غلام علي شاهه
سينيئر رڪن
سنڌ جي نالي واري شاعر ، اديب سيد امداد حسيني چيو آهي ته ، سنڌي ٻولي دنيا جي سڀني ٻولين کان شاهوڪار ٻولي آهي، ۽ سنڌي ٻولي جي شاعري سموري دنيا ۾ پنهنجو هڪ تاريخي ثقافتي تشخص پيدا ڪيو آهي، هن اهڙو اظهار ٽنڊو محمد خان ۾ بزم ادب ٽکڙ طرفان ملهايل ادبي مشاعري واري تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته شاعر حساس ٿئي ٿو ، هو پنهنجي اندر جي جزبن کي لفظن جي مالها پوءَ پنهنجي اندر جي احساس کي ظاهر ڪري ٿو، هن چيو ته شاھ لطيف جي دور کان وٺي اڄ تائين سنڌي شاعري پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، موجوده وقت ۾ سنڌي شاعري هن ترقي واري دور ۾ تمام تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، ۽ نوجوان شاعرن ، سنڌي شاعري ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام ٺاهيو آهي، هن چيو ته شاھ عبدالطيف ڀٽائي ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري جو وڏو مان مٿانهون ڪيو آهي، جنهن لاءَ اڄ جي نوجوان نسل کي سنڌي شاعري ۾ نئين جدت ۽ نوان لاڙا پيدا ڪري اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، هن چيو ته اڄ جي نوجوان اديبن ،،شاعرن تي زور ڀريو ته هو ادب ، ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت واري جزبي تحت ادبي سرگرمين ۾ وڌيڪ محنت ڪري سنڌي شاعري ۽ ادب کي هٿي وٺائي پنهنجي پاڻ سڃاڻپ پيدا ڪن، هن ملهايل سنڌي مشاعري واري تقريب کي شاعرن ، اديبن ، سيد شبير حاتف ، سائين عبدالڪريم سومرو ، ابراهيم سنڌي ، مشڪور ڦلڪارو تاج ٽکڙائي ، نثار ناز ، ۽ ٻين پنهنجي نڪور تخليقون ، ۽ شاعري پيش ڪئي. لکندڙ محمد هارون سومرو رپورٽر روزاني سوڀ ٽنڊو محمد خان ۔
غلام علي شاهه ڊسٽرڪٽ رپورٽر ڌرتي ٽي وي ٽنڊو محمد خان sadayeen gud
غلام علي شاهه ڊسٽرڪٽ رپورٽر ڌرتي ٽي وي ٽنڊو محمد خان sadayeen gud