آئي رت بهارن جي

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو! ٻڌو اٿم ته شاعري اندر جي اڌمن جو بي ساخته اڌمو آهي ... سو هن بهار جي موسم ۾ هڪ بي ساخته اڌمو آيو ۽ مون هي اندر جو غبار ڪڍيو... وزن ۽ بحر جي ماپن کان قطع تعلق ٿي لکيو آهي، ڇاڪاڻ آءُ شاعر هجڻ جي دعوا بلڪل نٿو ڪريان ... جيتوڻيڪ وزن ۽ بحر شعر جو لباس هوندا آهن انهن کان بنا شعر جي سونهن نه بيهندي آهي ... انڪري شاعر دوستن کي عرض آهي ته هنن لفظن جي درستگي ڪري ڏين ته ... ٿورا ناهن ٿورا

    آئي رت بهارن جي

    [​IMG]


    آئي رت بهارن جي، آئي رت ملڻ جي،
    ڏس! وريو وري اڄ ، واءُ سڻائو آ ....

    باغ رستن تي، آهن وڇايا گل مون،
    ملڻ پو به پنهنجو، ٿيو اڻائو آ .....

    عشق جون منزلون، مسافتون ٿيون ڏور،
    وچ راه تي ڪنهن، ڪاڪ محل بڻايو آ ...

    اکيون يا ڳالهيون، ناز يا انداز يا سونهن سوائي،
    سبب موت جو مون، ڪهڙو ڳڻايو آ ...

    اکين ۾ سوڀ جا موتي، ويڙهي ڪارو ويس،
    پرينءَ پاڻ اچي، نثارِ عشق جو مڙهه کڻايو آ ..
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آئي رت بهارن جي

    آئي رت بهارن جي، آئي رت ملڻ جي،
    ڏس! وريو وري اڄ ، واءُ سڻائو آ ....


    سائين نثار واڌايون شاعري جون، اوهان جا لفظ ۽ جملا ته اڳيئي زبردست ۽ من کي موهيندڙ هوندا هئا ۽ هاڻي نثري سٽن سان گڏ اوهان جي شاعري به پڙهڻ لاء ملي ۔۔۔۔۔۔۔ وزن بحر پويا ماپبا پر هن وقت ته اوهان جي خيالن ڏي سوچ آهي۔ بهارن جي رُت ۽ سنڌ ۾ رنهن جا پيلا رنگ ۽ اهڙي موسم ۾ محبوب جو پري هجڻ ۽ ديس کان ڏور هجڻ ۔۔۔۔۔۔۔ واقعي ماڻهو شاعر ٿي ويندو يا وري اڌ پاڳل ٿي ويندو۔ اوهان شاعر ٿيا اهو به اسان کٽيو۔

    باغ رستن تي، آهن وڇايا گل مون،
    ملڻ پو به پنهنجو، ٿيو اڻائو آ .....
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: آئي رت بهارن جي

    باغ رستن تي، آهن وڇايا گل مون،
    ملڻ پو به پنهنجو، ٿيو اڻائو آ .....

    -------------------

    اکيون يا ڳالهيون، ناز يا انداز يا سونهن سوائي،
    سبب موت جو مون، ڪهڙو ڳڻايو آ ...

    اکين ۾ سوڀ جا موتي، ويڙهي ڪارو ويس،
    پرينءَ پاڻ اچي، نثارِ عشق جو مڙهه کڻايو آ ..


    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ادا سائين توهانجي ڪسر نفسي جي ڪا حد نه آهي۔هڪ ته دل جي تمام خوبصورت احساسن تي مشتمل سوچن کي پياري ۽ وڻندڙ ڊيزائن جو لباس پهرائي هن محبتي اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيو اٿئو،وري مٿان ٿا چئو ته اوهان کي شاعري ڪرڻ نه ٿئي اچي۔يا اوهان جي شاعري رديف،ڪافيه۔بحر ۽ وزن جي مخصوص پيماني تي نه ٿي لهي۔سائين منهنجا اسان ته اوهان جي شاعري ڪرڻ جي خصوصيت کان امپريس ٿيا آهيون۔ان فڪر ۽ ذڪر کي جاري رکندا ته مهرباني ٿيندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو