سهڻي دوست ۽ سنڌ سلامت جي سونهن سائين غلام مصطفى ميمڻ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]سنڌ سلامت سٿ پاران سهڻي دوست، پياري انسان، خوبصورت احساسن جي مالڪ، قدرشناس ، سڄاڻ ساٿي ۽ سنڌ سلامت جي سونهن سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪيون ٿا۔

    سائين غلام مصطفى ميمڻ سنڌ سلامت جي انهن سلجهيل دوستن مان هڪ آهي جيڪي گهڻي ڄاڻ رکندڙ ۽ رهنما جي حيثيت رکن ٿا۔ پاڻ سنڌ سلامت تي سرگرم رهي خوبصورت ليک موڪلڻ سان گڏ دوستن جي ڌاڳن تي پنهنجا خيال اوريندا رهن ٿا ۽ انهن جي رهنمائي به ڪندا رهن ٿا۔ سنڌ سلامت تي موڪليل سندن قانوني ليک ته پنهنجو مٽ پاڻ هوندا آهن۔ پاڻ سڀ کان وڌيڪ تعليم يافته هوندي، اسان کان وڏي عمر جا هوندي، اسان کان وڌيڪ ڄاڻ رکندي به ڪڏهن اهو محسوس ڪونه ڪرايو اٿن پر دوستن سان دوست ٿي گذارين ٿا۔

    اهڙي سنڌ پرست ۽ سنڌ سان وفادار رهندڙ دوست لاء دعائون آهن ته رب پاڪ کين صحتِ ڪامله عطاڪري ۽ سندن پريشانيون دور ڪري سندن مک تي آيل مرڪ سدا قائم رکي۔
    [/JUSTIFY]
    [​IMG]
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سهڻي دوست ۽ سنڌ سلامت جي سونهن سائين غلام مصطفى ميمڻ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ادا سليمان وساڻ صاحب توهانجا لک لائق جو اوهان اسان کي ايڏن سٺن الفاظن سان ڄمڻ جي ڏينهن جون مبارڪون ڏنيون آهن۔اسان کي ان ڳاله تي ڪامل يقين آهي ته هر انسان کي فنا آهي پر دوستن جي دلين ۾ صدين تائين زنده رهندو آهي جيڪڏهن هن کي اوهان جهڙا دوست ۽ مهربان ملي ويندا آهن۔اسان وٽ جيڪي ٻه قانوني يا ٻئي ڄاڻ آهي ،اها سڀ توهان دوستن جي ملڪيت آهي۔جڏهن توهان کي اسان هن محبتي اڳڻ جي تمام گهڻي خدمت ڪندي ڏسندا آهيون ته اسان کي لڳندو آهي ته اسان ته ڪجه به ڪونه پيا ڪيون۔توهان جون هڪ دفعو وري مهربانيون جو اوهان اسان کي اسان جي جنم جي ڏينهن تي پنهنجي دعائون ۾ ياد رکيو۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سهڻي دوست ۽ سنڌ سلامت جي سونهن سائين غلام مصطفى ميمڻ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    يار سليمان بس بس هاڻ پڪ ٿي وئي ته مارچ مهينو اصل ڪو صفا سهڻو مهينو آهي ۔۔۔ آءُ هميشه مارچ جي ماڻهن ۾ خوبيون ڳولهيندو هيم ۔۔۔ سڀني دوستن ۾ ڪيتريون ئي خوبيون نظر آيون ۽ سچ پڇو ته بلا نظر آيون پر پنهنجي پياري دوست غلام مصطفيٰ ميمڻ ۾ جيڪي خوبيون نظر آيون سي الڳ سان ڪجهه آهن ۔۔۔

    هڪ ئي ماڻهون صوفي به ته صالح به
    هڪ ئي ماڻهون دوست به ته دلدار به
    هڪ ئي ماڻهون عقل به ته اڪابر به
    هڪ ئي ماڻهون عادل به ته عدالت به
    هڪ ئي ماڻهون ليکڪ به ته ليک به
    هڪ ئي ماڻهون سهڻو به ته ساٿي به

