هيء سَين نه ڏيندي چين ، اٿي ڏس ، ڪوئي آيو آ پيارا

'شيخ اياز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي جنم ڏينهن تي سندس شاعريء مان چونڊ شعر پيش آهن۔

    هيء سَين نه ڏيندي چين
    اٿي ڏس ، ڪوئي آيو آ پيارا

    هي شايد ساڳيو رمتو آ،
    اڳ جــيئن اُڃـــايو آ پيارا

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هيء سَين نه ڏيندي چين ، اٿي ڏس ، ڪوئي آيو آ پيارا

    تنهنجي نيڻن ني ناسي رتن جو قسم

     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هيء سَين نه ڏيندي چين ، اٿي ڏس ، ڪوئي آيو آ پيارا

    شيخ اياز ڌرتي جو شاعر جنھن جي لفظن ۾ تعريف ڪرڻ اسان نادانن جي وس جي ڳالھ ئي نه آھي۔

    اوءِ پر متڙيا، ڪونه سمجهي سگهئين
    هيءَ ڪوتا نه هئي، ڪا نئين مت هئي!
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هيء سَين نه ڏيندي چين ، اٿي ڏس ، ڪوئي آيو آ پيارا

    دوستن جون مهربانيون جن هن محنت کي پسند ڪيو
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: هيء سَين نه ڏيندي چين ، اٿي ڏس ، ڪوئي آيو آ پيارا

    ادا سليمان وساڻ صاحب۔شيخ اياز جي خوبصورت بيتن کي اوهان پنهنجي پياري ڍيزائن جي رنگ ۾رنگي انڍلٺ وانگر هن اڳڻ جي آسمان تي نروار ڪيو آهي۔توهان جالک لائق
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هيء سَين نه ڏيندي چين ، اٿي ڏس ، ڪوئي آيو آ پيارا

    مهربانيون سائين

    شيخ اياز شايد دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ شاعري ڪندڙ شخص آهي جنهن جا لڳ ڀڳ شاعريء جا 60 ڪتاب ڇپيا آهن۔ سندس هي شعر به سڀني جي دل جي ترجماني ٿو ڪري۔
     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: هيء سَين نه ڏيندي چين ، اٿي ڏس ، ڪوئي آيو آ پيارا

    ادا اهو بيت اسان سان نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ هڪ ڇوڪرو مصري مينگهواڙ ٻُڌائيندو هو۔ شايد مون کي صحيح ياد نه هجي تنهن ڪري غلطي جي تصديق ضرور ڪئي وڃي، ڪجهه بيت هن ريت هئا۔

    ڪنهن ڪاري چُڳ تي رات کُٽي
    ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي
    ايئن وقت ڪٽيو ائين عمر لُٽي
    سڀ سانگ سجايو آ پيارا

    جنهن وقت اسان جي تند تپي
    ۽ ساز ٽِپي آواز جهپي
    تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي
    جو آيو ڳايو آ پيارا


    تمام بهترين شاعري آهي۔ ۽ ها شايد هي اڃان به پورو نه هجي۔ ڪنهن وٽ مڪمل هجي ته هتي ونڊ ڪري۔ ​
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هيء سَين نه ڏيندي چين ، اٿي ڏس ، ڪوئي آيو آ پيارا

    شيخ اياز جو هي مڪمل غزل پيش ڪجي ٿو:

    هيءَ سين نه ڏيندي چين، اُٿي ڏس، ڪوئي آيو آ پيارا!
    هي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا:

    جنهن وقت چراغِ شام ٻري، ۽ ميخاني ۾ جام ٻري،
    تنهن وقت اسان جو پنڌ پري، پنهنجو به پرايو آ پيارا!

    جنهن وقت اسان جي تند تپي، ۽ ساز ٽپي آواز جهپي،
    تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو، ڳايو آ پيارا!

    ڏس ڏس، ماڻهوءَ جي مٽيءَ کي مون ڳوڙهي ڳوڙهي سان ڳوهي،
    ڪهڙو نه لسايو آ پيارا، ڇا جام بڻايو آ پيارا!

    ڪنهن ڪاريءَ چُڳ تي رات کٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳَل تي باک ڦٽي،
    ايئن وقت ڪٽيو، ايئن عمر لٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا!

    هي ڪارو ڪارونڀار ته ڏس، هو ڏورانهون ڏهڪار ته ڏس،
    مون ڪيڏي جر جي جهاڳ مٿان، هي ديپ جلايو آ پيارا!

    آ چوڌاري مهراڻ متو، جنهن جو نه پهي، جنهن جو نه پتو،
    هي روح جزيرو حيرت جو، جنهن منجهه سمايو آ پيارا!

    ڪنهن ڪونه ڏٺو، ڪنهن ڪنهن کي ڪاريءَ رات ڪُٺو،
    جنهن لاءِ ستارن ساهه ڏنو، هي صبح سوايو آ پيار!

    هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،
    ڪجهه ڏات ڏسو، پو بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا!
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هيء سَين نه ڏيندي چين ، اٿي ڏس ، ڪوئي آيو آ پيارا

    تمام بهترين شاعري ۽ تمام بهترين چونڊ ادي سليمان جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو