ساگا جي ڪهاڻي (الطاف شيخ)

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ساگا جي ڪهاڻي
    الطاف شيخ

    [JUSTIFY]سنگاپور جو ٻيٽ جاگرافيائي طور اهڙي هنڌ تي آهي جو مختلف سمنڊن مان گذرندڙ جهاز سنگاپور وٽان ضرور لنگهن ٿا. اسان جو به جهاز ذريعي سنگاپور سٺ جي ڏهي جي آخري سالن کان اچڻ شروع ٿيو. سٺ واري ڏهي توڙي ستر جي شروع وارن سالن تائين، سنگاپور هڪ امير ملڪ نه هو. سنگاپور اهو ملڪ آهي جنهن ۾ نه لوهه آهي نه ٽامو، گئس آهي نه ڪوئلو، پوک لاءِ به زمين نه آهي ۽ اچي به ڪٿان. ننڍڙو ٻيٽ جنهن ۾ ماڻهن جي رهائش لاءِ ئي پوري ساري زمين آهي. ايتري قدر جو سنگاپور ۾ ته پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي. اهو به اڄ ڏينهن تائين ملائيشيا مان خريد ڪن ٿا. هو اسان وانگر ڪڻڪ، ڪپهه، ميوو يا ايران ۽ سعودي عرب وانگر پيٽرول وڪڻي پئسو نٿا حاصل ڪن. پر سروس يعني خدمت ڪرڻ ذريعي ئي ڪمائين ٿا. مختلف ملڪن جا جهاز اچن ٿا انهن جي سروس ڪري پئسو ڪمائين ٿا. مختلف ملڪن جا سياح اچن ٿا جن کي وڪڻڻ لاءِ هو مختلف ملڪن مان سامان گهرائين ٿا. بهرحال اڄڪلهه هو ملائيشيا کان به خوشحال آهن. آئون گذريل صدي جي سٺ واري ڏهي جي ڳالهه ٿو ڪريان جڏهن باقي دنيا به اڃان گهڻو ماڊرن نه ٿي هئي ۽ سنگاپور ته هڪ ڳوٺ مثال هو. هي وئلنٽائين ڊي وغيره ملهائڻ ۽ ان تي ڪارڊ ۽ گفٽ ڏيڻ اڄ جو فئشن ٿيو آهي نه ته مون کي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ سنگاپور ۾ پنهنجي گرل فرينڊ يا زال کي ساگا ٻج ڏيڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو سهڻو ۽ پيار ڀريو تحفو نه هو. اهو ئي حال ڪاز وي (سنگاپور ۽ ملائيشيا کي ڳنڍيندڙ پُل) جي ٻئي پاسي ”جوهور بارو“، پينانگ ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ هو.

    ساگا ٻج جن تان ملائيشيا وارن پنهنجي لاڏلي ڪار تي نالو رکيو آهي اڄ به هڪ پياري ۽ سهڻي شيءِ سمجهيو وڃي ٿو. ان بابت پنهنجي جهاز ران ڪمپني جي سنگاپور آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ چيني ڪلارڪ ڇوڪري ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي ته ڪنهن ملڪ ۾ وڏي جنگ لڳي. پنهنجي ملڪ جي بچاءَ لاءِ هڪ بهادر شهري پنهنجي زال کي گهر ڇڏي دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جنگ جي ميدان تي پهتو. پنهنجي مڙس جي جدائيءَ ۾ هيءَ زال هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ويهي ڳوڙها وهائڻ لڳي ۽ دعا ڪرڻ لڳي ته هن جو پيارو واپس اچي وڃي. پر، هو هرگز نه موٽيو.

    هوءَ صبح کان شام تائين روزانو پنهنجي مڙس جي ياد ۾ رئندي رهي، تان جو هن جي اکين جو پاڻي ئي سڪي ويو. هاڻ ڳوڙهن بدران هن جي اکين مان رت ٽمڻ لڳو ۽ اهي رت جا ڦڙا ڳاڙهي رنگ جي ٻجن جي شڪل ۾ زمين تي ڪرڻ لڳا.

    ڏسندي ئي ڏسندي انهن ٻجن مان ٻوٽا ڦٽي وڻ ٿيڻ لڳا جن ۾ ڦرين جي شڪل ۾ ميوو ٿيڻ لڳو جن جي اندر اهڙا ئي سهڻا ڳاڙها ٻج هئا. اهي ٻج ان وقت ياد جون ڦريون “Remembrance Beans” سڏجڻ لڳيون. انهن ڦرين مان نڪرندڙ هي کهنبي رنگ جو ٻج اڄ ڏينهن تائين وفادار عورت جي پنهنجي مڙس لاءِ سڪ ۽ انتظار جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. سنگاپور، ملائيشيا ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ اڄ ڏينهن تائين اها رسم هلندي اچي ته ٻئي سان پنهنجي سڪ ۽ پيار جو اظهار ڪرڻ لاءِ ساگا ٻجن جي ڀريل بوتل تحفي طور ڏني وڃي ٿي.

    اسان کي ته جوانيءَ جي ڏينهن ۾ به ڪنهن چينياڻيءَ يا ملئياڻيءَ کان ساگا ٻجن جو تحفو نصيب نه ٿيو پر پاڻ ئي همت ڪري سنگاپور جي آرچرڊ روڊ جي پاسن تي لڳل ساگا ٻجن جي وڻن ۽ مندائي ۽ بڪت پنجانگ وارن علائقن جي وڻن مان ڪريل ڦرين مان ٻج ڪڍي گڏ ڪيا هئم. اها جهاز هلائڻ وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي يعني سٺ ۽ ستر واري ڏهي جي. ان بعد اسي واري ڏهي ۾ هن شهر ملاڪا جي آئر ڪيروح ۽ ڪيمپ ٽرنڊاح وارن علائقن مان لنگهندي چڱا خاصا ساگا ٻج چونڊيا هيم جيڪي اڃا تائين مون وٽ موجود آهن. جيڪي ماڻهو هنن ٻجن جي رنگ روپ ۽ چمڪ جي تعريف ڪن ٿا انهن سان آئون سهمت آهيان. هنن ٻجن کي ڏسي مينهن وساڙا ياد ٿا اچن. انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ هالا ۾ نه اڃان بجلي آئي هئي ۽ نه موٽر لارين ۽ پاڻي جي پمپن ۽ پکن جا آواز هئا. گهر ۾ ڪچا فرش هئا. مينهن وسڻ تي ڏينهن جو ڳاڙها، مخمل جي کل جهڙا مينهن وساڙا نظر ايندا هئا ته رات جو تارن وانگر ٽمڪندڙ کڙکٻيتا.

    ڪي ڪي ٻج هونءَ به سهڻا ٿين ٿا. ننڍي هوندي مون ڪيتريون ئي گدامڙيءَ جون ککڙيون گڏ ڪيون هيون. خبر نه آهي ٻج سونهن جي ڪري پسند هئا يا جُوا جي چوس ڪري. اسان جي محلي ۾ رهندڙ ٻار گدامڙي جي ککڙين تي اکر ڀوري راند ڪندا هئا. ان جي عادت مون کي به اهڙي ته پئجي وئي جو ستين ڪلاس بعد ڪئڊٽ ڪاليج ۾ به ياد ڪندو رهندو هوس ۽ موڪلن تي ڳوٺ اچڻ تي گهٽيءَ ۾ ويهي کيڏندا هئاسين. پوءِ چڱو جو اسان جي پيءُ جي مامي ماستر محمد وريل کي خبر پيئي جنهن دڙڪا ڏيئي ۽ ڪجهه سمجهاڻيون ڏئي اها عادت ڪڍي. پوءِ به ڪي مهينا ٻين ٻارن کي کيڏندو ڏسي دل ڏاڍو سٽون کائيندي هئي. پر آخرڪار ننڍي هوندي ئي عادت نڪري وئي ۽ ڳالهه به وسري وئي ته ڪو مون سال ٻه جوا کيڏي هئي. ان بعد جهاز تي ڪيترن جهازي آفيسرن کي سڄي سڄي رات تاش جي پتن سان جوا کيڏندو ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته هو ڇو ٿا پنهنجو وقت ضايع ڪن ۽ جڏهن اهو سوچيندو آهيان ته هو جوا ڇڏين ڇو نٿا ته مون کي اهي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد اچي ويندا آهن ۽ احساس ٿيندو آهي ته هن ۾ ڪيڏي ڪشش آهي جو ڇڏڻ تي دل نٿي چوي ۽ آئون سمجهان ٿو ته سگريٽ ۽ ٻئي نشي وانگر جوا جو به پنهنجو نشو آهي جنهن ۾ ڪو ٻار هڪ دفعو ڦاسي ٿو ته هن لاءِ ڇڏڻ محال ٿيو پوي ۽ مائٽن تي ئي فرض ٿئي ٿو ته هو ٻار تي نظر رکن ۽ هن کي اهڙين عادتن جي ويجهو اچڻ کان بچائين.

