آخرڪار ڪيترن ئي سالن کانپوء اصغر خان ڪيس جي سماعت شروع ٿي آهي۔ پ پ پ خلاف اربين روپين جا فنڊ مخالف سياتدانن کي فوج ۽ آء ايس آء هٿان ورهايا ويا۔ ميمو اسڪينڊل ۾ عاصمه جهانگير جهڙي طرح فوج ۽ آء ايس آء کي وائکو ڪيو هي ڪيس ان کان به وڌيڪ نڪتو۔ پاڪ فوج جي اعلى عهديدارن ۽ آء ايس آء جي پت وائکي ٿي وئي۔
نواز شريف کي 35 لک،
جماعت اسلامي کي 50 لک،
ڄام صادق کي 50 لک
مير افضل خان کي هڪ ڪروڙ،
غلام مصطفيٰ جتوئي کي 50 لک،
غوث بخش بزنجو کي 50 لک،
ظفرالله جمالي کي 40 لک،
پير پاڳاري (شاهه مردان شاهه) کي 20 لک،
همايون مري کي 15 لک،
عابده حسين کي 10 لک،
نادر مينگل 10 لک،
ڄام يوسف کي ساڍا 7 لک،
محمد خان جوڻيجو کي اڍائي لک
۽ سنڌ جي ننڍن سياسي گروپن کي 54 لک رپيا ادا ڪيا ويا۔
فوج،آءِ ايس آءِ جي دٻاءُ تي نوازشريف کي 35 لک ۽ الطاف کي 2 ڪروڙ ڏنا ويا،اسلم بيگ به ساڍا 3 ڪروڙ ورتا:يونس حبيب
اسلام آباد(رپورٽ: گوهر گهانگهرو) آءِ ايس آءِ طرفان سياستدانن ۾ رقم ورهائڻ واري ڪيس جي مک ڪردار يونس حبيب سپريم ڪورٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته 1990ع ۾ ان وقت جي آرمي چيف اسلم بيگ، صدر غلام اسحاق خان ۽ آءِ ايس آءِ جي دٻاءُ وجهڻ تي هڪ ارب 48 ڪروڙ جي رقم مهراڻ بئنڪ مان ڪڍرائي وئي، نوازشريف کي 35 لک، شهباز شريف کي 25 لک، الطاف حسين کي 2 ڪروڙ ڏنا ويا، عدالت 1990ع کان هيل تائين ڳجهن ادارن جي ڪم متعلق رپورٽ طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته انهن ڳجهين شين ئي قوم کي تباهه ڪيو آهي، ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت آڏو اصغر خان، آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سربراهه اسد دراني ۽ حبيب بئنڪ جو اڳوڻو سربراهه يونس حبيب پيش ٿيا، يونس حبيب عدالت آڏو پيش ٿيندي 3 صفحن تي ٻڌل بيان جمع ڪرايو، هن بيان پڙهي به ٻڌايو ته مون کي جيڪو ڪجهه ياد آهي، اهو هن تحرير ۾ بيان آهي ۽ پنهنجي ياد موجب سڀ ڪجهه انهي بيان ۾شامل ڪيو آهي،
يونس حبيب پنهنجي بيان ۾ سنسني خيز انڪشاف ڪندي چيو ته مارچ 1990ع ۾ ان وقت جي آرمي چيف اسلم بيگ فون ڪيو ۽ مختصر گفتگو دوران چيو ته صدر غلام اسحاق خان مون سان ملڻ چاهي ٿو ۽ ان بعد آرمي چيف اسلم بيگ منهنجي صدر پاڪستان غلام اسحاق خان سان بلوچستان هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪرائي، انهي موقعي تي صدر ۽ آرمي چيف چيو ته قومي مفادن جو معاملو آهي، ان ڪري 35 ڪروڙ رپين جو فوري طور بندوبست ڪيو وڃي، سياستدانن ۾ رقم ورهائڻي آهي، مون انڪار ڪيو ته منهنجي مٿان دٻاءُ وڌايو ويو انهي معاملي تي ايف آءِ اي ڪراچي ۾ مون کي تحويل ۾ ورتو هو، ملاقات دوران ان وقت جي آرمي چيف اسلم بيگ چيو هو ته جائز يا ناجائز طريقي سان 35 ڪروڙ جو بندوبست ڪيو وڃي، يونس حبيب جي بيان موجب ان وقت ايترو دٻاءُ هو جو صدر غلام اسحاق خان ۽ آرمي چيف اسلم بيگ جي ڳالهه مڃڻ کانسواءِ ٻيو چارو نه هو، مون رقم جو بندوبست ڪيو، يونس حبيب جي بيان موجب مون کي ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان، آرمي چيف اسلم بيگ،آءِ ايس آءِ سربراهه اسد دراني ۽ اعليٰ ڪاموري روئيداد خان سياستدانن ۾ رقم ورهائڻ لاءِ استعمال ڪيو، يونس خان اهو پڻ چيو ته روئداد خان آصف زرداري خلاف ڪيس ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو