غزل

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ImamBux
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ImamBux

سينيئر رڪن
غزل (حڪيم دين محمد اڪرم جوڻيجو ٻورڙائي)
1_ يار جو انتظار ڇا چئجي
حال دل جو قرار ڇا چئجي
2_ راس محفل اچي نه تنھائي
پاڻ تي اختيار ڇا چئجي
3_ راھ ۾ رھبر مليو رھزن ٿي
تنھنکي بار بار ڇا چئجي
4_ آھ معصوم مھ لقا منھنجو
پر روش انجي ڇا چئجي
5_ ڪوڙ آھي زبان ڪيو ماڻھن جي
زندگي جو معيار ڇا چئجي
6_ مرڪ ناھي چپن تي ڪنھنکي
آيو آھي بھار ڇا چئجي
7_ آھ يوم حساب جو ڏينھن
مون پڙھيو استغفار ڇا چئجي
8_ زندگي امر آھ ٿي ڪنھنجي
ڪو آھي سوگوار ڇا چئجي
9_ شوق قائل ڪيو جڏھن پورو
خود ٿيو شرمسار ڇا چئجي
10_ عشق ۾ جانثار ٿيندو جو
انجو اڪرم وقار ڇا چئجي
 
جواب: غزل

مرڪ ناھي چپن تي ڪنھنکي
آيو آھي بھار ڇا چئجي


خوبصورت شاعري

سهڻي چونڊ
 
جواب: غزل

يار جو انتظار ڇا چئجي
حال دل جو قرار ڇا چئجي
تمام بهترين ونڊ ادا
 
Back
Top