سنڌ سلامت سٿ پاران سهڻي دوست، پياري انسان، خوبصورت احساسن جي مالڪ، قدرشناس ، سڄاڻ ساٿي ۽ سنڌ سلامت جي سونهن سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪيون ٿا۔
سائين غلام مصطفى ميمڻ سنڌ سلامت جي انهن سلجهيل دوستن مان هڪ آهي جيڪي گهڻي ڄاڻ رکندڙ ۽ رهنما جي حيثيت رکن ٿا۔ پاڻ سنڌ سلامت تي سرگرم رهي خوبصورت ليک موڪلڻ سان گڏ دوستن جي ڌاڳن تي پنهنجا خيال اوريندا رهن ٿا ۽ انهن جي رهنمائي به ڪندا رهن ٿا۔ سنڌ سلامت تي موڪليل سندن قانوني ليک ته پنهنجو مٽ پاڻ هوندا آهن۔ پاڻ سڀ کان وڌيڪ تعليم يافته هوندي، اسان کان وڏي عمر جا هوندي، اسان کان وڌيڪ ڄاڻ رکندي به ڪڏهن اهو محسوس ڪونه ڪرايو اٿن پر دوستن سان دوست ٿي گذارين ٿا۔
اهڙي سنڌ پرست ۽ سنڌ سان وفادار رهندڙ دوست لاء دعائون آهن ته رب پاڪ کين صحتِ ڪامله عطاڪري ۽ سندن پريشانيون دور ڪري سندن مک تي آيل مرڪ سدا قائم رکي۔