دوستو سلام
راشد مورائي سنڌ جي انقلابي شاعرن مان هڪ آهي۔ پيش آهي سندس خوبصورت شاعريء مان اهڙي چونڊ جنهن ۾ جدوجهد ، ثابت قدمي ۽ حوصلا افزائي جو سبق ملي ٿو۔ اميد ته دوستن کي پسند ايندي۔
راشد مورائي سنڌ جي انقلابي شاعرن مان هڪ آهي۔ پيش آهي سندس خوبصورت شاعريء مان اهڙي چونڊ جنهن ۾ جدوجهد ، ثابت قدمي ۽ حوصلا افزائي جو سبق ملي ٿو۔ اميد ته دوستن کي پسند ايندي۔
مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي
ان واٽ تا گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
جوکي ۾ وڌم جيءَ، ڪيم جنگ امن لاءِ
انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
هر گھاءُ مٿان گھاءُ سهي اُف نه ڪئي مون
جي ويڙهه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل
ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
راهي ! تو ڏٺو آهه مون ساهي نه کنئي آ
جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان
ڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشــــــــد
سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
