• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ۽ پريشاني

نثارابڙو

نائب منتظم
سنڌ سلامت جا دوستو!، اڄڪلهه مونکي سنڌ سلامت تي لاگ ان ٿيندي يا ڪون نئون ڌاڳو ٺاهيندي هيٺ ڏيکاريل پريشاني ٿئي ٿي ۔۔۔ ڪيترا ڀيرا ريفريش ڪرڻو پوي ٿو، جيئن موالي نشي ۾ هر هر منهن ڌوئيندو آهي، بلڪل ساڳئي طرح سان منهنجي حالت سنڌ سلامت تي ٿي رهي آهي ۔۔۔ ٻين دوستن جي خبر نه اٿم ۔۔۔

ڳالهه ڪيم ادي رشيد سان ته چيائين ته سرور جو مسئلو آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن ۾ ممڪن ختم ٿي وڃي ۔۔۔ خئير هاڻ غلام سرور کي ڇا ٿو ڪري سگهجي ۔۔۔ جو آهي ئي غلام ۔۔۔ اميد ته سرور جلد ٺيڪ ٿيندو ۽ اها هر هر منهن ڌوئي تازي ڪرڻ واري پريشانيءَ مان جان ڇٽندي ۔۔۔

هيءَ حالت آهي؛

http://imageshack.us
 
جواب: سنڌ سلامت ۽ پريشاني

گو ڊيڊي سائيٽ وارا پنهنجي هوسٽنگ تي اپ ٽائيم 99۔99 سيڪڙو ٻڌائيندا آهن۔۔۔ ان ڪري ڀرم قائم رکڻ لاءِ هو سرور کي اپڊيٽ ڪرڻ وقت سائيٽ کي عارضي بند ڪرڻ بجاءِ اپ ۽ ڊائون تي رکندا آهن۔۔۔ ان طرح سائيٽ هڪ سيڪنڊ ۾ موجود ته وري هڪ سيڪنڊ ۾ موجود نه ملڻ وانگر لڳندي آهي۔۔۔
اهو مسئلو رڳو سنڌ سلامت تي نه پر گوڊيڊي تي هوسٽنگ ڪندڙ سمورين سائيٽس سان آهي۔۔۔ ۽ هي عمل هڪ ڏينهن کان هڪ هفتي تائين هوندو آهي۔۔۔ ان ڪري پاڻ ته ان لاءِ به خاموشي رکندا آهيون جو سائيٽ موجود ته ملندي آهي۔۔۔ پاڪستاني هوسٽنگ تي ته مهيني ۾ هفتو هفتو سائيٽ ڊائون ملي ان ڪري هتي ئي خوش آهيون۔۔۔

خير ان باوجود ساڻن رابطو لڳاتار جاري آهي ۔۔ اميد ته آهستي آهستي هي مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔
 
سائين اهو مسئلو مون وٽ به آهي، سائين نثار ابڙو صاحب صرف اوهان سان هي مسئلو نه آهي، مون سان به آهي ۽ سائين عبد الرشيد صاحب جن به ٻڌايو ته انهن وٽ پڻ، اميد ٿي ڪجي ته هي مسئلو جلد حل ٿي ويندو۔
 
جواب: سنڌ سلامت ۽ پريشاني

ساڳيو مسئلو مون سان پڻ پيش آيو پئي پر وقت جي قلت ۽ واپڊا جي مهرباني جي ڪري هي مسئلو دوستن کان نه پڇي سگهيس۔۔ مون سمجهيو ته انٽرنيٽ سان ڪجهه مسئلو هوندو۔۔ پر ٻه ٽي هنڌن تي اها ئي ڪار ٿي ته پوءِ ڪجهه تشويش ٿي۔۔ پر هاڻي لوڊنگ ۾ ڪا پريشاني نه آهي۔۔​
 
جواب: سنڌ سلامت ۽ پريشاني

سائين مون طرف ته آئي ڊي اِن نه پئي ٿئي Mozilla Firefox ۾
 
جواب: سنڌ سلامت ۽ پريشاني

هڪ دفعو ريفريش ڪري ڏسو ۔۔۔ مون وٽ به ساڳيو مسئلو آهي، آءِ ڊي نٿي نظر نٿي اچي پر هڪ دفعو وجهڻ کانپوءِ ٻيهر ريفريش ڪيو ته ڪم ٿي وڃي ٿو ۔۔۔

لک ٿورا
 
Back
Top