پر مان انڪار ڪري ڇڏيو، ايف آءِ اي عملدارن چيو ته رقم جتان به آڻين پر پئسا کپن، انهن ڏينهن ۾ حبيب بئنڪ جو سربراهه هئس، مهراڻ بئنڪ جي لائسنس لاءِ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق کي 7 ڪروڙ ڏنا ويا، سياستدان آءِ ايس آءِ کان پئسا نه پيا وٺڻ چاهين، ان ڪري مون کي استعمال ڪيو ويو، ان عمل تي مان عدالت کان معافي جو طلبگار آهيان، يونس حبيب موجب هڪ ارب 48 ڪروڙ جو بندوبست ڪيو، جنهن مان 35 ڪروڙ سياستدانن کي ڏنا ويا، باقي رقم فوج جي ڀلائي جي اسڪيمن لاءِ رکي وئي ۽ انهي لاءِ سيڙپڪاري ڪئي وئي، ان مان فوج به فائدو حاصل ڪيو،
يونس حبيب عدالت کي اهو پڻ ٻڌايو ته جنرل اسلم بيگ 3 ڪروڙ 50 لک اليڪشن جي نالي تي پڻ گهريا، يونس حبيب انهي معاملي تي عدالت کان غير مشروط معافي ورتي ۽ معاملو عدالت تي ڇڏي ڏنو، يونس حبيب عدالت ۾ پنهنجي تحريري بيان متعلق حلف نامو به پيش ڪيو، جيڪو تصديق شده نه هو، پر عدالت سندس صحت کي نظر ۾ رکندي حلف نامو قبول ڪري ورتو ۽ سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس کي حڪم ڏنو ويو ته ان جي تصديق ڪرائي وڃي ۽ يونس حبيب جي بيان جون ڪاپيون ڌرين کي فراهم ڪيون وڃن، عدالت يونس حبيب کي انهي جو رڪارڊ ڏيڻ لاءِ چيو ته هن چيو ته منهنجي رڪارڊ تائين رسائي ڪونهي، جسٽس خلجي عارف حسين چيو ته توهان اسان کي ٿورو علم ڏيو، انجام تائين اسان پاڻ ئي پهچنداسون، صرف اهو ٻڌايو ته انهي رقم تائين ڪيئن پهچي سگهجي ٿو، ٻڌڻي دوران آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني چيو ته ان ڪيس ۾ آءِ ايس آءِ جو ڪو تعلق ڪونهي، جنهن تي چيف جسٽس کانئس پڇيو ته اوهان حلف نامو ڏنو آهي، توهان في الحال ويهي رهو، وقت تي اوهان کي به ٻڌنداسون، عدالت آڏو آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني ۽ نصيرالله بابر جي جرح جو رڪارڊ پيش ڪيو ويو، جنهن جو عدالت جائزو وٺي ان رڪارڊ کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ان کان اڳ عدالت يونس حبيب کان پڇيو ته ڇا اوهان ان کان اڳ ڪو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي؟، هن جواب ڏنو ته نه ڪو به بيان رڪارڊ ناهي ڪرايو، عدالت کانئس پڇيو ته اوهان پنهنجي بيان کي ڳجهو رکڻ چاهيو ٿا، جنهن تي هن چيو ته ان کي خفيه رکيو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته انهن ڳجهين شين ئي قوم کي تباهه ڪيو آهي، چيف جسٽس حبيب کان پڇيو ته اوهان جيڪي ڳالهيون ڪيون، ان جو ڪو حساب ڪتاب آهي، يونس حبيب يوسف ميمڻ ايڊووڪيٽ جو نالو ورتو، جسٽس طارق پرويز چيو ته يوسف ميمڻ ته پاڻ فائدو ورتو آهي، چيف جسٽس چيو ته توهان ٻِڌايو ته رڪارڊ ڪٿان وٺون، مهراڻ بئنڪ جي صدر کي طلب ڪيون ٿا، سڄو رڪارڊ کڻي ايندو، هڪ ڪتاب به آهي، ”ججز اينڊ جنرل“ ان ۾ به رقم جو بريڪ اپ آهي، چيف جسٽس اهو ڪتاب لائبريري مان گهرائي ورتو، يونس حبيب چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي حڪم تي مهراڻ بئنڪ بند ڪئي وئي، چيف جسٽس چيو ته ڪجهه عدالتي مهرلڳل رڪارڊ ملي ويو آهي، جنهن ۾ اسد دراني ۽ نصير الله بابر جا حلفيه بيان شامل آهن ۽ ان کان علاوه ٽاپ سيڪريٽ لکيل لفافو به مليو آهي، جنهن ۾ حساس ادارن جي ڪم جي متعلق رپورٽ آهي، عدالت دفاع واري وزارت جي نمائندي ڪمانڊر شهباز کي هدايت