    بهرحال پاڻ هتي ساگا ٻجن جي ڳالهه پئي ڪئي جيڪي ملائيشيا ۾ ٺهندڙ پهرين ڪار ”پروٽان ساگا“ جي نالي تي ياد آيا. هن تاريخي شهر ملاڪا جي رستن تي نه فقط ساگا ڪارون نظر اچي رهيون آهن پر انهن جي ڪنارن تي ساگا ٻجن جا وڻ پڻ. ڳاڙهي رنگ جي چمڪ وارن هنن ٻجن کي هتي ملائيشيا ۾ ته ساگا سڏيو وڃي ٿو پر سنگاپور ، جتي جي 80 سيڪڙو عوام چيني آهي، هن ٻج کي چيني زبان ۾ زيانگ سِي تائو Xiang si tou سڏين ٿا. ڪٿي مون پڙهيو هو ته سنگاپور ٻيٽ تي ساگا ٻجن جا ٻه هزار کن وڻ آهن.

    ساگا ٻج هٿ ڪرڻ ڏکيو ڪم ناهي. عملداس جي وڻ جهڙيون ڦريون سڪڻ تي پاڻهي ڦاٽي پون ٿيون جن مان ٻج ڪڍي سگهجن ٿا. ملاڪا ۾ جتي آئون رهندو هوس ان ڳوٺ جو نالو ڪئالا سنگائي بارو آهي جنهن کان چار پنج ڪلوميٽر اڳيان سمنڊ جي ڪناري تي مهاڻن جو ڳوٺ آهي جتي رهندڙ اسان جي نيول اڪيڊمي جي ڊرائيور سبتوءَ جي گهر ۾ ساگا ٻجن جا ٻه وڻ هئا. انهن جو ٻج ڪڍي مون ڪيترائي دفعا پنهنجي گهر اڳيان پوکڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن مان سلو ڦٽي نه سگهيو. پوءِ هڪ ملئي مالهيءَ ٻڌايو ته ساگا جي ٻاهرين کل بيحد سخت هجڻ ڪري هن کي پوکڻ کان اڳ ٿورو کرچڻو پوي ٿو يا انهن ٻجن کي منٽ کن پاڻيءَ ۾ ڪاڙهڻ کپي يا گندرف جي تيزاب ۾ ٻوڙي پوءِ پوکڻ سان ڦوٽهڙو ٿي سگهي ٿو. ان تي مون کي سريلنڪن زميندار راجا سنگام جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي جنهن ڪولمبو جي ٻهراڙي واري جنگلات جو سير ڪرائيندي ڪجهه وڻن بابت ٻڌايو هو ته انهن جي پوک ۾ هاٿي ئي مدد ڪن ٿا اسان لاءِ اهو ڏکيو ڪم آهي.

    هن ٻڌايو ته ڪيترن وڻن جا ٻج جڏهن هاٿي کائي پوءِ جڏهن ڇيڻ لاهين ٿا ته مينهن وسڻ تي اهي ڦٽيو پون. هاٿي جڏهن وڻن جون ٽاريون پٽي کائين ٿا ته انهن ۾ لڳل ميوو ۽ ٻج به هنن جي پيٽ ۾ هليا وڃن. ڏينهن ٻن اندر هنن جي پيٽ ۾ ٻيو ته سڀ ڪجهه هضم ٿي ڇيڻ بڻجي وڃي ٿو پر ساگا جهڙا سخت ٻج ثابت حالت ۾ نڪريو اچن. انهن ٻجن کي هاٿيءَ جي Digestive system ۾ اها treatment مليو وڃي جيڪا اسان کين منٽ کن ڪاڙهڻ يا تيزاب ۾ ٻوڙڻ سان ڏيون ٿا. بلڪه اسان کان ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ ڪڙهيو وڃن پر قدرت جانورن جي هاضمي ۾ اهڙو سسٽم رکيو آهي جو انهن جي پيٽ مان لنگهڻ بعد هر ٻج جي germination ٿيو وڃي.

