ٽنڊو محمد خان ۾ ٽکڙ جون ادبي خدمتون تاريخ جي نظر ۾ تحت ڪوٺايل سيمينار ۽ سنڌي مشاعرو

'سنڌي ادب' فورم ۾ غلام علي شاهه طرفان آندل موضوعَ ‏27 سيپٽمبر 2009۔

  1. غلام علي شاهه

    غلام علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I m Cameraman in KTN News
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan
    سنڌ جي نالي واري شاعر ، اديب سيد امداد حسيني چيو آهي ته ، سنڌي ٻولي دنيا جي سڀني ٻولين کان شاهوڪار ٻولي آهي، ۽ سنڌي ٻولي جي شاعري سموري دنيا ۾ پنهنجو هڪ تاريخي ثقافتي تشخص پيدا ڪيو آهي، هن اهڙو اظهار ٽنڊو محمد خان ۾ بزم ادب ٽکڙ طرفان ملهايل ادبي مشاعري واري تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته شاعر حساس ٿئي ٿو ، هو پنهنجي اندر جي جزبن کي لفظن جي مالها پوءَ پنهنجي اندر جي احساس کي ظاهر ڪري ٿو، هن چيو ته شاھ لطيف جي دور کان وٺي اڄ تائين سنڌي شاعري پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، موجوده وقت ۾ سنڌي شاعري هن ترقي واري دور ۾ تمام تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، ۽ نوجوان شاعرن ، سنڌي شاعري ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام ٺاهيو آهي، هن چيو ته شاھ عبدالطيف ڀٽائي ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري جو وڏو مان مٿانهون ڪيو آهي، جنهن لاءَ اڄ جي نوجوان نسل کي سنڌي شاعري ۾ نئين جدت ۽ نوان لاڙا پيدا ڪري اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، هن چيو ته اڄ جي نوجوان اديبن ،،شاعرن تي زور ڀريو ته هو ادب ، ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت واري جزبي تحت ادبي سرگرمين ۾ وڌيڪ محنت ڪري سنڌي شاعري ۽ ادب کي هٿي وٺائي پنهنجي پاڻ سڃاڻپ پيدا ڪن، هن ملهايل سنڌي مشاعري واري تقريب کي شاعرن ، اديبن ، سيد شبير حاتف ، سائين عبدالڪريم سومرو ، ابراهيم سنڌي ، مشڪور ڦلڪارو تاج ٽکڙائي ، نثار ناز ، ۽ ٻين پنهنجي نڪور تخليقون ، ۽ شاعري پيش ڪئي. لکندڙ محمد هارون سومرو رپورٽر روزاني سوڀ ٽنڊو محمد خان ۔
    غلام علي شاهه ڊسٽرڪٽ رپورٽر ڌرتي ٽي وي ٽنڊو محمد خان sadayeen gud
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سيد غلام علي شاهه ۽ ادا محمد هارون سومرا صاحب توهان جا لکين ٿورا جو توهان انتهائي جلدي ۽ تيزيءَ سان هي رپورٽ سنڌ سلامت جي ساٿين سان شيئر ڪئي۔ انهي ادبي ميڙاڪي ۾ برابر مان ڀي شريڪ هُئس۔ سڀني ساٿين جي ڄاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو هلان ته هي ادبي ميڙاڪو محمد خان غني ادبي تنظيم ٽکڙ، ٽنڊو محمد خان ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۽ السنگم ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي تعاون سان بپا ڪيو ويو۔ طرحي مشاعرو ” ڏٺا جن خوبصورت خواب سي ناشاد ڏسجن ٿا“ واري سِٽَ تي منعقد ڪيو ويو۔ کوڙ سارا شاعر هُئا جن انهي طرح تي شاعري پڙهي ۔ هڪڙي شاعر محترم محمد سومار ملهار جي پڙهيل خوبصورت غزل جا چند بند توهان سان ونڊ ڪريان ٿو۔
    عوامي حسرتن جا محل هي برباد ڏسجن ٿا
    ڏٺا جن خوبصورت خواب سي ناشاد ڏسجن ٿا
    ــ
    هتي دستور ڪهڙو آ، صفا ڪو گار جهڙو آ
    هتي قيد ۾ ڀاڳيا، چور سڀ آزاد ڏسجن ٿا
    ــ
    بچايو دينِ حق کي جن شهيدن تِن سلاميون هِن
    جنت ۾ سي جهان وارو سدا آباد ڏسجن ٿا۔
    ــ
    اسان جي دل ڪبوتر جيان، عُقابي هر نظر آهي
    کنڀي ويندا اجهو دلڙي، تيار صياد ڏسجن ٿا۔
    ـــ
    جنين ڪارڻ ، عمرساري، پُسايا پاند مون روئي
    ڏسي هن حال مُنهنجي کي الا ! سي شاد ڏسجن ٿا
    ــ
    اڙي ”ملهار“، سنڌوءَ مان رُڳو اُڏري پئي واري
    ڪنارا، ٻيٽ، ڪنڌيون سڀ ڪندي فرياد ڏسجن ٿا۔​

    بهرحال سنڌ سلامت جي دوستن کي انتهائي خوشي انهيءَ ڳالهه جي آهي ته سنڌي زبان جي ٽي وي چينل ڌرتيءَ جو ضلعي رپورٽر سيد غلام علي شاهه سنڌ سلامت سٿ ۾ شامل آهي۔ ادبي خبر ونڊڻ تي اسان جناب محمد هارون سومرو صاحب نمائندو روزاني سوڀ جا پڻ اسين سنڌ سلامت جا جملي ساٿي مشڪور ۽ ممنون آهيون اميد ٿا ڪريون ته ادبي خبرن کان علاوه سنڌي ماڻهن جي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ وارا مضمون سنڌي ماڻهن جي ڄاڻ ۾ اضافي ڪرڻ واريون خبرون هي ٻئي دوست سنڌ سلامت جي اڱڻ تان پوري دنيا جي سنڌين سان ونڊيندا رهندا۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بلڪل سائين اسان کي خوشي سان گڏ فخر جو به احساس آهي ۔۔۔۔
    اميد ساٿ جاري رهندو
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماشاء الله بهترين شيئرنگ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو