ناليواري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ سفرنامه نگار ڊاڪٽر اسحاق انصاري جون بي تڪلف ڳالهيون

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ناليواري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ سفرنامه نگار ڊاڪٽر اسحاق انصاري جون بي تڪلف ڳالهيون

    ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي. رضوان گل

    • ادبي سڃاڻپ؟
    ناول نگار، ڪهاڻيڪار، سفرنامو لکندڙ، مضمون، ڊراما

    [JUSTIFY]
    • ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟
    ناول “خالي بينچ” ۽ سفرنامو “پرين هن پار”

    • اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪيترو ٿيندو؟
    اٺ،
    پيار ڪهاڻيون(ڪهاڻين جو مجموعو)، ويلنٽائن 98 (ناول)، آءُ ٿي ڇلان ڇپرين…(مختلف ملڪن جا سفرناما)، پراگ، منهنجو محبوب شهر (چيڪوسلوواڪيا جو سفر نامو)، رنگن منجھ روح (آرٽ ۽ آرٽسٽن تي لکيل مضمون)، ننڍڙو شهزادو(سينٽ ايسڪپيري) ترجمو، هڪ محبت هزار افسانا (ميلان فيرڪو) سلوواڪ مان ترجمو، چيڪوسلوواڪيا جون لوڪ ڪهاڻيون

    • مڃتا ايوارڊ/ سرٽيفڪيٽ ڪهڙا ۽ ڪنهنجي طرفان مليا؟
    ناول کي پڙهڻ کان پوءِ، پيشانيءَ تي مليل هڪ پوڙهي عورت جي چمي

    • لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهرين تخليق ڪٿي شايع ٿي؟
    لکڻ جي شروعات ته ننڍي هوندي کان ڪئي،شايد 9 سالن جي عمر کان، پهرين لکڻيون گل ڦل ۽ گلن جهڙا ٻارڙا ۾ شايع ٿيون.

    • لکڻ جا محرڪ ڪهڙا هئا؟
    منهنجي لکڻ جا محرڪ، حُسن سان گڏ اهي عمل به آهن جيڪي ان حسن کي گدلو ڪن ٿا. تنهن ڪري خوشي، سک، ڏک، سونهن، ۽ سچ، منهنجي لکڻين جا بنيادي محرڪ آهن. پر سڀ کان وڏو محرڪ ”عشق“ آهي.

    • مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
    چوندا آهن ته نالي جو شخصيت تي به اثر ٿيندو آهي، منهنجي نالي اسحاق، لاءِ چون ٿا ته عبراني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهنجي معني آهي ”هميشه مسڪرائيندڙ”، مان به خوش مزاج آهيان، پر ڪاوڙ به تيزي سان ايندي آهي ۽ ان ئي تيزيءَ سان لهي به ويندي آهي.

    • پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
    ڪنهن به ڳالهه جو نه، منهنجي پنهنجي هڪ راءِ آهي ته هر انسان جي جسم مان ڪجھه مقناطيسي لهرون آهن جيڪي ماڻهن کي ڇڪن به ٿيون ته پري به ڌڪن ٿيون. سو مان ڄاڻي واڻي ڪنهن ڳالهه جو جائزو نه وٺندو آهيان.

    • اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
    حُسن، ۽ ٻيو جلد ئي ٻي تي اعتماد ڪرڻ.

    • توهانجو قابل فخر ڪم؟
    يا ته منهنجي سڄي تخليق يا وري ڪجھه به نه.

    • دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
    انهن ٽنهي مان محبت ئي صرف اهڙي آهي جيڪا خريدي نه ٿي سگھجي.

    • زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
    جڏهن مان سلوواڪيا ۾ پي ايڇ ڊِي ڪرڻ دوران دوستن سان گڏ پنهنجي سالگرهه ملهائي رهيو هيس ته امڙ جي لاڏاڻي جي ٽيليگرام ملي هئي.

    • مڪمل تخليقڪار ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
    سٺو رسيور ۽ ٽرانسميٽر(سينڊر) هجڻ گھرجي. ڇو جو تخليقڪار پنهنجي ماحول مان ئي شيون/ڳالهيون/جذبا ۽ احساس جھٽي ٻين تائين ڀرپور نموني ۾ پهچائي ٿو.

