نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! اڄ مونکي اهڙو ته صدمو رسيو، جو بيان ڪندي سچ پڇو ته اکين ۾ آلاڻ محسوس ٿي، ڳوڙها پنهنجي قوم ۽ پنهنجن ماروئڙن جا آهن، جن لئه اسين پنهنجي عمر ساري سنڌي سنڌي ڪندي گذاري آهي، اڄ انهن جي هار ڏسي، سچ پڇو وڻ ئي وڄي ويا .... سوچيم ڇا سنڌي قوم هارائڻ شروع ڪيو آهي ....
ٿيو ڇا ته هن دفعي جڏهن موڪل تي آيو هيس ته هڪ جڳهه جي قرض لاهڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي آفيس ۾ ويس، منهنجي عادت آهي ته آءُ سنڌ جي ڪهڙي به آفيس ۾ ويندو آهيان ته ڪوشش ڪري سنڌي ڳالهائيندو آهيان ... سو مون استقبالي جڳهه تي وڃي سنڌي ڳالهائي ته ات هڪ سنڌي مليو، ذات جو جوڻيجو هو ... جنهن سان اليڪ سليڪ ٿي، همراه اخلاق جو تمام ڀلو ۽ مونکي هڪ سنڌيءَ جي حيثيت سان سڪائتو لڳو ... منهنجي ڪم ۾ منهنجي رهنمائي ڪيائين ۽ منهنجو ڪم ٿيڻو هو سو ٿي ويو ... مون کيس پنهنجو ڪاروباري پاٺو به ڏنو... جنهن ۾ ٽيليفون نمبر ۽ پتو درج هو ...
منهنجي موڪل پوري ٿي ۽ آءُ موٽي اچي مڪي شريف پهتس، ڪالهه ان همراهه جي فون آئي، ۽ ٻڌايائين ته سندس پٽ مڪي پاڪ ۾ آيو آهي، آءُ کيس فون ڪري خئيريت معلوم ڪريان ۽ ڪا ڏکيائي هجيس ته سندس مدد ڪريان ...” مون ائين ڪيو ۽ کيس فون ڪئي.
ڇوڪرو مئٽرڪ جو شاگرد ۽ قرآن جو حافظ پڻ، آءُ ساڻس ٽي چار جملا سنڌيءَ ۾ ڳالهايا، پر پريان جواب آيو ته ” اردو ، اردو”، مونکي حيرت ٿي مون کائنس وري پڇيو ته تون جوڻيجو آهين، چيائين “ ها ” فلاڻي جو پٽ آهين، چيائين “ ها” ، مون کائنس پڇيو ته پوءِ اردو ڇو، سنڌي ڇو نه؟
جواب ڏنائين ته، سمورو ڪٽنب آهي ته سنڌي پر ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڪري سنڌي نه ڳالهائين نه سمجهن، مون کائنس پڇيو ته اوهانجي امڙ سنڌي آهي؟
جواب ڏنائين “ ها“ پر اها به اردو ڳالهائيندي آهي.
مون کيس چيو ته؛ بابا به سنڌي، امڙ به سنڌي پوءِ به اوهان نه سنڌي ڳالهايو ۽ نه سمجهو؟ چيائين ” ها ”، مون فون تي کيس ٻڌايو ته جوڻيجا ته ٺيٺ سنڌي قبيلو آهي ۽ توکي سنڌي نه ٿي اچي خئير مون ڪنهن مشڪل ۾ کيس پاڻ ڏانهن فون ڪرڻ لاءِ چئي فون بند ڪري ڇڏي ۽ حيرت ۽ ڏک ۾ مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيم ۽ سنڌي قوم جي مستقبل تي سوچيندو رهيس ... ڪئي سوال اڀريا پر جواب ڪنهن جو به نه مليو ...

http://imageshack.us