جواب: 23 مارچ آزادي مارچ ___ بينر
سائين نثار سلام
اهائي ته ڳالهه آهي. جڏهن ماڻهو اڪيلو اڪيلو ٿي وڃي، ڇڙ وڇڙ رهي ۽ الڳ الڳ ڪُني چاڙهيو ويٺو هجي ته پوء سنڌ جي اجتمائي مفادن کي حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اهڙي وقت ۾ ماڻهو به ساٿ ڪونه ٿا ڏين.
ڏسون ته اسان جا قومي اڳواڻ ڪڏهن ٿا انائن کي دفن ڪري هڪ ٿي هڪ منزل طرف گڏجي وڌن. جيڪو مونکي ته ناممڪن ٿو نظر اچي، پر پوء به نااميدي جو مطلب ڪفر هوندو تنهنڪري اميد جو دامن ڪونه ٿو ڇڏيان۔