    • ادبي ۽ ثفافتي ادارن جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهيو؟
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ادارا اها ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگھيا آهن جيڪو هنن جو ڪم آهي پر اونده به ناهي، خاص طور تي ثقافت کاتي پاران پبليڪيشن جو ڪم ساراهه جوڳو آهي. هونئن، اسان ڪڏهن به پنهنجن ادارن جا سربراهه اهليت جي بنياد تي مقرر نه ڪيا آهن. ادارن کي هلائڻ لاءِ ليڊرشپ ڪوالٽي جو هجڻ ضروري آهي. ايئن ڇو آهي ڀلا ته اڄ ملٽي نيشن ڪمپنين جا اڳواڻ نوجوان آهن. اهي سٺو به هلائن ٿا. تنهن ڪري عمر جي ڪا اهميت ناهي پر ڪنهن شخص ۾ ليڊرشپ جي ڪوالٽي هجڻ ضروري آهي. اسان ڪلارڪ رکون ٿا ته هڪ وڏو پروسيس پوري ڪري پوءِ چونڊ ڪيون ٿا، پر ادارن جي سربراه رکڻ وقت ٻن ٽن شخصن کي سامهون رکي، اهو به هنن جي ڪوالٽين بجاءِ هن جي وفاداري کي سامهون رکندي عطا ڪئي وڃي ٿي. اهو ضروري ته ناهي ته هڪ اديب سٺو مينيجر به هجي. اسان کي ادارن ۾ مينيجرن جي ضرورت آهي جيڪي مينيجمينٽ جي ڄاڻ ۽ ڪنٽيمپرري پاليسين ۽ طور طريقن جي ڄاڻ رکندا هجن. رڳو چار ڪالم ۽ ٻه ڪهاڻيون لکڻ کي اهليت نه سمجھن کپي. ٻي اهم ڳالهه آهي ته اسان وٽ اڪائونٽبلٽي ڪونهي. جنهن کي جيئن وڻي ٿو ائين ڪري ٿو. احتساب ٿيڻ گھرجي.

    • زندگيءَ جو ڪڙو سچ؟
    سچ

    • گهڻي ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه تي ايندي آهي؟
    جڏهن اڳلي کي بيوقوف سمجھي ان کي دوکو ڏنو وڃي.

    • ادب جو بنيادي ڪارج ڪهڙو آهي؟
    ادب جو بنيادي ڪارج منهنجي نظر ۾ آهي ته ماڻهوءَ کي انسان بڻائڻ.

    • لکڻ وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي آهي؟
    لکڻي تي منحصر آهي، جي ڏک واري هوندي آهي ته مان سراپا ڏک بڻجي پوندو آهيان، ڳلي ۾ ڪو ڳوڙهو ڦاٿل محسوس ڪندو آهيان. جي خوشيءَ جي هوندي آهي ته منهنجي چهري تي به انڊلٺ جا رنگ ڦهليل هوندا آهن.

    • نئين سرجندڙ ادب مان ڪيترو مطمئن آهيو؟
    مان تمام گھڻو مطمئن آهيان. مان پوري دعويَ سان ٿو چوان ته هن وقت تخليقي ادب وڌيڪ سرجي رهيو آهي. اڄ جو ليکڪ سڀني ازمن کان آزاد ٿي پنهنجي اندر جي آواز تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جنهن ڪري ان ۾ خالص تخليقيت آهي.

    • زندگي توهان جي نظر ۾؟
    مسلسل جدوجهد

    • ڏک توهان جي نظر ۾؟
    زندگيءَ کي سمجھڻ جو هڪ انڊيڪيٽر

    • خوشي توهان جي نظر ۾؟
    منزل تائين پهچڻ لاءِ اتساهه

    • پيار توهان جي نظر ۾؟
    اها قوت جيڪا هن ڪائنات کي توازن ۾ رکي ٿي

    • دوستي توهان جي نظر ۾؟
    اهم ضرورت

    • عورت اوهان جي نظر ۾ ؟
    هڪ خوبصورت حقيقت

    • ڪنهن کان نفرت آهي؟
    نفرت ڪرڻ لاءِ وقت ئي ڪونهي.

    • اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
    اڪيلو هوندو آهيان ته غزل ٻڌندو آهيان، سج لهڻ جو منظر ڏسندو آهيان، وهندڙ پاڻيءَ کي تڪيندو آهيان يا مچ جي شعلن کي ڏسندو آهيان. نه ته وري ڪنهن جي ڪلهن تي ڪنڌ ڌري خاموشي سان پنهنجا ڏک هن ڏانهن ٽرانسمٽ ڪندو آهيان.

    • زندگيءَ جي وڏي کان وڏي حاصلات؟
    پُرسڪون گھر

    • ڪا رهجي ويل خواهش؟
    منهنجي ذاتي راءِ آهي ته خواهشون رهڻ ئي کپن، ڇو جو انهن کي حاصل يا پورو ڪرڻ جي جسجو ئي اصل زندگيءَ جو محرڪ آهي.

    • ڪهڙي قسم جي ماڻهن کان متاثر ٿيندا آهيو؟
    پُرخلوص ماڻهن کان متاثر ٿيندو آهيان

    • زندگيءَ جي ڪا سڀ کان پياري شيءِ؟
    آدريان، منهنجو پُٽ.