    ساگا سان واسطو رکندڙ هڪ ٻي به مشهور ڪهاڻي آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته ڏور اوڀر جي ڪنهن ملڪ جو بادشاهه جڏهن بنهه پوڙهو ٿيو ته هن جيئري ئي پنهنجو ڪو گادي نشين چونڊڻ جو فيصلو ڪيو. پنهنجي ڪنهن نائب، وزير يا پٽ کي بادشاهه بنائڻ بدران هن ڪو مختلف ڪم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. هڪ ڏينهن هن پنهنجي سلطنت ۾ رهندڙ نوجوان ٻارن کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ هنن کي چيو:
    ”منهنجي خيال ۾ ته اهو وقت اچي چڪو آهي جو آئون تخت و تاج تان دستبردار ٿيان ۽ پنهنجو جاءِ نشين بادشاهه چونڊيان. مون اهو فيصلو ڪيو آهي ته توهان مان ڪنهن هڪ کي آئيندي جو بادشاهه مقرر ڪريان.“

    اهو ٻڌي ٻارن کي حيرت ٿي پر بادشاهه سلامت پنهنجو ڪلام جاري رکندي چيو: ”آئون توهان مان هر هڪ کي هڪ خاص قسم جو ٻج ڏيان ٿو جنهن جو نالو ساگا آهي. توهان اهو گهر کڻي وڃو ۽ ان کي ڪنهن ڪونڊيءَ ۾ پوکيو. سلو نڪرڻ تي ان جو خيال رکو، پاڻي ڏيندا رهوس جيئن اهو هڪ صحتمند ٻوٽو ٿئي. پوري سال بعد توهان اچي مون کي ڏيکارجو ته توهان هن ٻج مان ڇا پئدا ڪيو آهي. پوءِ آئون توهان مان جنهن کي به چونڊيندس اهو هن ملڪ جو بادشاهه مقرر ڪيو ويندو.“

    هنن ٻارن ۾ هڪ لِنگ نالي ٻار پڻ هو جنهن کي پڻ ٻين ٻارن وانگر هڪ ساگا ٻج مليو. گهر پهچي هن خوشيءَ مان پنهنجي ماءُ کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن پنهنجي پٽ لاءِ هڪ ڪونڊي خريد ڪري ان ۾ مٽي وڌي ۽ لِنگ کي اهو ٻج پوکڻ ۾ مدد ڪئي. لنگ روزانو پنهنجي پوکيل ٻج کي وڏي خبرداريءَ سان پاڻي ڏيڻ لڳو ۽ وڏي غور سان ڏسندو رهيو ته ڪڏهن ٿو ان مان سَلو ڦٽي. اٽڪل ٽن هفتن بعد، ڪجهه ٻار پنهنجي ٻج جي ڦوٽاڙي ۽ ان مان وڌندڙ سلي جي ڳالهه ڪرڻ لڳا.

    لِنگ روزانو پنهنجي ٻج کي ڏسندو رهيو پر هن کي ان مان ڪا به شيءِ ڦٽندي نظر نه آئي. ٽي هفتا، چار هفتا ۽ پنج هفتا به گذري ويا پر ڪجهه ظاهر نه ٿيو. جتي ٻيا ٻار پنهنجن ٻوٽن بابت ٻڌائڻ لڳا ته هاڻ هنن ۾ چار پن ٿيا، هاڻ ڏهه پن ٿيا آهن اتي لنگ کي ٻڌائڻ لاءِ ڪا خوشخبري نه هئي. هن کي بازي هارائڻ جو احساس ٿيڻ لڳو. ڇهه مهينا گذري ويا ته به لِنگ جي ڪونڊي خالي رهي.

    لنگ سمجهي ويو ته گهٽ يا وڌ پاڻي ڏيڻ ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري هن جو پوکيل ٻج سڙي ويو آهي. هر ٻار جو پوکيل ٻج وڏو ٻوٽو بڻجي ويو پر هن جي ڪونڊي پهرين ڏينهن وانگر خالي هئي. لنگ فقط ٻين ڇوڪرن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو، پاڻ هنن کي ڇا ٻڌائي! هن اڃان به اُميد نه لاٿي ۽ ٻج جي ڦٽڻ جو انتظار ڪندو رهيو. اهڙي طرح سڄو سال گذري ويو ۽ ملڪ جا ٻار پنهنجا ٻوٽا کڻي بادشاهه سلامت جي چڪاس لاءِ درٻار ۾ پهتا. لنگ پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو ته هو خالي ڪونڊيءَ سان بادشاهه سلامت جي خدمت ۾ ڪهڙي منهن سان حاضر ٿئي. پر هن جي ماءُ لِنگ کي چيو ته نه ان معاملي ۾ ايماندار ٿيڻ کپي ۽ بادشاهه کي ڀلي حقيقت جي خبر پوي ته تو هن طرفان ڏنل ٻج جي صحيح طرح پرگهور نه لڌي.