ڪئي آهي ته هو 1990ع ۾ تازه ترين ڳجهن ادارن جي ڪم متعلق رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جيڪا قوم جي مفاد ۾ ڳجهي رکي ويندي، چيف جسٽس چيو ته ڪجهه وڌيڪ رڪارڊ به دستياب ٿيو آهي، جنهن ۾اسلم بيگ جي نصير الله بابر تي جرح، اسد دراني جي جرح، اسد دراني تي اسلم بيگ جي جرح جو رڪارڊ شامل آهي، جڏهن ته 1989ع ۾ ايئر چيف مارشل ذوالفقار علي خان جو ان وقت جي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي لکيل خط جو رڪارڊ به مليو آهي، سپريم ڪورٽ آفيس کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اسد دراني ۽ نصر الله بابر جي جرح جو وڌيڪ رڪارڊ ڳوليو وڃي،
عدالت يونس حبيب جي بيان تي اڳوڻي آرمي چيف اسلم بيگ ۽ اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه اسد دراني کان اڄ جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي بعد يونس حبيب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته رقم سياستدانن کي آءِ ايس آءِ ۽ ايڊووڪيٽ يوسف ڏني، الطاف حسين کي 2 ڪروڙ، نوازشريف کي 35 لک ۽ شهباز شريف کي 25 لک ڏنا ويا، هن چيو ته عدالت ۾ سڀ ڪجهه سچ ٻڌايو آهي، هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته سياستدانن ۾ رقم ڇو ورهائي وئي، پر مون کي چيو ويو ته جائز يا ناجائز طريقي سان رقم جو بندوبست ڪريان، هن چيو ته سياستدانن کي پئسا ڏيڻ لاءِ 56 بئنڪ اڪائونٽ کولرايا ويا ۽ سيڙپڪاري ڪري فرضي اڪائونٽس کي تحفظ ڏنو ويو، هن چيو ته سياستدانن سڌي ريت رقم وٺڻ لاءِ تيار نه هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهباز شريف کي آصف جمشيد ذريعي 25 لک ڏنا ويا ۽ يوسف ايڊووڪيٽ ذريعي الطاف حسين کي 2ڪروڙ ۽ نوازشريف کي 35 لک ڏنا ويا.

ڪاوش جي عيوضي گوهر گهانگهرو جي اسلام آباد مان رپورٽ
سپريم ڪورٽ ۾ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) اسد دراني بيان جمع ڪرائيندي انڪشاف ڪيو هو ته :
سپريم ڪورٽ ۾ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) اسد دراني بيان جمع ڪرائيندي انڪشاف ڪيو هو ته :
نواز شريف کي 35 لک،
جماعت اسلامي کي 50 لک،
ڄام صادق کي 50 لک
مير افضل خان کي هڪ ڪروڙ،
غلام مصطفيٰ جتوئي کي 50 لک،
غوث بخش بزنجو کي 50 لک،
ظفرالله جمالي کي 40 لک،
پير پاڳاري (شاهه مردان شاهه) کي 20 لک،
همايون مري کي 15 لک،
عابده حسين کي 10 لک،
نادر مينگل 10 لک،
ڄام يوسف کي ساڍا 7 لک،
محمد خان جوڻيجو کي اڍائي لک
۽ سنڌ جي ننڍن سياسي گروپن کي 54 لک رپيا ادا ڪيا ويا۔
ان کانسواءِ ليفٽيننٽ جنرل رفاقت حسين کي صحافين ۾ ورهائڻ لاءِ 56 لک ڏنا ويا، صحافي الطاف حسين قريشي ۽ مولانا صلاح الدين کي 3، 3 لک رپيا ڏنا ويا.
اصغر خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته آرمي آفيسرن تي ڪيس هلڻ گهرجي، جن پنهنجي حلف جي خلاف ورزي ڪئي ۽ عوام جي پئسن کي استعمال ڪري قومي مفاد جو نالو ڏنو ۽ مقصد صرف اهو هو ته پيپلز پارٽي کي چونڊن ۾ شڪست ڏني وڃي،

هي ڪيس سپريم ڪورٽ لاء هڪ نئون چيلينج ۽ امتهان آهي ته ڪيئن سابق فوجي سربراهن خلاف ڪاروائي ٿي ڪري۔ هي ڪيس ميمو اسڪينڊل ۽ وزير اعظم تي توهين عدالت ڪيس کان به وڏو آهي پر افسوس جو ميڊيا اڃان به جانبداري وارو ڪردار ادا ڪندي هن ڪيس کي اها اهميت ناهي ڏني جيڪا توقع ڪئي پئي وئي۔