    • جيون جي ڪا کل جهڙي ڳالهه؟
    کوڙ ساتريون

    • ڪنهن سفر جي تمنا؟
    مصر ۽ يونان جو سير.

    • ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو هجي؟
    والدين. جيڪا اسانجا سٺا دوست به هيا. هاڻي به هنن کي ياد ڪندي اکيون ڀرجي اينديون آهن.

    • اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟
    ڪنهن تي به رشڪ نه آيو، پر اهڙو ماڻهو ڏسي خوشي ضرور ٿي هوندي

    • اوهان جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ خامي؟
    انهن ٻنهي ڳالهين جي پاڻ کي خبر نه پوندي آهي.

    • ٻيهر زندگي مليوَ ته؟
    ساڳي نموني ئي گذارڻ چاهيندس.

    • شادي پنهنجي پسند يا مائٽن پسند هئڻ گهرجي؟
    پنهنجي پسند سان، پر مائٽن جي رضامندي سان.

    • ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
    ڄڻ تيل ڪڙهائي ۾ لاٿو ويو هجان

    • مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟
    امن ۽ پيار واري دنيا

    • اهو خواب جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي؟
    هڪ هجي ته ٻڌائجي

    • سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي؟
    جيڪي ڪجھه اسان پنهنجي لاءِ چاهيون ٿا، اهو ٻين لاءِ به چاهڻ گھرجي. ان ڪري شروعات پاڻ ڪجي ته سماج جي تبديلي به ٿي پوندي.

    • زندگيءَ جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو ڪڙو سچ؟
    زندگي گھارڻ ايڏي آسان ناهي

    • جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندؤ؟
    دل جي ڳالهه، زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
    اهائي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي
    هي ظلم آ، اسان سان اوهان جي محفل ۾،
    اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي

    • وڻندڙ موضوع؟
    ناول ۽ آتم ڪٿا

    • اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي؟
    شاهه جي رسالي کان سواءِ ڪو به نه

    • ڪلا جي دنيا ۾ پسند جي شخصيت؟
    ڊاڪٽر تنوير عباسي

    • موسيقيءَ ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو؟
    سڀني غزل گو ڳائڻن کي.

    • پسند جا نثر نگار؟
    پائولو ڪولهو، ميلان ڪنڊيرا ۽ خليل جبران

    • پسند جا شاعر؟
    شاهه سائين، شيخ اياز، امداد حسيني.

    • وڻندڙ لباس؟
    شلوار قميص

    • وڻندڙ خوشبو؟
    مينهن اٺي کان پوءِ ڌرتيءَ مان اٿندڙ خوشبو.

    • آٽو گراف؟
    پيار ڪيو


    • مختصر سوانح حيات
    ڊاڪٽر اسحاق احمد انصاري چوٿين مارچ اوڻويهه سو سٺ تي الله بخش “انيس انصاري” جي ادبي گھراڻي ۾جنم ورتو، سندس پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي پي سي اسڪول ۾ ٿي ۽ سيڪنڊري تعليم گورنيمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ ٿي. اسڪول جي دوران هو ڪرڪيٽ ۽ ٽيبل ٽينس جو رانديگر رهيو. ان کان علاوه هُن تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو. ان دوران هن“گلن جهڙا ٻارڙا ” تنظيم جي مختلف عهدن تي به ڪم ڪيو. فرسٽ ييئر ۽ انٽر پري انجينرنگ ۾ گورمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي ۽ ان ئي ڪاليج مان فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ميٿس ۾ بي ايس سي ڪئي. ٽيبل ٽينس ۾ ڪاليج جي نمائندگي ڪئي ۽ ان کان علاوه لاڙڪاڻي جو چيمپين رهڻ سان گڏ، باسڪيٽ بال ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. اسحاق انصاريءَ جي پهرين لکڻي شعر جي صورت ۾ گل ڦل1973 ۾ “سنڌ” جي نالي سان ٿي. ان کان علاوه گل ڦل جي مضمون نويسيءَ جي مقابلن ۾ انعام حاصل ڪيا. سندس لکڻيون گلن جهڙا ٻارڙا رسالي ۾ به شايع ٿينديون رهيون. هو ڪافي وقت تائين سڌ ٻالڪ سنگت سان لاڳاپيل رهيو.

    اسحاق انصاريءَ 1985 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي، اسٽيٽسٽڪس جي ڊگري فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي ۽ سيپٽمبر 1985 سنڌ يونيورسٽي جي شاهه عبداللطيف ڪيمپس خيرپور ۾ اسٽيٽسٽڪس شعبي ۾ ليڪچرر طور جوائن ڪيو. ان ئي سال سندس پهريون ٽي وي ڊرامو “پل ۽ پهر” پي ٽي وي تان ٽيليڪاسٽ ٿيو ۽ ستت ئي سندس ٻيون ڊرامو “چهرا چهرا چنڊ” پي ٽي وي تان نشر ٿيو.
    لطيف يونيورسٽي ۾ هاسٽل جي وارڊن کان وٺي، راندين جي چيئرمين تائين ڪم ڪيو ۽ ان کان علاوه اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور سچل چيئر ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ محمد علي حداد سان گڏ ڪم ڪيو. اسحاق انصاري ٽن ٽن سالن تائين ٻه ڀيرا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سينيٽ جو چونڊيل ميمبر رهيو. هو شاهه عبداللطيف جي سينڊيڪيٽ جو به چونڊيل ميمبر رهيو.

