خوبصورت لفظن جي خالق سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2012۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    سائين ايمانداري پڇيو ته رات جو 12 لڳي 34 منٽن کان 2 لڳي 42 منٽن تائين سوچيندو رهيو آهيان ته سائين نثار ابڙو صاحب جن کي ڪهڙا لفظ ارپڻ ڪريان، ڪجهه لکڻ جو سوچيم ته وري سنڌ سلامت جي ٻين ڀاتين جي تحريرن ڏانهن نظر پيئي اتي به منهنجي ذهن ۾ آيل لفظ بڪ ٿي چڪا هيا۔۔۔ هاڻي مان پريشان ٿي ويس ته ڇا لکان؟؟؟
    لڳو ٿي ته سڄي رات گذري ويندي پر لفظ نه ملي سگهندا۔۔۔۔۔
    انهي ڪري ڀلا دل کان پڇڻ جو فيصلو ڪيم ۔۔۔۔ ۽ دل چيو ته سائين جن کي گلدستو پيش ڪريان۔۔
    هي گل دستو آهي ته ناڪافي پر دل جي مڃي ڪري ڏنو آهي۔۔ اميد ته قبول پوي۔۔۔
    الله تعالي اوهانجي زنگي ۾ ڪائنات جي هر خوشي کي ڪاپي ڪري بيشمار دفعا پيسٽ ڪري ۽ هر غم کي ڪنٽرول شفٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي۔۔ سنڌ سلامت سان اوهان جو ساٿ ايئن ئي سلامت رهي۔۔۔۔ سدا خوش ۽ آباد رهو۔۔

    [​IMG]
    دعا ۾ ياد​
    ۔​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    الله سائين ابڙو صاحب جن کي سدا سلامت رکي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جاويد گھوٽو

    جاويد گھوٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    سماجي ڪارڪن
    ماڳ:
    گهوٽڪي
    محترم سائين نثار ابڙو صاحب کي مبارڪباد دل جي گهراين سان ڏيندي ، روح جي ازلي رشتي جي پنهنجائپ محسوس ڪريان ٿو ۔ يقينا اوهان جهڙا جاني ئي جيئڻ ۽ جياپي جو صحيح حق ادا ڪن ٿا پيا ۽ مالڪ حقيقي به اهڙا سڳنڌ سدا سنڌ جيجل جي جهوليءَ ۾ ئي وڌا آهن ۔ شال جيئو وَسو پيا سپرين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا نثار۔۔۔جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مُبارڪون هُجن...:)
    خوب صورت لمحا...خوب صورت پل...
    حسين حال...حسين ماضي...حسين مُستقبل....
    چمڪندڙ ڏينهن..سُهڻيون راتيون...
    مِٺا جذبا.....پياريون ڳالهيون...
    ميشه جي کِل...ڳوڙها گهٽ...
    کوڙ ساريون خوشيون..ٿورڙا غم...
    خوشبو،ڪليون،مهڪندڙ گُلاب.....
    سڀ ڪجهه گهُريو آ الله پاڪ کان...
    شل الله سائين توهان کي هر گهڙي، هر پل خوش رکي....آمين.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    مان سمجهان ٿو ته آڪاش تي جيڪڏهن رڳو چنڊ هجي ها ته ان جي سندرتا ايتري وڻندڙ نه هجي ها جيتري سونهن ستارن جي هجڻ سان من کي موهيندڙ آهي ، اهڙي ريت مان ائين سمجهان ٿو ته سنڌ سلامت جي آڪاس تي جيڪي ستارا چمڪن ٿا انهن ستارن ۾ جيڪڏهن محترم سائين نثار ابڙو صاحب نه هجن ها ته هوند سنڌ سلامت جي سونهن جي ڪوملتا جو احساس ايترو سهڻو نه پسجي ها۔۔ڪي ڪي ماڻهو مکڻ جا چانڻا هوندا آهن اهڙن مکڻ جي چانڻن جهڙو سهڻو سڄڻ هي ماڻهو به آهي۔۔سائين جي اڄ جنم ڏڻ جي ڏينهن تي سڄڻن پاران اهڙي ته لفظن جي سهڻي ڀيٽا پيش ڪئي آهي جو منهنجا لفظ انهن اڳيان ڪا معني ا به نٿا رکن ۽ وري محترم سائين نثار صاحب جي من مهڻي شخصيت بابت ڪا مان سهڻي ڀيٽا پيش ڪري سگهان۔۔سنڌ جي چيڪي مٽي مان ڳوهيل سهڻي بدن جو مالڪ موئن جي دڙي جي ديس جي هن محبوبن جهڙو ورتا ڪندڙ سهڻي سڄڻ کي جنم ڏڻ جو لکي واڌايون پيش ڪيان ٿو۔۔ الله پاڪ جي بارگاهه اقدس ۾ دعا آهي ته ڌڻي تعالي ا کيس وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ سندس جي محبت جو ميٺاج اسان کي هميشه ارپيندو رهي۔۔سدا سرها رهن۔۔شل مرڪندا ۽ مهڪندا رهن۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا نثار ابڙو صاحب السلام عليڪم۔ جيئن گلاب جي وات مان نڪتل ڳاله کي خوشبوء چون ٿا ائين اوهان جي محسورڪن شخصيت کي چقمق چون ٿا، جنهن جي ڪري هر ميمبر هن اڱڻ جو اوهان ڏي ڇڪجي اچي ٿو۔ توهان جو مثال هڪ سايه دار وڻ جهڙو آهي ، جنهن جو ڪم هر ٿڪل مسافر کي سايو فراهم ڪري ،هن جي سفر کي آرامده بنائڻ آهي۔ توهان پنهنجي تحريرن، ڪمينٽس سان ايڏا ته ڏاهپ واري گل پکڙيا آهن جن جي خوشبوء هر ڀاتي هن اڱڻ جي دل ۾ هميشه لاء جاء ٺاهي ورتي آهي۔ اها اڻمٽندڙ ۽ لطيف خوشبوء هميشه توهان کي اسان جي دلين جي ويجهو محسوس ڪرائيندي آهي۔
    توهان جي ڄمڻ جي ڏينهن جي حوالي سان اوهان کي اسان تمام گهڻين نيڪ تمنائون ، پريت ؤ پيار جوعاجزائونه تحفو پيش ٿاڪيون ۔شل قبول پوي۔ الله پاڪ پنهنجي رحم ؤ ڪرم سان اوهان جي زندگي جو نئون شروع ٿيندڙ سال خوشين سان ڀري ڇڏي، ڏک،رنج ۽ تڪلفيون اوهان کان تمام گهڻو پري هجن۔ توهان جي هر نيڪ خواهش الله سائين پنهنجي فضل سان پوري ڪري۔ الله پاڪ اوهان کي مقدر جو سڪندر ٺاهي، دنيا ؤ آخرت جون سڀ راحتون توهان کي ڏين۔ آمين۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين لک لک مبارڪون

    الله ڪري ته توهان زندگي جا هر لمحا خوشين سان گذاريو

    آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    وري اڄ 4 مارچ ۽ وري نثار ابڙي جو جنم ڏينهن آهي، سائين سان روز جي ڪچهرين جو سلسلو جاري آهي، ڳالهيون آهن جو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن ۽ مسئلن جا به انبار آهن ......

    سدا خوش هجو سائين.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سائين نثارابڙو جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ 4 مارچ جي انهيءَ سڀاڳي ڏينهن جو هي سنڌ ڄائو سپوٽ هڪ بهترين پيءُ، ڀاءُ، دوست ۽ سماج جو فرد آهي. وٽس ٻين کي ڏيڻ لاءِ کوڙ ڄاڻ ۽ مُرڪون آهن جيڪي سندس تِکين مٺين ڳالهين جي ڪري ماڻهن کي مفت ۾ ملنديون رهن ٿيون.
    سنڌ ته کيس پنهنجي ماءُ جيان عزيز پر سنڌ واسي ڏنگن ڀائرن جيان لڳنس ٿا جن مان ڪڏهن مايوس ته ڪڏهن وري وڏي اميد رکي ٿو.
    سنڌ کان ڏور روزي جي چڪر ۾ ڳچ وقت رهي هاڻ سچل ڳوٺ ۾ رهندي ڪافي مسئلا آهن جيڪي سُلجهائڻ ۾ اُلجهيل آهي. اسان کيس جنم ڏينهن جي واڌاين سان کيس کوڙ ساريون دُعائون ٿا ڏيون ته جُڙيو هُجي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين اوهان جي هڪ ٻئي ڪامياب سال تي اوهان کي مبارڪو الله اوهان جو ساٿ سهڻو اسان سان رکي ته جيئن اوهان جي علم و حلم مان اسان جهڙا مستفيد ٿيندا رهن.
    جاڏي پير تاڏي خير.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سليمان وساڻ جو ڪمال اهو آهي ته جيڪا به شئي تخليق ڪندو آهي، اها دائمي ٿي ويندي آهي ۽ ور ور ڪري ان شئي مان لطف حاصل ٿيندو آهي، بلڪل ساڳئي طرح ڪجهه سال اڳ مونکي ڏنل ڄم ڏينهن جي واڌاين وارو ڪارڊ اڄ به ايترو ئي جاذب نظر ۽ وڻندڙ آهي جيترو ڪجهه سال اڳ هو ...

    سڀني دوستن جي قربن تي ٿورائتو ۽ سندن محبتن جو قرضي آهيان ... سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا سڀ ناتا وسري ويا ... مونکي الله تعالا پاران ڪافي موقعا مليا ته آءُ سنڌ کان ٻاهر ڪنهن ترقي يافته ملڪ ۾ وڃي رهي پوان ها پر سنڌ جي خمير جو نشو اهڙو جو مون هر بار ان موقعي کي پٺي اڇلايو ۽ سنڌ سان پنهنجو ناتو ازلي ۽ اتم رکيو اٿم ...

    هڪ سنڌ ڌرتيءَ جو تاثير ٻيو وري دوستن جي دوستي ... اهي ٻه رشتا اهڙا ته مضبوط آهن جو انهن کي ٽوڙڻ ڄڻ ته اڻاسي ٿيڻ جي برابر آهيان ... ۽ لطيف جي ٻوليءَ ۾ اڻاسين کي حيف هجڻ جي بددعا آهي ...

    سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
    حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو.

    هڪ دفعو ٻيهر سڀني دوستن کي نوڙت ڀريو سلام ...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    گهڙي لڳي گهڙيال تي ،گهڙيال ڪئي گهوڙا،
    ٻڌئي ڪو نه ٻوڙا ته اهيا به گهڙي گهٽ ٿي،
    محترم سائين نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم
    سائين زندگي الله پاڪ طرفان عطا ڪيل عظيم نعمت آهي ،ان جي هر گهڙي تمام قيمتي آهي ،اوهان پنهنجي رب تعالي ا جي عطا ڪيل هن زندگي کي سهڻي نموني سان سينگاريو آهي،
    اوهان جون محبتون قربتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن.اوهان سان گهاريل هر گهڙي جو احساس اوهان لاء دعائن جي صورت ۾ اڀري ٿو. الله پاڪ اوهان کي وڏي عمر عطا فرمائي اوهان جي صحبت ۽ محبت دل کي ڀائيندڙ آهي ۽ اهڙي صحبت اختيار ڪرڻ جو رب سائين به حڪم فرمايو آهي .خوش قسمت آهن اهي دوست جن سان اوهان جون رهاڻيون ٿينديون رهن ٿيون .رب سائين قائم و دائم رکي.
    الله پاڪ اوهان کي صحت و تندرستي عطا فرمائي. اوهان کي اوهان جي گهر وارن کي دوستن احبابن کي سدا سلامت رکي هر خوشي اوهان کي عطا ڪري سدائين خوش رهو.
    هن پر مسرت گهڙي تي اوهان کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪيان ٿو،الله پاڪ اوهان جي هر مشڪل دورفرمائي آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين نثار کي منهنجي طرفان جنم ڏينهن مبارڪ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا؛

    آءُ سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين/دوستن جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي ڄم ڏينهن 4 مارچ تي مون لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ ڄم واڌايون ڏنيون ... ڪن مختصر لفظن ۾ ته ڪن پيار ڀرين جملن ۾ ته ڪن وري محبتن جا مينهن وسائي ڇڏيا ... انهن لفظن يا جملن من ۾ خوشين جا خزان ڀري ڇڏيا آهن ....

    سنڌ سلامت ۽ انٽرنيٽ ذريعي اسين دوستن جي هڪ اهڙي دنيا ۾ پهچي ويا آهيون جو گهر جي ڪمري ۾ طبعي طور تي اڪيلي هوندي ۾ لکن دوستن جي وچ ۾ آهيون ۽ انهن پاران عزتون ۽ قرب ويٺا وصول ڪريون .... بلڪل لطيف سرڪار جي هن بيت جيئان؛

    ڪـــــي ويجهـــا ئي ڏور، ڪـــــي ڏور به ويجهــــــا سپـــــريـــن،
    ڪـــــي چڙهــــن نــه چت تـــــي، ڪــــــي وســـــــرن نــه مور،
    جيئن مينهـــن ڪڍيائي ڪـــــور، تيئن دوست وراڪو دل سين.

    آءُ ڪنهن به وجود جي ڄم کي ڪنهن به انسان جي شخصي حاصلات ناهيان سمجهندو بلڪ قدرت ۽ فطرت سان گڏ پيءُ ماءُ جي ڪاوشن جو ثمر سمجهندو آهيان ... ۽ واڌايون ان شئي جون ڏبيون آهن جنهن ۾ ان شخص جي ڪا شخصي ڪاوش شامل هجي يا وري سندس ڪا ڪاميابي يا ڪامراني هجي ...

    انسان جو ڄم پنهنجي وس کان ٻاهر آهي ته پوءِ واڌايون ڇا لاءِ ..؟؟؟

    ها واڌايون جڳائن ٿيون، جڏهن انسان ڄم کانپوءِ ماڻهون ٿي پوي ٿو، جڏهن هو معاشري ۽ سماج لاءِ هڪ ڪارآمد ٿي پوي ٿو ... سندس حاصلات ۽ ڪاميابين سان ڪيترن جو ڀلو ٿئي ٿو، ڪيترن کي رستو ملي ٿو ۽ ڪيترن کي رهنمائي نصيب ٿئي ٿي ... انسان اشرف المخلوقات آهي سندس ڄم بيشڪ وڌائن جوڳو آهي پر جي اهو انسان ڄمڻ کانپوءِ جانور واري زندگي گهاري مري ويو ته واڌائن جي بجاءِ افسوس جو مقام ۽ سندس وجود نوحو ثابت ٿئي ٿو ...

    اي رب العالمين اسانکي پنهنجي روشني عطا ڪر ته جيئن اسين هن ڪائنات ۾ حب الوطن انسان ٿي پنهن قوم ۽ ڪٽنب لاءِ ڪي اهڙا عمل ڪري وڃون جن سان ابدي حياتي نصيب ٿي وڃي ... !!!

    اي منهنجا رب اسانکان اهڙا عمل ڪراءِ جنهن سان سوين نه هزارين نه ڪروڙين انسانن جو ڀلو ٿئي ۽ انهن کي اسانجي وجود مان فائدو نصيب ٿئي .... آمين

    محبت پــــائي من ۾، رنــــڊا روڙيا،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.

    هڪ دفعو ٻيهر سڀني دوستن کي هٿ ادب جا ٻڌي سر جهڪائي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ سندن پيار ۽ دعائن جو قرضي آهيان ...

    منهنــجي مداين جي، ڪـــل پريـان پيئي،
    ڪڏهن ڪوسا ڪــــون ٿيا، ڏوراپــا ڏيئي،
    ساجـــن! سڀيئي ڍڪــــج، ڍول! ڍلايـــون​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ٻه ٽي ڏينهن کان لفظ پيو ڳولهيان ته سائين جن کي جنم ڏڻ جون واڌائيون ڏيان. هاڻ سوچيان ٿو ته مست سائين تنهنجي ڪهڙي مجال جو اهڙي شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي سگهين، جنهن کي دوست لفظن جو خالق سڏين ٿا....
    بس اسان جي طرفان ٿورو لکيو گهڻو سمجهيو سائين....
    وڌ کان وڌ مبارڪون

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين نثار کي جنم ڏينهن جون واڌايون .... اڄڪلهه فورم کان پري ضرور آهن پر دل جي ويجهو آهن، روز ڪچهريون پيون ٿين، روز ڀاڪر پائي ٿو ملي ... اها سڪ ۽ محبت شال سدا قائم رهي.

    سائين نثار انهن ماڻهن مان هڪ آهي جن جي ڪچهري ۾ ويهندي وقت گذرڻ جي خبر ئي ڪانه پوندي آهي ..... سدا سُکيا هجو سائين

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو