• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

23 مارچ آزادي مارچ ___ بينر

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ آرزو
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

آرزو

سينيئر رڪن
23 مارچ آزادي مارچ ___ بينر

vzbtc5.jpg
[/IMG]​
 
جواب: 23 مارچ آزادي مارچ ___ بينر

ادا سائين ضرور اچو ۔۔۔۔ ڪراچي ۾ اوهان دوستن کي ڀليڪار ڪبي ۽ خدمت به ڪبي۔

قومي جذبو رکندڙ دوستن کي سلام آهي۔
 
جواب: 23 مارچ آزادي مارچ ___ بينر

سنڌ جي ڪري مون وقت جي خدائن سان بغاوت ڪئي آهي ۽ سنڌ جي ڪري ئي ذرن کي آفتاب جو روپ ڏيندو رهيو آهيان.آءُ سنڌ جي ڪري عقابن سان اٽڪيو آهيان ۽ ماڪوڙين کان هاٿين جي هلاڪت جا حيلا هلايا اٿم.

سائين جي ايم سيد

http://imageshack.us
 
جواب: 23 مارچ آزادي مارچ ___ بينر

آرزو! واھ واھ! شڪارپور جي سنڱت کي اسان ويلڪم ڪنداسين ٽيويھ مارچ تي دوست وڌ کان وڌ شرڪت ڪن۔
اوھان جي ونڊ مٿان سائين نثار جي ونڊ بلڪل ائين آھي جيئن چاندي مٿان سون جو پاڻي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جيئو دوستو جيئو۔
 
جواب: 23 مارچ آزادي مارچ ___ بينر

سائين نثار سلام

اهائي ته ڳالهه آهي. جڏهن ماڻهو اڪيلو اڪيلو ٿي وڃي، ڇڙ وڇڙ رهي ۽ الڳ الڳ ڪُني چاڙهيو ويٺو هجي ته پوء سنڌ جي اجتمائي مفادن کي حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اهڙي وقت ۾ ماڻهو به ساٿ ڪونه ٿا ڏين.

ڏسون ته اسان جا قومي اڳواڻ ڪڏهن ٿا انائن کي دفن ڪري هڪ ٿي هڪ منزل طرف گڏجي وڌن. جيڪو مونکي ته ناممڪن ٿو نظر اچي، پر پوء به نااميدي جو مطلب ڪفر هوندو تنهنڪري اميد جو دامن ڪونه ٿو ڇڏيان۔
 
جواب: 23 مارچ آزادي مارچ ___ بينر

بيشڪ ادا سليمان جيستائين اسانجي انهن سڀني اڳواڻن کي پنهنجيون انائون ماري سنڌ خاطر سر جي قرباني ڏيڻ لاءِ پاڻ تيار ناهي ڪيو تيستائين هو ائين ئي پاڻ ۾ وڙهندا ۽ ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي بجاءِ سنڌ کي فائدو ڏيڻ جي نقصان ڏيندا ۔۔۔ اڄ مون ڪنهن جاءِ تي پڙهيو ته ؛

خواهشون بادشاهن کي به غلام بڻائي ڇڏينديون آهن
۽
صبر غلام کي به بادشاه بڻائي ڇڏيندو آهي

اسانجا سنڌي اڳواڻ ۽ قومپرست ڪارڪن جيستائين سنڌي پرست ٿي سنڌين لاءِ پنهنجون خواهشون قربان نه ڪندا تيستائين منزل ملڻ ته ڇا بلڪه سنڌين کي منزل کان ڏور ڪري ڇڏيندا ۽ جيڪو ڪم هاڻ هلي پيو ۔۔۔

جيڪڏهن هاڻ به سنڌي اڳواڻن ڪو گڏيل ميدان ناهي سجايو ته پوءِ تاريخ کين ڪڏهن به معاف نه ڪندي

اچو ته سنڌ بچايون جي نعري تحت گڏ ٿي وڃون
 
Back
Top