    ان کان علاوه اسحاق انصاري خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽي جي ادبي سرگرمين جو روح روان رهيو ۽ هن ئي مچ مشاعري جي روايت وڌي، ان کان علاوه پهريون ڀيرو فرسٽ اپريل تي “پيروڊي مشاعرو” ڪرايو. هو ڳپل عرصو ريڊيو پاڪستان خيرپور سان ڪمپيئر طور ڳنڍيل رهيو.

    1989 ۾ ان وقت جي يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن اسلام آباد ۾ ڪمپيوٽر ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ڪرڻ ويو. جنوري 1990 ۾ هو ڪلچرل ايڪسچينج اسڪالرشپ تحت ان وقت جي چيڪوسلوواڪيا مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو. جتي هُن پهريان سلووڪ ٻوليءَ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. 1995 ۾ هو پي ايڇ ڊي ڪري واپس وطن وريو.

    ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ايسوسيئيٽ پروفيسر تائين لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رهيو، جتان 1999 ۾ اسٽيٽ بينڪ ۾ جوائنٽ ڊائريڪٽر طور ڀرتي ٿيو. جتي هاڻي هو اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر انصاريءَ مختلف بين الاقوامي سيمينارن، ورڪشاپن ۽ ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي.

    ڊاڪٽر اسحاق انصاري، هن وقت تائين مختلف تعليمي ادارن سان لاڳاپيل آهي جتي هو پي ايڇ ڊي جي سپروائزر طور به ڪم ڪري ٿو. انهن ادارن ۾ سنڌ يونيورسٽي، لطيف يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، فيڊرل اردو يونيورسٽي، زيبسٽ، انسٽيوٽ آف بزنس مينيجمينٽ، بزٽيڪ، شامل آهن. ان کان علاوه هو ٽرينر طور اسٽيٽ بينڪ جي آفيسرن کي به ٽريننگ ڏيندو رهي ٿو.

    ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ادب کان علاوه فوٽوگرافي، فشنگ ۽ سير سياحت ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وقت تائين هو 24 ملڪن، آسٽريا، اندورا، اسپين، بلغاريا، فرانس، جرمني، چيڪ ريپبلڪ، سلوواڪيا ريپبلڪ، جرمني، هنگري، رومانيا، ترڪي، ايران، پولينڊ، اٽلي، سوئزرلينڊ، هانگ ڪانگ، سنگاپور، انڊونيشيا، ڪوريا، ٿائلينڊ، سريلنڪا، چائنا ۽ متحڊه عرب امارات جي سياحت ڪري چڪو آهي. سندس سفرنامن جو مجموعو “پرين هُن پار” 2008 ۾ پڌرو ٿيو. جڏهن ته هُن جو پهريون ڪتاب، “خالي بينچ“ ناول 2000 ۾ شايع ٿيو.

    ڊاڪٽر اسحاق انصاريءَ جي ايندڙ ڪتاب هن ريت آهن

    ادبي صنفون ڪهاڻي، ناول، ڊرامو، سفرنامو، مضمون ۽ ترجما
    ڪتاب(شايع ٿيل) خالي بينڃ(ناول) 2000
    پرين هُن پار(سفرنامو) 2008
    ڪتاب(تياري هيٺ) پيار ڪهاڻيون(ڪهاڻين جو مجموعو)
    ويلنٽائن 98 (ناول)
    آءُ ٿي ڇلان ڇپرين…(مختلف ملڪن جا سفرناما)
    پراگ، منهنجو محبوب شهر (چيڪوسلوواڪيا جو سفر نامو)
    رنگن منجھ روح (آرٽ ۽ آرٽسٽن تي لکيل مضمون)
    ننڍڙو شهزادو(سينٽ ايسڪپيري) ترجمو
    هڪ محبت هزار افسانا (ميلان فيرڪو) سلوواڪ مان ترجمو
    چيڪوسلوواڪيا جون لوڪ ڪهاڻيون
    [/JUSTIFY]

    اسحاق انصاري جي جنم ڏينهن (4 مارچ) جي حوالي سان
    روزانه سڪار جي هفتيوار ادبي صفحي ڏات تان ورتل
    رضوان گُل ۽ ساجد سنڌي جي ٿورن سان

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو