موسمي تبديليون ۽ سنڌ ۾ فصلن جي تباهي

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 فيبروري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    موسمي تبديليون ۽ سنڌ ۾ فصلن جي تباهي
    محمد سليمان وساڻ

    [JUSTIFY]سنڌ ۾ گذريل سال آيل ٻوڏ ۽ هن سال آيل تباهه ڪن برساتن سبب سنڌ ۾ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي۔ جنهن جو سنئون سڌو اثر سنڌ جي مالي حالتن تي پڻ پيو آهي۔ سنڌي ماڻهو جن جو گهڻو ڪري زراعت تي دارومدار آهي انهن جي مالي حالت گهڻي خراب رهي آهي۔

    هن هفتي ڳوٺ وڃڻ ٿيو ۽ ڳوٺ ويندي هالا ۾ سوکڙي جي دوستن شبير ڪنڀار، آغا مشتاق ۽ شبير ڪيريو جن سان به ملاقات ٿي۔ نيشنل هاء وي کان ويندي ڪجهه عجيب لڳو ته سنڌ ۾ هاڻوڪين سخت سردين ۽ پارن سبب ڪيلي جو فصل سخت متاثر ٿيو آهي۔ ڪيلي جا پن سخت سيء سبب سڙي ويا آهن۔ ڪيلو سنڌ جي اهم پيداوار مان هڪ آهي جيڪو گهڻو ڪري سنڌ جي هر علائقي ۾ عام جام ٿئي۔

    نه صرف اهو پر ٽماٽر ، مرچن ۽ بصر جي پيداوار به بري طرح اثر انداز ٿي آهي۔ هنن سردين سبب ڪڻڪ جو فصل به پوئتي ٿي ويو آهي۔ هي ٻي اهم ڳالهه ته انهن سردين سبب ڪجهه فصلن تي وائرس جو حملو پڻ ٿيو آهي پر ان لاء حڪومتي سطح تي ڪي به اپاء ناهن ورتا ويا۔

    خيرپور ۽ سکر ۾ گهمندي مايوسي تڏهن ٿي جڏهن هزارين ايڪڙن تي پکڙيل کجي جي باغن ڏي نظر ڪيم، ڇو ته انهن اڃان چپڙيون (گُل) به ناهن ڪڍيا۔ ان جو مقصد ته کجي جو فصل پوئتي لهندو ۽ جيڪڏهن ان کي مناسب مقدار ۾ گرمي جي مند نه ملي ته ان جي پيداوار به بري طرح متاثر ٿيندي۔

    خبر ناهي انهن موسمي تبديلين جو انت ڪهڙو ايندو ۽ اهي تبديليون اسان جي قسمت جو فيصلو پڻ ڪنديون يا نه پر سياسي تبديلين بجاء موسمي تبديلين سنڌ کي وڌيڪ ڏک ڏنا آهن۔

    [/JUSTIFY]

    [​IMG]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: موسمي تبديليون ۽ سنڌ ۾ فصلن جي تباهي

    سائين پوءِ زراعت کاتو ڇا ٿو ڪري؟ هزارين تپي دار ڪروڙين روپيه پگهارون ڇا جيون ٿا کائين؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو