Sindhi Media
سينيئر رڪن
اسلامي شخصيتن جي ٽيب ۾ وڃي تمام نبين ع جي قصن تي راءِ ڏيو
دوستئو ! (ساليووُڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر تعلقو نيو سعيد آباد ضلع مٽياري ۽ اُن جي ٿنڪ ٽينڪ (ٽيم) اڄ پنهنجي تحرير ۽ تحقيق کي مُڪمل ڪندي ۽ پنهنجو قومي مذهبي، اخلاقي، اسلامي فرض سمجهندي، سنڌي قوم جي هر سنڌي پڙهيل فرد لاءَ سنڌي زبان ۾ تحقيق لکي فرض پوري ڪرڻ جي ادنيٰ ڪوشش ڪئي آهي.
تحرير ۽ تحقيق مُڪمل ڪندي قرآن پاڪ توڙي حديث مُبارڪ ۾ ذڪر ٿيل مڙني نبين ع ۽ اُنهن جي نالن سان پيش ايندڙ قصن کي، بيان ڪيو آهي هي مواد روايتن، حديثن، قولن، الهامي ڪتابن، اهل ڪتاب جي خيالن ۽ تصويري منظر ڪشي سان مُڪمل بيان ڪيو ويو آهي اهي صحيح آهن يا غلط انهن جو علم الله ج کي آهي.
ڪن قصن جو تفصيل عالمن ۽ مُحدثن سان به ثابت ڪرڻ جي ڪوششون ڪئي اٿئون، هي اسانجي طرفان صدقه جاريه آهي، پاڻ به پڙهو ٻين کي به پڙهايو ۽ ٻُڌايو ۽ ثواب دارين سان گڏ پنهنجي مذهب اسلام بابت به تعليم حاصل ڪريو جيئن ته هن جو ذڪر ڪرڻ، ڇپائڻ صديقه جاريه ۾ اچي ٿو توهان کي به دعوت آهي حصي دار بڻجو ۽ جي ڪو ادارو، پبلشر ڪا تنّطيم ان کي ڇپائڻ چاهي ٿي ته مُهنجي طرفان في سبيل الله اجازت آهي بشرطيڪه هو ان کي في سبيل الله شايع ڪندا، يا ڪو خرچ ڪڍڻ ٿو چاهي ته گهٽ ۾ گهٽ هديو مقرر ڪندا ۽ اسان لاءِ به دُعاگو رهندا. جي آگاه ڪندا ته مهرباني ٿيندي.
اسان حضرت آدم عليه الصلات وسلام کان وٺي، تمام نبين عليهما وسلام ۽ آخر ۾ حضرت مُحمد صلي الله عليه تائين لکيو آهي. ڪو مواد توهان کي مُهنجي فيسبوڪ جي نُوٽس ۾ ملندو.
اُميد ته پنهنجي راءِ کان آگاه ڪرڻ ۾ ڪنجوس پائي نه ڪندا مُهنجي ڏينهن رات جي محنت تي فيس بوڪ يا سنڌ سلامت داٽ ڪام تي وڃي هر نوٽ يا ڦوٽو تي گهڻي ۾ گهڻا ڪامينٽس ڏيندا ته اڳتي هلي انهيءَ جوش جذبي سان ٻيو ڪو سنڌي ٽيڪٽ لکي سگهان.
توهانجو پنهنجو
الحاج انجنيئر عبدالرازق ميمڻ
0300 جو 2895691