    مطلب لکندو رهجي ته لکندو ئي رهبو، پر اسانجي هن دوست جا گڻ ڪون ڳڻي سگهبا ۔۔۔ سچ پڇو ته مونکي سائينءَ جن جي ملاقات واري تصور سان ئي عجيب سرور ملندو آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جو هڪ اهڙو پيارو ۽ پرخلوص دوست جنهنجي هجڻ سان سنڌ سلامت هڪ مضبوط اوطاق لڳندي آهي ۔۔۔

    دوست غلام مصطفيٰ، اسانجو پيار قبول پوي

    رب العالمين اوهانکي بري نظر کان بچائي ۽ هميشه ٻهنڪندا ۽ چهڪندا رهو ۔۔۔ آمين
     
  4. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    جواب: سهڻي دوست ۽ سنڌ سلامت جي سونهن سائين غلام مصطفى ميمڻ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين غلام مصطفى ميمڻ کي آفتاب پاران به جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سهڻي دوست ۽ سنڌ سلامت جي سونهن سائين غلام مصطفى ميمڻ کي جنم ڏينهن جون واڌايون


    سائين نثار ابڙو صاحب مون ناچيز جو جنم به اتفاق سان مارچ جي مھيني ۾ ٿيو آھي

    سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب کي اسان جي پاران به جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سهڻي دوست ۽ سنڌ سلامت جي سونهن سائين غلام مصطفى ميمڻ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    جي مٺڙا عبدالواحد، اوهانجي تصوير به مارچ مهيني جي هڪ گڏيل تصوير ڪنهن دوست ونڊ ڪئي هئي ان ۾ نظر آئي هئي، ان ئي بنياد تي مون مٿي اها هام هنئي آهي ۔۔۔

    اوهانجهڙو سهڻو انسان به اسانجو دوست آهي جنهن مان اجرڪ جهڙا رنگ نظر ايندا آهن ۔۔۔ سچ پڇو ته هن دفعي جڏهن ڀٽ سرڪار تي حاضري ڀري هيم ته اوهانکي ياد ڪيو هيم پر، ٻارن جي ٿڪاوٽ ۽ سفر جي طوالت سبب اوهانکي دل ئي دل ۾ سلام ڪيو هيم ۔۔۔

    رب اوهانکي سلامت رکي ۔۔۔ آمين
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سهڻي دوست ۽ سنڌ سلامت جي سونهن سائين غلام مصطفى ميمڻ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب کي اسان جي پاران به جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون ،
    سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب جي دل اهڙي صاف جهڙي چٽولٽو ۔۔۔ سچ چوندي، يار رسي ته رسڻ ڏيس واري قول تي عمل پيرا ۔۔۔ پڇڻا نه منجهڻا واري روش ، لائجي ته نڀائجي جهڙيون خوبيون ، مطلب ته هڪ سهڻو، ڏاهو دوستن منجهان آهي ۔

    سندس ملڻ جي حسرت آهي جيڪا اميد ته سائين سليمان صاحب جي تعاون سان جلد پوري ٿيندي

    سنڌ سلامت جو مخلص دوست، نه لالچ نه لوڀ اهڙا سهڻا دوست سنڌ سلامت جي اوطاق تي هوندا آهن ته اسانجي به دل وڏي ٿي ويندي آهي ۽ سنڌ سلامت تي ڪهي ايندا آهيون ۔۔

    رب کيس بري نظر کان بچائي ۔۔۔ باقي لکڻيون هزار يا لک حساب ئي ناهي ۔۔۔ جڏهن ياري ڪئيسون ته حساب ڪهڙا ۔

    سهڻا سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب، اسانجو دل واريون مبارڪون قبول پون ۔۔ ۽ دعائون نيڪ تمنائون قبول پون

    سائين هن فقير فقرا طرفان هي تحفو قبول ڪندا

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو