هي سڀ مسئلا هڪ وقت آيا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ڪير حل ڪندو؟

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ساٿيو ڪافي ڏينهن کان منهنجو ڪمپيوٽر هڪ عجيب خاموشي اختيار ڪري ننڊ پئجي ويو۔ مس مس اُٿيو آهي ته هاڻي هر اُها سائيٽ (سنڌ سلامت ڇڏي ڪري) جنهن ۾ پاسورڊ ڏيڻو هجي انهي تي هيٺيون پيج ٿو کولي۔

    [​IMG]

    ۽ جڏنهن چئو ته مون کي رسڪ جي خبر آهي ته وري هي پيج


    [​IMG]

    اهو ته ٺهيو پر جڏنهن هي مسئلو هتي پيش ڪرڻ لاءِ اسڪرين شاٽ وٺي ٽني پڪچر ذريعي اپلوڊ ڪيم ته هي ميسيج

    [​IMG]

    هاڻي سنگت ٻُڌائي ته ڪجي ته ڪجي ڇا؟​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هي سڀ مسئلا هڪ وقت آيا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ڪير حل ڪندو؟

    پيارا حفيظ سلام

    پيارا هي مسئلا اسان کان چڙهيل آهن ڪو جادوگر رشيد سمون يا فقير ئي ان جو حل ٻڌائيندو ۽ اتفاق سان جادوگر ڳوٺ ويل آهي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هي سڀ مسئلا هڪ وقت آيا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ڪير حل ڪندو؟

    ادا توهان برائوز جون ڪوڪيز ۡختم ڪري وري پو۽ ڪوشش ڪري ڏسو

    سدائين گڏ
     
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: هي سڀ مسئلا هڪ وقت آيا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ڪير حل ڪندو؟

    ادا ڪمپيوٽر نئون وٺُو
     
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هي سڀ مسئلا هڪ وقت آيا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ڪير حل ڪندو؟

    ادا توهان فائرفاڪس جو پراڻو ورجن انسٽال ڪيو تنهنڪري توهان نئون ورجن انسٽال ڪريو پو ئي صحيح هلندو
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هي سڀ مسئلا هڪ وقت آيا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ڪير حل ڪندو؟

    مونکي ته لڳي ٿو ته توهان جي ڪمپيوٽر جو وقت ۽ تاريخ غلط آهي ۔۔۔ ان کي درست ڪريو ۽ ٻيهر ڪوشش ڪريو اميد ته هن دفعي مسئلو سامهون نه ايندو۔۔۔
     
  7. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هي سڀ مسئلا هڪ وقت آيا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ڪير حل ڪندو؟

    ادا منھنجي خيال ۾ محترم عبدالواحد بھترين حل ٻڌايو آھي:police:
     
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: هي سڀ مسئلا هڪ وقت آيا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ڪير حل ڪندو؟

    سنگت جا جواب ڪُجهه هن ريت هئا۔

    سليمان وساڻ

    جواب: ادا انهي رات انهي موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي۔ رشيد چيو ته دوست سوال ڪري مون يا ڪجهه ٻين پر چند دوستن کان ئي جواب جي توقع ڪن ٿا۔ پر اسان جو خيال آهي ته سڀ دوست مسئلن جي حل جي ڳولا ۾ حصو وٺن۔ اهو ئي سبب هوندو آهي ته رشيد درست آيد پر هميشه دير 9يا آخر ۾ آيد) تي هلندو آهي۔
    ڦلپوٽو فقير

    جواب:صدقو وڃان فقير تان پر ادا اهي ڪوڪيز ڪيئن ختم ٿينديون اهو مون کي اوهان جي ڀاڄائي ٻُڌائيندي؟ ڳالهه پوري ڪندا ڪريو نه؟ اسان جا هال پورا آهن۔

    عبدالواحد سومرو

    جواب:ادا هن سال ۾ هي چوٿون ڪمپيوٽر آهي۔ هلي ته هلي نه تا اسان استعمال ڪرڻ تان هٿ کڻنداسين
    فاروق سومرو

    جواب:نئين ورجن ۾ آئي ڊي ايم جو ڪريڪ ورجن ڪم نه ٿو ڪري۔ ڪاڏي وڃجي پيارا؟

    رشيد سمون

    جواب:ڳجهارت اوهان ئي ڀڳي ادا۔ ڪمپيوٽر ۾ تاريخ 2004 جي لڳي پئي هئي۔ هاڻي ٻُڌايو ته اوهان جو نالو وٺي پُڇا ڪجي يا نه؟

    حيدر بخش

    جواب:جواب به بهترين ڏنو اٿم ادا


    بهرحال سڀني دوستن جي مهرباني جن حل ٻُڌايا
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هي سڀ مسئلا هڪ وقت آيا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ڪير حل ڪندو؟

    اوهان جو ڪم ٿي ويو ان تي خوشي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔

    هاڻي هروقت اسان رشيد کي کيسي ۾ کڻي ته ڪونه گهمنداسين۔

    پيارا اوهان کي به جس هجي جو ڪمپيوٽر کي اٺ سال پوئتي ڪيو پيا هلو ۔۔۔۔
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هي سڀ مسئلا هڪ وقت آيا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ڪير حل ڪندو؟

    تاريخ پوئتي ڪري اسان ڪڏهن ڪنهن مقصد کي پورو ڪرڻ چاهيندا آهيون مثال طور ڪو سافٽويئر آهي اهو ڪنهن وقت تائين ان جي تاريخ مقرر ڪيل آهي بعد ۾ اهو ايڪسپائر ٿي ويندو ان کي هلائڻ لاء تاريخ کي پوئتي ڪري اهو سافٽويئر هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ڪم ٿي ويندو آهي يعني ٻين لفظن ۾ اسان ڪمپيوٽر کي بي وقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون پر بعد ۾ وري ڪمپيوٽر اسان کي گهوماٽيون کارائيدو آهي جيئن ادا عبدالحفيظ سان مسئلو ٿيو بهرحال ادا عبدالحفيظ جو مسئلو حل ٿي ويو تمام بهتر اهو مسئلو مون سان به ٿيو هو پر سائين عبدالرشيد جن جي جواب کان پوء مون جواب نه ڏنو۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هي سڀ مسئلا هڪ وقت آيا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ڪير حل ڪندو؟

    سائين ڪمپيوٽر کي بيوقوف بڻائڻ جي چڪر ۾ صرف حفيظ ئي نه پر اسان جهڙا ڪيئي جواب ڏيندڙ پڻ لال ڦيريون کائيندا رهيا آهيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو