سلام باڪردار عورتن کي

نثارابڙو

نائب منتظم

http://imageshack.us

با ڪردار عورت معاشري، سماج ۽ خاندان لاءِ هڪ گهاٽي وڻ جيئان آهي، جنهنجي ڇانوَ ۾ ٿڪيل ٽٽل معاشرا ۽ خاندان جا ڀاتي اچي آرامي ٿيندا آهن، ماءُ جي جهولي، ڀيڻ جو خلوص، زال جو پيار ۽ ڌيءُ جي محبت هڪ مرد لاءِ ايترو ئي ضروري آهن جيترو ... هوا، پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ ... جن معاشرن ۾ عورت جي حالت خراب ۽ غلامانه آهي، انهن معاشرن جي حالت غلامانه ۽ هيٺاهين درجي جي هوندي آهي ...

ياد رکو! عورتون اسان مان آهن ۽ اسين عورتن مان آهيون ... جيستائين عورت ۽ مرد هڪٻئي جا مددگار نه ٿيندا تيستائين ڪو به فرد يا معاشرو ترقي ڪري ئي نٿو سگهو ...

سلام ڪريانٿو ... دنيا جي سڀني باڪردار عورتن کي ... جن ۾ منهنجي ماءُ، منهنجون ڀينرون، منهنجي زال ۽ منهنجيون ڌيئرون به اچي وڃن ٿيون ...
 
جواب: سلام باڪردار عورتن کي

با ڪردار عورت معاشري، سماج ۽ خاندان لاءِ هڪ گهاٽي وڻ جيئان آهي
بلڪل صحيح چيو اوهان سائين شايد انه ن جي ڪري ئي ته اڃ جي عورت ڪنڌ مٿي ڪري هلڻ جي قابل آهي
 
Back
Top