    لِنگ کي ڏاڍي شرمندگي ٿي پر هن ڄاتو ٿي ته هن جي ماءُ صحيح ٿي چوي. هو پنهنجي خالي ڪونڊي کڻي بادشاهه جي محل ۾ پهتو جتي سڀني کي گهرايو ويو هو. لِنگ ٻين ٻارن جي هٿن ۾ خوبصورت ٻوٽا ڏسي حيران ٿي ويو. هر هڪ بيحد سهڻو لڳي رهيو هو. لِنگ پنهنجي خالي ڪونڊي کڻي پٽ تي رکي ۽ مٿس ڪيترائي ٻار کلڻ لڳا. ڪيترن کي ته لِنگ تي افسوس به ٿيو. هڪ ٻن ڄڻن ٽوڪ طور اهو به چيو: ”لِنگ واهه جي ڪوشش ڪئي اٿئي.“

    بادشاهه اچڻ سان سڀني ٻارن کي کيڪاريو ۽ ٻارن جي آندل ڪونڊين جو جائزو ورتو. ”او توهان ڪهڙا ته سٺا ٻوٽا، وڻ ۽ گل آندا آهن“، بادشاهه چيو، ”اڄ توهان مان ڪو نه ڪو ضرور مستقبل جو بادشاهه مقرر ٿيندو.“

    اتي بادشاهه جون نظرون پٺيان بيٺل لِنگ ۽ ان جي خالي ڪونڊيءَ تي پيون. هن پنهنجن سپاهين کي حڪم ڏنو ته کيس هيڏانهن اڳيان وٺي اچو. لِنگ ڏڪي ويو. هن کي دل ۾ خيال آيو ته بادشاهه سلامت منهنجي ناڪاميءَ تي مون کي ضرور سزا ڏيندو. لِنگ جڏهن اڳيان آيو ته بادشاهه هن کان نالو پڇيو.
    ”منهنجو نالو لِنگ آهي.“ هن جواب ڏنو.

    سڀ ٻار ٽهڪ ڏئي هن کي چيڙائڻ لڳا. بادشاهه سڀني کي ماٺ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان بعد هن لِنگ ڏي نهاريو ۽ پوءِميڙ ڏي ڏسي اعلان ڪيو: ”پنهنجي نئين بادشاهه کي ڏسو! هن جو نالو آهي لِنگ.“
    لنگ کي يقين ئي نه پئي آيو. ڄڻ ته خواب ڏسي رهيو هجي. هو ته ٻج به پوکي نه سگهيو. اهو ڪيئن ٿي ٿو سگهي ته هن کي بادشاهه بنايو وڃي.

    ان بعد بادشاهه چيو: ”هڪ سال اڳ اڄ جي ڏينهن تي، مون توهان مان هر هڪ کي هڪ ساگا جو ٻج ڏنو هو. مون توهان کي چيو هو ته ان کي ڪونڊيءَ ۾ وڃي پوکيو، ان کي پاڻي ڏيو ۽ ان جو خيال رکو. سال بعد مون وٽ کڻي اچو. هڪ ڳالهه ٻڌايان ته مون توهان کي جيڪي ساگا ٻج ڏنا، انهن کي تمام گهڻو ٽهڪائي پوءِ ڏنا هئا جيئن اهي ڦٽي نه سگهن. سواءِ لِنگ جي توهان ساگا جا ٻوٽا کڻي آيا آهيو. جڏهن توهان ڏٺو ته مون طرفان ڏنل ٻج نٿو ڦُٽي سگهي ته پوءِ توهان ان جي بدران ٻيو ٻج پوکيو. توهان سڀني ۾ فقط لِنگ همٿ وارو ۽ ايماندار ڇوڪرو آهي جيڪو مون وٽ مون واري ٻج واري ڪونڊي کڻي آيو آهي، ان ڪري هي ئي هڪڙو آهي جيڪو بادشاهه ٿيڻ جو حقدار آهي.

    بهرحال اها ته ٿي هڪ قسم جي سچي يا ڪوڙي ڪهاڻي. ساگا ٻجن بابت هڪ حيرت انگيز ڳالهه لکندو هلان ته ساگا جو هر ٻج، ڀلي کڻي شڪل ۾ ٻئي سان نه ملندو هجي پر تور ۾ سڀ برابر آهن. چيو وڃي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾ انڊيا ۾ سون ساگا ٻجن سان توريو ويو ٿي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اڄ به ساگا جو ٻج سون جي تور جو ماپو آهي. چار ٻج هڪ گرام برابر ٿين ٿا.

    [/JUSTIFY]

    الطاف شيخ جي فيسبوڪ وال تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو