مون کائنس پڇيو ته اوهانجي امڙ سنڌي آهي؟ جواب ڏنائين “ ها“ پر اها به اردو ڳالهائيندي آهي. مون کيس چيو ته؛ بابا به سنڌي، امڙ به سنڌي پوءِ به اوهان نه سنڌي ڳالهايو ۽ نه سمجهو؟ چيائين ” ها ”، مون فون تي کيس ٻڌايو ته جوڻيجا ته ٺيٺ سنڌي قبيلو آهي ۽ توکي سنڌي نه ٿي اچي خئير مون ڪنهن مشڪل ۾ کيس پاڻ ڏانهن فون ڪرڻ لاءِ چئي فون بند ڪري ڇڏي ۽ حيرت ۽ ڏک ۾ مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيم ۽ سنڌي قوم جي مستقبل تي سوچيندو رهيس ... ڪئي سوال اڀريا پر جواب ڪنهن جو به نه مليو ...
جواب: عجيب سنڌي خاندان وڏي افسوس جي ڳالھ آهي، سائين منهنجو ته سڄو گهراڻو مڪي پاڪ ۾ رهي ٿو، پر ٻارڙن کي عربي سان گڏ سنڌي ضرور سکائي اٿئون، ان مقصد لاءِ 2، 3 سالن کان پوءِ 2، 3 مهينا سنڌ ۾ ضرور رهائيندا آهيون تاڪِ سندن سنڌي به سٺي ٿئي۔
جواب: عجيب سنڌي خاندان سنڌي اصل کان سٻاجهڙا ۽ پاڻ کي ٻين کان ڪم تر سمجهندڙ آهن۔۔۔ هڪ دفعو منهنجي ڊيوٽي ڪشمور ۾ هئي۔۔۔ ڪمپيوٽر بابت معلومات نه هئڻ جي برابر هئي۔۔۔ منهنجي صاحب جي ڪمپيوٽر جو مسئلو اهو هو جو ان ۾ سي ڊي روم جو آئڪان نه ٿي آيو۔۔۔ 486 ٽائپ ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر کي هڪ ڄاڻو سنڌي ڪلارڪ جي هٿاران ٻاهران ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ موڪليم ۔۔۔ واپسي تي ڪلارڪ ڳالهه ڪئي ته ڪمپيوٽر ٺيڪ ٿي ويندو پر 1000 روپيا لڳندو۔۔۔ مون کائنس ڪمپيوٽر ٺاهيندڙ جي ايڊريس پڇي ۽ پاڻ ڪمپيوٽر کي ٺيڪ ڪرائڻ ويس ته جيئن دڪاندار کي ٺيڪ ڪندي ڏسان ته ڪجهه پاڻ به سکي پوان۔۔ جيئن آئنده لاءِ 1000 بچائي سگهان۔۔۔ دڪاندار وٽ پهچي ساڻس اردو ۾ ڳالهايم ۽ کيس اهو مسئلو حل ڪرڻ سان گڏو گڏ مسئلي کي سمجهڻ ۽ سيکارڻ بابت به چيم۔۔۔ دڪاندار نه صرف مسئلو سلجهايو ۽ سمجهايو پر عزت ڪندي چانهيون به پياريون ۽ ويندي ويندي 1000 روپيه واپس ڪندي چيو ته اسان سنڌي مهمان نواز آهيون ۽ جيڪڏهن ڪو ڌاريو تڏي تي اچي ته ان جو مان رکندا آهيون۔۔۔ مون کي سنڌي هجڻ تي فخر ٿيڻ گهرجي ها۔۔۔ پر ان ڏينهن مان ڪافي مايوس ٿيس ۔۔۔ جو جيڪو سنڌي ڪلارڪ دڪاندار ڏانهن موڪليو هيو دڪاندار لاءِ ته اهو به مهمان هو پر ان سان هن ڪو به اهڙو عزت وارو رويو نه ڏنو۔۔۔ ۽ مان جيڪو اردو ڳالهائيندي پاڻ کي غير سنڌي ثابت ڪري سندس سان مليس ته نه صرف مفت تي ڪم ٿيو پر هن مون کي سيکاريو به ۽ عزت به ڏني۔۔۔ دوستو اسان سنڌي هميشه ڌارين کي پاڻ کان وڌيڪ عقلمند ۽ باشعور سمجهندا آهيون ان ڪري نه صرف سندن عزت وڌيڪ ڪندا آهيون پر انهن جون عادتون اختيار ڪرڻ سان گڏو گڏ انهن جي ٻولي ۾ ڳالهائي پاڻ به ٻين سنڌين اڳيان معتبر ۽ وڌيڪ باشعور ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون۔۔ اهو عمل ايتري تائين ته شايد ٺيڪ به هجي پر ان چڪر ۾ پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي کي وساري اسان ڪيتري غلطي ڪري رهيا آهيون ۽ پنهنجي مادر ڌرتي سان ڪيتري غداري ڪري رهيا آهيون ؟ ان بابت شايد ئي اسان کي پنهنجي زبان جي معافي ملي۔۔۔ اسان کي گهرجي ته نه صرف پاڻ سنڌي ڳالهائيندا رهون پر شهرن ۾ رهندڙ سنڌين ۾ به اهڙو شعور بيدار ڪرائيندا رهون۔۔۔ ٻي صورت ۾ اهڙن ماڻهن کي جيڪي پنهنجي ٻولي وساري ڌاري ٻولي اختيار ڪندا هجن ۔۔ ڌڌڪاريندا رهندو ته من کين ڪجهه ڪلَ پوي۔۔۔ سائين نثار شل توهان جو هي موضوع سجاڳي جو سبق ثابت ٿئي۔۔۔ مهربانيون
جواب: عجيب سنڌي خاندان ادا سائين،اسان به اوهان سان سو سيڪڙو متفق آهيون ته اسان کي پهنجي ٻارن کي سنڌي سيکارڻ گهرجي ۽ گهر ۾ سنڌي ڳالهائڻ گهرجي۔اسان جا ويجها عزيز آمريڪا ۾ رهندا آهن ،انهن جا ٻار به اتي پيدا ٿيا آهن،ان جي باوجود هو ٻارن سان گهر ۾ انگريزي سان گڏ سنڌي ۾ ڳالهيندا آهن ۽ جڏهن هو پاڪستان ايندا آهن ته انهن کي سنڌي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪنهن قسم جي ڏکيائي نه ٿيندي آهي۔جنهن قوم پنهنجي ايندڙ نسل کي پنهنجي ٻولي نه سيکاري،اها قوم ڪجه وقت کانپوء پنهنجي سڄاڻپ / شناخت هميشه لاء وڃائي ڇڏيندي ۔
جواب: عجيب سنڌي خاندان ان مسئلي تي ڪونه ڳالهائيندس ۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيل تبصري سبب فيسبوڪ تي عتاب جو شڪار رهيو آهيان۔ مونکي ياد آهي ته هندستان جي ڪجهه سنڌي اديبن جو هڪ وفد گهڻو اڳ ڪراچي آيو هو ۽ سنڌ جي هڪ چوٽي جي اديب جي گهر وڃڻ کان انڪري معذرت ڪئي هئي جو سندس ٻار سنڌي ڪونه ڳالهائيندا هئا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير اها پنهنجي نالائقي آهي ۽ مون هن دفعي هندستان جي اديبن جي آيل موقعي تي به ڪجهه هنڌن تي اهڙي صورتحال ڏٺي ۔۔۔۔۔۔۔۔