دوستو! ٻڌو اٿم ته شاعري اندر جي اڌمن جو بي ساخته اڌمو آهي ... سو هن بهار جي موسم ۾ هڪ بي ساخته اڌمو آيو ۽ مون هي اندر جو غبار ڪڍيو... وزن ۽ بحر جي ماپن کان قطع تعلق ٿي لکيو آهي، ڇاڪاڻ آءُ شاعر هجڻ جي دعوا بلڪل نٿو ڪريان ... جيتوڻيڪ وزن ۽ بحر شعر جو لباس هوندا آهن انهن کان بنا شعر جي سونهن نه بيهندي آهي ... انڪري شاعر دوستن کي عرض آهي ته هنن لفظن جي درستگي ڪري ڏين ته ... ٿورا ناهن ٿورا آئي رت بهارن جي آئي رت بهارن جي، آئي رت ملڻ جي، ڏس! وريو وري اڄ ، واءُ سڻائو آ .... باغ رستن تي، آهن وڇايا گل مون، ملڻ پو به پنهنجو، ٿيو اڻائو آ ..... عشق جون منزلون، مسافتون ٿيون ڏور، وچ راه تي ڪنهن، ڪاڪ محل بڻايو آ ... اکيون يا ڳالهيون، ناز يا انداز يا سونهن سوائي، سبب موت جو مون، ڪهڙو ڳڻايو آ ... اکين ۾ سوڀ جا موتي، ويڙهي ڪارو ويس، پرينءَ پاڻ اچي، نثارِ عشق جو مڙهه کڻايو آ ..
جواب: آئي رت بهارن جي آئي رت بهارن جي، آئي رت ملڻ جي، ڏس! وريو وري اڄ ، واءُ سڻائو آ .... سائين نثار واڌايون شاعري جون، اوهان جا لفظ ۽ جملا ته اڳيئي زبردست ۽ من کي موهيندڙ هوندا هئا ۽ هاڻي نثري سٽن سان گڏ اوهان جي شاعري به پڙهڻ لاء ملي ۔۔۔۔۔۔۔ وزن بحر پويا ماپبا پر هن وقت ته اوهان جي خيالن ڏي سوچ آهي۔ بهارن جي رُت ۽ سنڌ ۾ رنهن جا پيلا رنگ ۽ اهڙي موسم ۾ محبوب جو پري هجڻ ۽ ديس کان ڏور هجڻ ۔۔۔۔۔۔۔ واقعي ماڻهو شاعر ٿي ويندو يا وري اڌ پاڳل ٿي ويندو۔ اوهان شاعر ٿيا اهو به اسان کٽيو۔ باغ رستن تي، آهن وڇايا گل مون، ملڻ پو به پنهنجو، ٿيو اڻائو آ .....
جواب: آئي رت بهارن جي باغ رستن تي، آهن وڇايا گل مون، ملڻ پو به پنهنجو، ٿيو اڻائو آ ..... ------------------- اکيون يا ڳالهيون، ناز يا انداز يا سونهن سوائي، سبب موت جو مون، ڪهڙو ڳڻايو آ ... اکين ۾ سوڀ جا موتي، ويڙهي ڪارو ويس، پرينءَ پاڻ اچي، نثارِ عشق جو مڙهه کڻايو آ .. ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ادا سائين توهانجي ڪسر نفسي جي ڪا حد نه آهي۔هڪ ته دل جي تمام خوبصورت احساسن تي مشتمل سوچن کي پياري ۽ وڻندڙ ڊيزائن جو لباس پهرائي هن محبتي اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيو اٿئو،وري مٿان ٿا چئو ته اوهان کي شاعري ڪرڻ نه ٿئي اچي۔يا اوهان جي شاعري رديف،ڪافيه۔بحر ۽ وزن جي مخصوص پيماني تي نه ٿي لهي۔سائين منهنجا اسان ته اوهان جي شاعري ڪرڻ جي خصوصيت کان امپريس ٿيا آهيون۔ان فڪر ۽ ذڪر کي جاري رکندا ته مهرباني ٿيندي۔