
مونکي 4 مارچ سدائين ياد رهندي آهي، ڇو ته چار مارچ سنڌ جي حقن جي جدوجهد لاء هڪ تاريخي ڏينهن رهيو آهي ۽ ان ئي چار مارچ تي اسان جي مانواري مهربان ، هڏ ڏوکي، رهنما ، استاد، لفظن جي جادوگر، سنڌ پرست، انسان دوست ۽ پرين پياري سائين نثار ابڙو جو جنم ڏينهن به آهي اتفاق سان اڄ ئي منهنجي هڪ ٻئي استاد ۽ ناول نگار محترم اسحاق انصاريء جو به جنم ڏينهن آهي جيڪو به يونيورسٽيء ۾ منهنجو استاد رهيو آهي۔
سائين نثار ابڙو مارچ کي عاشقن ۽ سونهن پرستن جو مهينو سڏيندو آهي، ان جو هڪ سبب بهار جا رنگ، سرنهن جي پيلاڻ ۽ سونهن جو سنگم به آهي۔ ان ئي مارچ مهيني ۾ سائين نثار ابڙي صاحب جو جنم ڏينهن آهي۔ سائين نثار انسان دوست ، سچو، کرو ۽ محبتي ماڻهو آهي۔ مونکي سائين نثار جو دوست سڏائڻ تي فخر ٿيندو آهي۔ سنڌ سلامت کي سائين نثار ابڙي جي ليکن ۽ رهنمائي تي ناز آهي۔ دعا آهي ته سنڌ جو هي سچو سنڌ پرست ، سونهن پرست ۽ يارن جو يار جُڳ جُڳ جيئي ۽ سدائين خوش رهي۔ سندس صحتِ ڪامله ۽ دراز عمريء لاء رب جي حضور دعاگو آهيون۔
سائين نثار کي سندس 51 هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ ٻي به مبارڪباد جو پاڻ اڄ پهرين شاعري پوسٽ ڪئي اٿن ، انڪري کين ٻٽيون مبارڪون۔